1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

فاتح سنڌ محمد بن قاسم رحمه الله ۽ يوم باب الاسلام خصوصي ايڊيشن

'تاريخ جي دري' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2013۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    لنڪ 1
    ڊاڪٽر حافظ محمد ثاني
    لنڪ 2علامه ڪوڪب نوراني اوڪاڙوي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI



    حزب الله آءِ سومرو
    10 رمضان المبارڪ سنه 93هه اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن سنڌ باب الاسلام بڻي اهو قدرت پاران سنڌ واسين لاءِ هڪ تحفو هيو نه ته عرب مسلم حڪمران هتان جي حڪمرانن پاران باغين کي پناهه ڏيڻ، ايرانين جي مسلمانن جي مقابلي ۾ مدد ڪرڻ ۽ سرحدي ڇيڙ ڇاڙ کي محض ان ڪري نظر انداز ڪيو ٿي ويو ته ايڏي وڏي ملڪ سان ٽڪرائجڻ جي سگهه وٽن ڪونه هئي پر چوندا آهن ته ”تنگ آيد بجنگ آيد“ آخر قافلي جي لٽجڻ ۽ ان ۾ موجود مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قيد، گورنر حجاج بن يوسف کي تڙپائي وڌو. هن خليفي کي خرچ ۽ فوج جي تياري جي معاملي تي وڏي ڪوشش کان پوءِ راضي ڪري ورتو ته هاڻي ظلم جي انتها ٿيڻ کپي ۽ راجا ڏاهر جي غير واجبين جو جواب ڏيڻ کپي. آخر ڪجهه ٻين جنگي مهمن جي ناڪاميءَ بعد عظيم الشان سپہ سالار محمد بن قاسم کي هن محاذ تي موڪليو ويو. جنهن تمام ٿوري فوج سان راجا ڏاهر جي وڏي فوج کي سندس ملڪ ۾ اندر اچي شڪست ڏني. ايتري ننڍڙي فوج، وڏي فوج کي سندس ملڪ ۾ شڪست ڪيئن ڏني؟ آهي نه عجيب ڳالهه؟ هڪڙو چڀندڙ سوال آهي جيڪو ڪيترن موضوعن ڏانهن اشارو ڪري ٿو. تاريخ جو مطالعو ان جو جواب رکي ٿو جنهن کي مڃڻ کان چاروئي نه آهي، ان سوال کان اهو چئي نٿو نٽائي سگهجي ته ”تاريخ عربن لکي آهي!“ ڇو ته اهو سوال بدستور قائم رهندو ته ٻاهرين ٿوري فوج، ملڪ جي وڏي فوج کي سندس سرزمين تي اچي شڪست ڪيئن ڏني؟ ڇا ان مان اهو پتو نٿو پوي ته هتان جي فوج جو ذرو ذرو نه ٿي وڃي ها ۽ اهي هتي سو، سوا سو سالن تائين حڪومت هلائي سگهن ها ڇا؟ ڇا اها ڳالهه ثابت نٿي ٿئي ته هتي ٻين حڪومتي نااهلين سان گڏ عوام ۾ ڏڦيڙ هو. بدامني هئي. هتان جي حڪومت کي سندس ظلمن ڪري عوامي حمايت حاصل نه هئي. بهرحال راجا ڏاهر جي بيوقوفين هڻي هنڌ ڪيو، طاقت جي نشي سندس انت آندو ۽ هي علائقو غازي محمد بن قاسم جي اچڻ سان باب الاسلام بڻيو.
    اسلام جون رحمتون نه فقط مسلمانن سان پر غير مسلمن لاءِ عام ٿيون، ڪنهن کي زوري مسلمان نه بڻايو، اخلاق ۽ عزت ڏيڻ ذريعي هتان جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو جو هتان جي غير مسلمن سندس بت بڻائي پوڄيو. سنڌ جي باب الاسلام ٿيڻ سان ٻيا ته گهڻا سٺا ڪم ٿيا پر اڳ هتي ڇا هو؟ ۽ پوءِ ان کي تبديل ڪرڻ جو جيڪو آغاز ٿيو اهو ان 10 رمضان 93هه جي فتح سبب ممڪن بڻيو. هتان جو معاشرو ٻڌ اڪثريت جو هو، مٿن برهمڻ اقليت جي حڪومت هئي جن هتي جي معاشري کي چئن طبقن برهمڻ، کتري، ويش ۽ شودر ۾ ورهائي ڇڏيو هو، ان طبقاتي نظام جو ظالماڻا رُخ اهي هئا جو هڪ علائقي ۽ هڪ مذهب جا ماڻهو هڪ ٻئي کان پري هئا ڇو ته هڪڙا اڇوت ۽ پليد هئا جن سان ملڻ سان سان ٻيا ماڻهو پليت پئي ٿيا.
    تعليم جو حق هڪ طبقي برهمڻ تائين محدود هو، حڪومت جو حق کتريءَ تائين محدود هو ٻنهي طبقن مذهب ۽ فوج جي طاقت ذريعي عوام کي جانورن وانگر ٿي هڪليو. ڪو ماڻهو غازي محمد بن قاسم جي آمد کي ڀلي سٺو نه سمجهي پر هن وٽ مٿين حقيقتن مڃڻ کان سواءِ ڪهڙو چارو آهي؟ 10 رمضان 93 هه تي غازي محمد بن قاسم جي فتح ان ظالمانه نظام کي ته ٽوڙڻ جو آغاز ڪيو! پوءِ ڇو نه ان ڏينهن کي سنڌ واسي پنهنجي لاءِ رحمت ڀانئي ملهائين ۽ غازي محمد بن قاسم جا ڳڻ ڳائين؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,680
    ورتل پسنديدگيون:
    1,189
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    راجا ڏاهر جي غير واجبين جو جواب ڏيڻ کپي
    ھاڻي ھي سومرو غلط آ يا ته سومرو تاريخ ۽ سنڌين جي شاھدت کان نا واقف آ۔
    ڳالھ آ ته راجه ڏاھر حملو ڪيو ڇو ؟ سنڌ ۽ سنڌين ھن جو ڇا بگاڙيو ھُو؟ ھي اچي ڪري پنھنجي دين جي جائز طريقي سان تبليغ ڪري ھان، ڏاڍ سان ڪو به مذھب ماڻھون اپنائي ڪون ٿو سگھي، مذھب کي اپنائڻ لا دل جو راضي ھجڻ لازمي آھي، ھي فاتح نه فاتح راجه ڏاھر ھُيو، ھي ظالم وات ڳاڙهو ڇوڪرو سنڌ ڌرتي تي اچي اسلام جي نالي تي ڪاھ ٿو ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!! وڌيڪ لکڻ جي ھمٿ آھي پر ٺھيو!
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,185
    ورتل پسنديدگيون:
    2,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي


    ڳالھ جزبات جي ناهي ليڪن سوچڻ گهرجي ته ڇا محمد بن قاسم کان پهريان به ڪي اسلام جا آثار ملن ٿا هن ڌرتي تي جيسيتائين مون پڙهيو اهي ته امام زين العابدين جي هڪ گهرواري پڻ سنڌياڻي هئي والله عالم بثواب۔
    وسلام
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,478
    ورتل پسنديدگيون:
    5,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملو ۽ سنڌ جي فتح تي هميشه ٻه مختلف خيال رهيا آهن۔بد قسمتي سان اسان مان اڪثر دوست راجا ڏاهر کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ هيرو ۽ محمد بن قاسم کي دولت جي لالچ ۾ سنڌ تي ڪاهه ۽ ناجائز قبضو ڪندڙ سمجهن ٿا۔ درست ۽ حقيقي تاريخ کي ڳولهڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي ۽ سچائي ڇا آهي ان بابت ڪير به يقين سان نه ٿو چئي سگهي۔ مون هڪ معلوماتي ڪتاب مان محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي بابت ڪجهه اهم تاريخي واقعا نوٽ ڪيا آهن۔ انشاالله هڪ ٻن ڏينهن ۾ نئين موضوع ۾ انهن کي ونڊ ڪندس۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,798
    ورتل پسنديدگيون:
    2,036
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڄامشورو
    حضرت عمر رضه جي زماني ۾ هڪ لشڪر هند سنڌ جي ساهلي علائقن کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو ، پر خليفي هن مهم جي مشڪلاتن ۽ گهڻي خرچ کي مدنظر رکندي پيش قدمي روڪي ڇڏي . ٻيو لشڪر حضرت عثمان رضه جي زماني ۾ روانو ڪيو ويو ، تنهن جي قيادت عبدالله بن عمر بن ربيع ڪئي ۽ هن ڪرمان ۽ سيستان علائقن کي فتح ڪيو ، تنهن کان پوءِ هو مڪران ڏانهن وڌيو ۽ مڪران ۽ سنڌ جي راجائن ڪي گڏيل فوج کي شڪست ڏني ، حضرت امير معاويه رضه جي خلافت ۾ هن مهم لاءِ هڪ فوج موڪلي وئي ۽ مشرقي افغانستان کي اسلامي حڪومت جو حصو بنايو ويو پر اها سوڀ ديرپا رهي نه سگهي .
    جڏهن وليد بن عبدالمالڪ اقتدار ماڻيو ۽ فتح جا سلسله شروع ٿيا ته سڄي دنيا ۾ اسلامي پرچم ڦڙڪڻ لڳو ، مسلمان جرنيلن هر طرف سوڀ ماڻيا ، موسى بن نصير مشرقي افريقه کي زير ڪيو ، طارق بن زياد اسپين فتح ڪئي ، قتيبه وچ ايشيا ۾ اسلامي پرچم ڦڙڪايو ، فارس (ايران) جو ڪافي علائقو تسخير ٿيو.
    سنڌ تي حملي ڪرڻ جا اسباب :
    مڪران جي مقامي ماڻهن هتان گورنر کي قتل ڪيو ويو ۽ سنڌ جي راجه ڏاهر وٽ پناه ورتي . جڏهن راجه ڏاهر کي هن ڳالھ ڏانهن توجه ڏياري وئي ته هن سولي ورندي نه ڏني ۽ قاتلن کي واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيو .
    هڪ ٻيو ناگوار واقعو تاريخ پيش آيو جنهن حجاج بن يوسف کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ، واقعو اهو هو ته لنڪا (سرانديپ) ۾ ڪجه عرب تاجر هئا ، جنهن مان هڪ تاجر انتقال ڪيو ، لنڪا جي راجه جو مسلمانن سان سٺو ورتاو جو خواهشمند هو ، فوت ٿيل تاجر جي اهل عيال جن ۾ ڪيتريون عورتون به هيون ، جهاز وسيلي روانو ڪيو ۽ قيمتي تحفه تحائف پڻ وليد ڏانهن موڪليا ، هن جهاز ۾ ڪي حاجي به هئا . ديبل ويجهي سنڌ قزاقن جهاز تي حملو ڪري سڄو سامان ڦري ورتو ۽ عورتن کي پڻ گرفتار ڪيو ، راجه ڏاهر کي پيغام ڏنو ويو ته عورتن کي واپس ڪيو وڃي * قزاقن ڪي پڻ سزا ڏني وڃي تنهن تي راجه ڏاهر جواب ڏنو ته اهو ڪم قزاقن ڪيو آهي ۽ منهنجي انهن تي دسترس نه آهي تنهن ڪري آءُ مجبور آهيان .
    هڪ ٻيو واقعو اهو پيش آيو جو ڪجه باغي سردار حجاج جي حدود مان نڪري راجه ڏاهر وٽ پناه ورتي ۽ حجاج انهن باغين جي حوالگي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر راجه ڏاهر انڪار ڪيو .
    راجه ڏاهر وڏو ظالم ۽ سفاڪ ماڻهو هو ، هو پنهنجي خاندان کان سواءِ حڪومت جي حد اندر ڪنهن جي مٿي ته پڳ ٻڏڻ برداشت نه ڪندو هو ، گهوڙن تي عام سواري تي پابندي هئي ، راجه ڏاهر جي حڪومت ۾ ٻڌ مذهب وارن تي وڏا ظلم ڪيا ويندا هئا ، تنهن ڪري اهي به ساڻس کان ناراض هئا ، غرض ته راجه ڏاهر جي هٽ ڌرمي سندس ظلم ۽ تشدد سنڌ تي حملي جو ڪارڻ بڻيو .
    تاريخ اسلام مولانا اڪبر شاھ نجيب آبادي
    تاريخ پاڪ وهنڌ انوار هاشمي
    فتوح البلدان
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,660
    ورتل پسنديدگيون:
    3,898
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,660
    ورتل پسنديدگيون:
    3,898
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مٿين تحرير مان صرف ۽ صرف رَتُ جي ڳنڌ ٿي اچي۔ مٿين تحرير جي ڪنهن به هڪ جُملي مان ڪو سلامتي جو اشارو نظر نه ٿو اچي، رڳو ُلٽ مار قتل و غارت آهي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رضا هاليپوٽو

    رضا هاليپوٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جيئي سنڌ قومي محاذ
    ماڳ:
    ڳوٺ بچو هاليپوٽو
    سائين اسلام امن ۽ محبت جو مذهب آهي خدا جي واسطي بن قاسم جهڙن نيگيٽوِ ڪردارن جي اسلام سان تشريع ڪري اسلام جي توهين نه ڪريو اسان کي سڀ خبر آهي ته بن قاسم اصل ۾ ڪهڙي نيت سان سنڌ ۾ آيو هو
    ڪڇان ته ڪافر ٿيان ماٺ ڪيان ته ملحد
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسان جي دوستن کي تحقيق ۽ مستند حوالن سان گفتگو ڪرڻ بدران فضول ، غير معياري، غير مستند گفتگو ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي.
    اهڙا حوال حوالين ۽ موالين کي هوٽلن تي چانه سا چسڪا ۽ڀنگ چرس آفوين جا ڪش هڻندي سٺا لڳن ٿا
    هت جيڪي پنج درجا به پڙهيو ناهي پاڻ کي مفتي مجتهد سمجهيو ويٺو آهي.
    هي الميو صرف سنڌ سلامت جو نه آهي، بلڪه اسان جيعاشري
     
    شاه محمد سڌايو هيء پسند ڪيو آهي.
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بلڪه اسان جي معاشري جي اڪثريت جي ذهني خلل جي نشاندهي۽ عڪاسي ڪري ٿي.
     
  12. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    167
    ورتل پسنديدگيون:
    336
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    سنڌ جا اديب راجا ڏاهر جي حمايت ۾ ايترو اڳتي وڌي ويا آهن جو انهن کي نه ڪا تاريخي حقيقت ٿي نظر اچي نه ئي ڪا زميني حقيقت اسان اڃان ايترو به نه سکي سگهيا آهيون جو تاريخ بيان ڪرڻ وقت اسان کي ڪنهن جي به پٺ ڀرائي ڪو نه ڪرڻي پوندي آهي پر حق ۽ انصاف سان تاريخ بيان ڪئي ويندي آهي
    کڻي محمد بن قاسم جي سڀني عملن کي جائز قرار ڪو نه ٿو ڏئي سگهجي پر اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته راجا ڏاهر جو دور به ڪو ايترو سٺو ڪو نه هو توهان سڀني اديبن کي اڄ چيلينج آهي سڄي دنيا جي تاريخ جا ڪتاب پڙهي ڏسو توهانتاريخ طبري کان وٺي ڪري سموري جامع تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪريو هڪ ڳالهه تي سڀني تاريخدانن جو اتفاق آهي ته راجا ڏاهر پاڻ برهمڻ هو ۽ ان جي دور ۾ هيٺين ذات وارن ماڻهن سان سخت نفرت ڪئي ويندي هئي هيٺين ذات وارا ماڻهون سنڌ ۾ ڪتن جهڙي زندگي بسر ڪندا هئا
    الائي توهان کي ڪنهن خواب ۾ اچي ڪري ٻڌايو آهي ته راجا جو دور امن ۽ انصاف وارو هيو ۽ ان جي دور ۾ انصاف اهو هيو جو برهمڻ کان علاوه ٻيا سڀ ريشمي ڪپڙو به ڪو نه پائي سگهندا هئا شودر ۽ ٻين ذاتن وارو عوام ويچارو برهمڻن جي سامهون به ويهي ڪو نه سگهندو هو محمد بن قاسم جي اچڻ کان بعد گهٽ ۾ گهٽ ايترو ٿيو جو هيٺين ذات وارن ماڻهن سک جو ساھ کنيو
    توهان هر ڳالهه جيڪا ڪيو اها دليل ۽ تايخي حوالي سان ڪيو ايئن اسلام دشمني ۾ ايترا اڳتي ڪو نه نڪري وڃو جو زميني حقيقتون ۽ تاريخ کي پري ڌڪي ڪري رڳو افسانن ۽ ڏند ڪٿائن جي بنياد تي راجا ڏاهر جا گڻ ڳايو ٿورو سوچو ۽ هن سنڌ جي سادي عوام کي انصاف واري ڳالهه به ٻڌايو ته راجا ڏاهر جي دور ۾ هيئن به ٿيندو هيو
     
    ممتاز قريشي هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عاشق سمون

    عاشق سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2015
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    62
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آرڪيٽيڪٽ
    ماڳ:
    هاڻوڪو: رياض، سعودي عرب. اصل: ٽنڊو آدم، سنڌ
    محمد بن قاسم حمله آور هو، جڏهن ته راجا ڏاهر پنهنجي ڌرتيءَ جو دفاع ڪندڙ.
    محمد بن قاسم سنڌ جي هزارين نياڻين کي لونڊيون بڻائي کين بغداد ۽ ڪوفي جي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪيو.
    سنڌ ۾ اسلام محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ڦهلجڻ شروع ٿي ويو هو ۽ ڪجھ عربي قبيلن سنڌ ۾ رهائش به اختيار ڪئي هئي.
    محمد بن قاسم تي تنقيد کي اسلام تي تنقيد سمجھڻ يا ان کي اسلام دشمني قرار ڏيڻ صريحاً غلط ۽ گمراه ڪن آهي.
    عربن پاران سنڌ تي ڪاه ڪرڻ جا محرڪ ۽ مقصد سياسي هئا، نه ڪي مذهبي.

    وڌيڪ پڙهو:
    http://www.dawn.com/news/1098562
     
  14. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,478
    ورتل پسنديدگيون:
    5,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    573
    ورتل پسنديدگيون:
    677
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ.....................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    90
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    راجا ڏا هر هيرو آهي يا محمد بن قاسم ا ها ڳالهه بعد ۾ ٿا ڏسون. دوستو مون کي هڪ ڳالهه سمجهايو تو ظالم جو ايلچي يا موڪليل سپهه سالار ڪيئن ٿو انصاف پسند ٿي سگهي. حجاج بن يوسف جي باري ۾ تاريخ ڇا ٿي ٻڌائي؟ هو ته هڪ ظالم حڪمران هيو، هن محمد بن قاسم کي ڇو مارايو؟ محمد بن قاسم جي قبر ڪٿي آهي؟ هيڏي وڏي فاتح جي قبر به ڪونه آهي ڇو؟
    وڌيڪ توهان تاريخدان ٻڌايو.............................. مهرباني ٿيندي
     
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسان عرب کي ان ڪري فاتح سنڌ چئون ٿا جو اسان هاڻ (مُسلم سنڌي) بڻجي چُڪا آهيون ، پنهنجو نالو اسلامي رکيو اٿئون، نماز روزا، حج عمره ڪريون ٿا، سنڌ کي نيڪو ڪارن، بُزرگن ۽ دريشن جي سنڌ چئون ٿا جيڪي سڀ مُسلم آهي. ۽ ها اهو (غير مسلم) سنڌي چئي ته ڳالهه ٺهي ٿي ۽ پوءِ هو پنهنجي ٻڌ ڌرم مذهب موجب، چچ ۽ راجا ڏاهر کي ئي فاتح سنڌ ڀلي چوي ڪو اعتراض ناهي پر اسان هڪ مسلم حيثيت رکي نٿا چئي سگهون ۽ جي چوڻ تي مجبور آهيون ته پنهنجو اسلامي تشخص ۽ مذهب بدلائي وري غير مسلم ٿيڻو پوندو.
    [​IMG]
    سنڌ تي 7000 ق. م کان هيل تائين 27 عجمي آيا ۽ مقبوض ٿيا آهن ۽ تواريخ وسارڻ نه اسان به انهن قابضن عجمين ڪان ڪنهن هڪ جا ڪٽنب هُئاسون ۽ هاڻ سنڌ ۾ مرج ٿي سنڌي بڻجي چُڪا اهيون.
    نه حالاتن موجب آئون پنهنجو پاڻ سنڌ جو ويري آهيان جو آئون ٻه مُنهنون ٿي هلان ٿو . آهيان مسلمان ۽ مُحمد بن قاسم جي قيادت جو منڪر ٿي ان کان پهرئين سنڌ تي قابض عجمي چچ فيملي ۽ سامراج راجا ڏاهر کي شهيد سنڌ چوان ٿو؟
    آهيان مُسلمان ، پر سوچ غير مسلم جي ٿو رکان. ته اهو سوچڻ لاءِ مونکي وري واپس وڃڻي هندو ٿيڻو پوندو. ۽ جيڪا اهل بيت جي پرچار ڪريان ٿو ته ان کي به ڇڏڻو پوندو! ڇا اهو ممڪن آهي؟
    هرگز نه! ان جو سبب اهو آهي ته هاڻ آئون مُسلمان ٿي چُڪو آهيان انهيءَ عربن جي ڪري مون ۾ ايمان آيو آهي ۽ آئون هڪ مُسلمان نالو، ذات ۽ سوچ رکان ٿو. اسان سان تواريخ ڪو وير نه ڪيو آهي مپر اسان ٻمُنهين زندگي رکي پاڻ پنهنجا ويري آهيون ۽ اڄ مسلم هُئڻ جي باوجود غير مُسلم نظريو رکندا پيا اچون؟ اهو وير آئون پنهنجي پاڻ سان پيو ڪريان، مونکي ٻه مُنهنون نه هُئڻ گهرجي، ڪو به هڪ مذهب اپنائي پاڻ کي اُن ۾ رکي سوچڻ گهرجي.
    جي آئون تواريخ پڙهان ته آئون به ته سنڌي ناهيان، آئون اُهو آهيان جيڪو پاڻ به عجمي آهيان (آرائين، تاتارين، ارغونن، تُرخانن، مُغلن، انگريزن، عربن ، مصرين، شامين ترڪن ۽ ايرانين سان گڏ سنڌ آيو اهيان.
    آئون جي عرب کان اڳ سنڌ تي مقبوض ۽ صرف ٻُڌ ڌرم، چچ يا راجا ڏاهري جي دئور جو سنڌي آهيان ۽ 7000 سال ق.م جو دعويدار سنڌي نه ته، پوءِ به ته جڏنهن غير مُسلم هوس ته واڻيون يا هندو يا ٻُڌ ڌرم جو هوس ۽ جي اڄ مسلمان ٿيو آهيان ته انهن مٿين سڀني کي پاڻ مٿان قابض ٿو سمجهان. آئون مُسلم ٿيس ته (ميمڻ يا شيخ) بڻس، مونکي عرب مُسل ڪيو ته مُنهنجي سوچ ۾ تبديلي اچي وئي، مون عرب کان سواءِ سڀني کي پاڻ تي قابض سمجهيو. هاڻ ڏسڻو آهي ته آئون ڪير آهيان ۽ ڇا سنڌ جو داعي آهيان؟ يا مُنهنجي وڏڙن جي تواري ٻُڌائي ٿي ته آئون انهن غاصبن مان هوس ۽ اچي سنڌ وسايم. عربن کي قابض ڄاڻائڻ لاءِ مونکي واپس هندو ڌرم ۾ وڃڻو پوندو، پنهنجو نالو ۽ سڃڻپ بدلائڻي پوندي. يا مونکي پهرئين اهو ڳولڻو پوندو ته آئون ڪير آهيان؟ ڪنهن مان آهيان؟
     
    خدابخش مشاخ هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    253
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    سائين عرض ڪريان ته تاريخ سنڌ تي لکيل هڪ مستند ڪتاب عهد نامه سنڌ جنهنکي چچ نامون پڻ چئجي ٿو...جيڪو منهنجي ڪلائوڊ اسٽور جي لنڪ تي پڙهڻ ۽ ڊائونلُڊ ڪرڻ لاءِ موجود آهي...جيڪو ڪتاب پڙهڻ سان هن رياست طرفان محمد بن قاسم طرفان سنڌ فتح جي هٿ گهڙي تاريخ تان پردو فاش ٿي وڃي ٿو...هي اهڙين مڙيني هٿ گهڙين تاريخي ڪتابن جو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏي ٿو...فتح نامون سنڌ يا چچ نامون ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
     
  19. سعيد عباس سنڌي

    سعيد عباس سنڌي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 نومبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سائين مون اوهان کي ٻيو ڪجه به نه چوندس اوهان مون کان وڏا آهيو ۽ منهنجي لاٰءِ لائقي احترام آهيو.
    مگر محمد بن قاسم لاءِ جيڪو اوهان لکيو آهي اهيو بلڪل غلط آهي سنڌ اندر ڪو اهڙا مندر يا مورتيون نه ٺهيون هيون محمد بن قاسم جي نالي تي نه ائي ڪنهن ڪتاب ۾ ان جو ذڪر آهي. ڀر هال سائين اوهان عربن جي تاريخ پڙهي آهي مهرباني ڪري اوهان سنڌن جي لکيل تاريخ پڙهو پوءِ اوهان کي خبر پيجي ويندي ڪير سچو هو ڪير ڪوڙو. توهان محمد بن قاسم جي دربار ۾ لکيل تاريخ پڙهي جنهن ۾ ان جي تاريخدان محمد بن قاسم کي چنڱو ۽ سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي راجائن کي ڪوڙو چيو آهي اوهان اڌوري تاريخ پڙهندڙ آهيو مهرباني ڪري پوري تاريخ پڙهڻ سکو................. ۽ مهرباني ڪري پنهنجي هن موضوع کي رمو ڪيو اوهان جي مهرباني سائين
     
  20. سعيد عباس سنڌي

    سعيد عباس سنڌي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 نومبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ادا ٻيو ڪجه به نه اوهان اهيو ٻڌايو اوهان سنڌي اهيو يا عرب
    عرب جنهن سندي نبي ۽ سندس پوين کي به نه ڇڏيو!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
    انهن عربن جي تعريف پيا ڪريو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    ڪمال آهي وڏا تاريخ پڙهو ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو