ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    چار ماڻهون پنهنجين پنهنجين ٻلين جي تعريف ڪري رهيا هئا؛
    پهريون ماڻهون انجنيئر هو
    ٻيو ماڻهون حسابن واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو
    ٽيون ماڻهون ڪيميادان هو
    چوٿون ماڻهون حڪومتي اداري جو سربراه هو​
    انجينيئر پنهنجي ٻليءَ جي سياڻپ ڏيکارڻ لئه کيس سڏ ڪيو ” جاميٽري جاميٽري هلي اچ ۽ ڏيکار پنهنجو ڪرتب؛
    جاميٽري ٽپو ڏئي ميز تي چڙهي وئي اتي پيل ڪاغذ ۽ پينسل کنيائين جنهن سان ڏاڍا سهڻا گول ۽ چوڪور ۽ ٽڪنڊا ٺاهي ڇڏيائين ...

    سڀني تعريف ڪئي ته واه جي ٻلي آهي ...hatt-pare

    اڪائونٽنٽ چيو پر مون واري ٻلي ڪجهه بهتر آهي ۽ ٻليءَ کي سڏ ڪيو، لاگريٿم لاگريٿم هلي اچ ۽ پنهنجا ڪم ڪري ڏيکار ...

    ٻلي سڌو بورچيخاني ۾ وئي اتان درجن بسڪيٽن جو کڻي، انهن کي چئن حصن ۾ ورهائي هڪ حصو پاڻ کاڌائين ...

    سڀني واه واه ڪئي hatt-pare

    ڪيميادان چيو ته نه منهنجو ٻلي وري به ٻنهي کان بهتر آهي ... جار جار هلي اچ ۽ ڏيکار پنهنجا ڪارنامه ...

    جار ننڊ مان اٿي ... سڌو فرج ڏانهن وئي، ان مان کير جي بوتل کنيائين، ميز تي پيل ڏهن آنن وارو گلاس کنيائين ان ۾ اٺ آنا کير وڌائين ۽ کير جو هڪ ڦڙو به هيٺ نه ڪريو ...

    سڀني تعريف ڪئي ته واهه واهه hatt-pare

    ٽنهي ماڻهن حڪومتي عهديدار کي چيو ڏي خبر ڀلا تو واري ٻلي ڇا ڪري سگهي ٿي؟

    حڪومتي عهديدار پنهنجي ٻليءَ کي سڏ ڪيو ” او ڪافي بريڪ ڪافي بريڪ هلي اچ ۽ ڏيکار ڪي ڪارنامه

    ڪافي بريڪ ڀڄندي اچي کيس پيرن تي چميون ڏنيون ... سڀ بسڪيٽ کائي وئي ... پيل کير پي وئي ... انجنيئر واري ڪاغذ تي پائخانو ڪيائين ... ٽنهي ٻلين کي تنگ ڪيائين ۽ کين رنبوٽا هنيائين ... ان جهيڙي دوران زخمي ٿيڻ جي درخواست درج ڪرايائين ... ڪم واري جڳهه امن واري ناهي ۽ حالتون ڪم ڪرڻ جهڙيون ناهن جي هڪ ٻي درخواست ڏنائين ... زخمي ٿيڻ سبب ٻن ڏينهن جي بيماريءَ جي موڪل ورتائين ... hall chari

    انڪري چوندا آهن ته حڪومتي نوڪري انتهائي ڪارائتي هوندي آهي ۽ هر هڪ ماڻهون حڪومتي نوڪري وٺڻ لئه ڀڄ ڊڪ پڻ ڪندو آهي ...
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    ڀليو آهين ڀائو نثار، ڪڏهن ڪڏهن اها سرڪاري ٻلي اهڙي ته ڇِتِي ڪُتِي ٿي پوندي آهي، جو ماڻهن جا ڳاٽ ڳچين کان وڍائيندي آهي، ايتري ته ڇتي ٿي پوندي آهي جو جيڪڏهن چڪ پائي ته 14 14 پيٽ ۾ ٽُڪا لڳائڻ سان به آفاقو نٿو ٿئي، بابا، ڪنهن شاعر جِي ٻليءَ جو ذڪر ڪر، ڪنهن ڪهاڻيڪار جي ٻليءَ جو ذڪر ڪر، ڪنهن ڳائڻي يا ڳائِڻِيءَ جي ٻلي ءَ جو ذڪر ڪر۔ باقي سرڪاري ٻلي مٺا مٺا ته کائي ويندي پر هُوءَ ڪڙا ڪڙا به سڪن سان گڏ آلا سمجهي کائي ويندي آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    هائو ادا برابر ٿا چئو ۔۔۔ چوندا آهن ته جهڙي صحبت اهڙي ئي عادت ۔۔۔ باقي ادا شاعرن جي ٻلي جا به رنگ عجيب هوندا ۔۔۔ ياد اچي ٿو هڪ دوست اديب جي گهر هڪ ٻلي هوندي هئي ۔۔۔ سدائين خيالن ۾ گم ويٺي هوندي هئي کيس نه کاڌي جو هوش نه پيتي جو هوش ۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو ڏينهن ننڊ ڪندي هئي ته ڪڏهن وري نه رات جو ننڊ نه ڏينهن جو ۔۔۔ اهڙن عادتن سبب ڪڏهن ته انتها جي خوش هوندي هئي ته وري ڪڏهن وري سندس اکين ۾ سمنڊ هوندو هيس ۔۔۔ آواز ڏبو هيس ته اڌ اک سان ڏسي وري سڌي ٿي ليٽي پوندي هئي ۔۔۔ مطلب ته جانور به مالڪ جي نقش قدم تي ئي هلندا آهن ۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    asul mattasul mattasul mattasul matt


    lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing


    :D:D:D:
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    واهه جو لڳو سائين۔۔۔۔asul matt
    سائين مطلب ته مالڪ جا پرڪار ٻلي ڏسيندي آهي۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    مٺا مست، نه فقط ٻلي، پر طوطو، ڪتو يا ڪو ٻيو جانور جڏهن گهڻي دير ڪنهن مالڪ سان گذاريندو آهي ته سندس عادتون به ساڳيون ٿي پونديون اٿس ۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجين نياڻين کي ڪنهن اڇي رنگ جي روسي ٻليءَ جو ٻلونگڙو تحفي ۾ ڏنو آهي ۔۔۔ خئير ٻلي گهر ۾ ڇا آئي، مون وارين ڌيئرن کي ڄڻ ته رانديڪو ملي ويو آهي ۔۔۔ ڪالهه ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايائون ته ٻلي ٻيو ڪجهه به نٿي کائي جيرا تريل يا اٻاريل کائي ٿي ۔۔۔ مون کانئن سوال ڪيو ته اوهان ناشتي تي ڇا کائينديون آهيو، چيائون ”جيرا “۔۔۔ مون سوچيو جڏهن مالڪ جيرا کائيندو ته ٻلي وري دال يا سبزي ٿوريءَ کائيندي؟
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    [JUSTIFY]دوستو هيءَ اها ٻلي آهي جنهن اڄڪلهه منهنجي گهر تي قبضو ڪيو آهي ۔۔۔ مون واري پتني منهنجن ڌيئرن کي ماني تي سڏ ڪندي آهي ڪجهه هن طرح؛

    او فلاڻي ڌي اچ ماني کا ٺري ويندي، جلد ڪر وقت نه وڃا

    ۽ ٻلي کي جنهنجو نالو شونا آهي، انکي منهنجني پتني جڏهن سڏيندي آهي ته ڪجهه هن طرح سان؛

    او جانو شونا، منهنجي جان ڪٿي آهين، اچ اچي کير پي ، هي جيرا ٺاهيا آهن، الي منهنجي شوني، الي منهنجي پيالي، الي منهنجي ۔۔۔۔ وغيره وغيره

    منهنجين نياڻين مونکي اها دانهن ڏني ته بابا، امي اسان سان رکو ڳالهائيندي آهي ۽ شونا سان ايترو پيار جو اصل ڳالهه ئي نه پڇ ۔۔۔؟

    مونکي به ڪڏهن ڪڏهن شونا جي نصيبن تي ريس ٿيندي هئي ۔۔۔

    خئير هي ٽي ننڍڙيون پڻ منهنجي نگراني ۾ پئدا ٿيون هيون جن جا نالا رکيا ويا آهن ۔۔۔ چنڪي، پنڪي، منڪي ۔۔۔ ۽ منهنجي گهر تي راڄ ڪن ٿيون ۔۔۔

    اوهان پاڻ ڏسو، آهن نه پياريون ​
    [/JUSTIFY]۔۔۔

    [​IMG]
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    سائين هاڻي توهان جي ٻلين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ؟


    اسان فقير ماڻهو ، ماڻهن جي خبر ڪا نه پئي سو ٻيلن جي باري ۾ ڪهڙي ٿا را۽ ڏئي سگهو

    بهرحال سائين توهان جون ٻليون آهن گهٽ ٿوريون هونديون

    ها ها ها

    سدائين گڏ
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    شونا، چنڪي، پنڪي، منڪي۔۔۔۔
    واهه جو جوڙ گڏيا آهن۔۔ پر بهرحال توهان کي مالڪياڻيءَ‌جو ٻليءَ سان ايترو قرب ڏسي جيئن ريس ٿيندي آهي، ان ڪري پاڻ ٻلي رکڻ کان توبهه ڪئي ۔۔۔
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    هاهاهاهاها۔۔۔۔۔سائين اصلي ڳالھ نه پڇ کلي کي پيرن ۾ سور پئجي ويو۔۔۔lajwab-sharing
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    يار عاشق هڪڙي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته کلي کلي پيٽ ۾ سور پوندو آهي پر توکي وري پيرن ۾۔۔۔۔؟؟‌ =)) =)) =))
     
  12. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    هاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ادا اها منهنجي بيماري آهي۔
    =))=))=))
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    عاشقن جي اها نئين بيماري ٻڌون پيا۔۔ %-(
    ادا الله ڪري اها بيماري عام ٿئي۔۔۔ ها ها ها :-w
     
  14. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    ها ادا آمين۔۔هاڻي ڏسو پيٽ جي سور ۾ ماڻهن کي ڪجھ به ٿي ٿو سگهي۔۔پر پيرن ۾ سور پوڻ سان ڪجھ نه ٿو ٿي سگهي۔۔۔۔وڌ ۾ وڌ هڪ ڏينه سرنهن جي تيل جي مالش ڪرايو ڌني فقير کان۔۔۔۔۔۔۔۔:-??
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    [JUSTIFY]
    ادا پيٽ ۽‌ پير جي سور ۾ فرق اهو آهي ته پيٽ‌۾ سور ماڻهو کي ليٽائي وجهي ٿو ۽ پير ۾ سور ماڻهو کي هلڻ‌کان ٿوري گهڻي وقت لاءِ هلاڪ ڪري ٿو ڇڏي۔۔ ان ڪري ڀلا ليٽڻ‌کان ٿورو وقت ويهڻ‌ صحيح‌آهي، عاشقن جا مزا لڳا پيا آهن۔۔۔
    ڏيو خبر هي ڌني فقير ڪير آهي؟؟؟؟ :-ss
    ڀلا جهوني فقير جي مقابلي ۾ نڪتو آهي ڇا؟؟؟ ​
    [/JUSTIFY]
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    اڙي ابا مست، مستن تي ڪهڙي ميار، هڪ واري تجربو ڪري ڏس، جڏهن اوهانکي به ريس ٿيئ ته ٻلي گم ڪرڻ ۾ دير گهڻي ۔۔۔ دلجا ڪر ۔۔۔ ڪامريڊ عاشق آهي نه، ڪڏهن ڪم ايندو ۔۔۔آ ته پرديس ۾ هجڻ سبب مڙئي هٿ هلڪو رکيو آهي ۔۔۔ ڀل مان نه آهيان ته شونا ئي سهي ۔۔۔ نه ته حساب ڪتاب ڪري ڇڏيان ها ۔۔۔ عاشق کي چيو به هيم ته اچ پر نه آيو ۔۔۔ اچي ها ته شونا گم هجي ها ۔۔۔ نه رهي ها بانس نه وڄي ها بانسري ۔۔۔ ڪيئن ۔۔؟
     
  17. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    هاهاهاهاها۔۔۔ادا ڌني فقير جو نالو اصل ڏڻي بخش پيرزادو آهي۔ اصل ته ويچاري سڄي زندگي ڪچي معني جنگ ۾ گذاري آهي۔۔۔۔پشاڙي ۾ اچي شهر جي وٽ وٺي ويٺو آهي۔۔۔۔مدئجي ۾۔۔۔۔ان سان منهنجي سنڱت اتي ٿي۔۔۔تمام مذاقي ۽ سٺو ماڻهو آهي۔۔۔۔۔۔۽ ان سان گڏ مالش به سٺي ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔جواني ۾ وڏو چور به ٿي گذريو آهي۔۔۔۔نامينيٽ چور۔۔۔۔۔۽ ڪتن جو پڻ شوقين آهي۔۔۔۔پر هُن زندگي ۾ چپل به ڪون پاتي آهي۔
     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    ادا مست، لاڙڪاڻي واري پاسي جڏهن عورتن کي سور ٿيندا آهن ته چئبو آهي ته مائي پير پئي لهي ۔۔۔۽ جڏهن فارغ السور ٿيندي آهي ته چئبو آهي ته پير لڌا اٿس ۔۔۔ مطلب جڏهن پيٽ جو سور پيرن تي اثر ڪندو آهي ته ڪرشما ٿيندا آهن ۔۔۔۔ انڪري ممڪن عاشقن کي پيٽ جي بدران پيرن ۾ سور ٿيندو هجي ۔۔۔ ؟
     
  19. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    [JUSTIFY]

    واقعي سائين ننڍڙي پتڪڙي ٻلي کي گم ڪرڻ‌ ۾ دير ڪيتري۔۔ پر سائين اهو ڪم ڪرڻ ڪو سولو ناهي۔۔ ٻلي جيڪا ويڌن ڪاڪي آچار سان ڪئي آهي، اها عاشق کان پڇي ڏسو۔۔۔ ٻلي کي مالڪ جو رستو ايئن ياد هوندو آهي جيئن پٿر تي لڪير۔۔ ڀلي سو ڪوهه پري ڇڏي اچوس پر وري به اچي مالڪ جي گهر ۾ ٺڪ ڪندي۔۔۔
    [/JUSTIFY]
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛

    [justify]
    ها ها ها ها۔۔۔۔ عاشق سائين ڏي مُنهن هاڻي هتي تجربو ڳالهائي ٿو، عاشق ادا! هاڻي سنگت تنهنجي باري ۾‌ڇا سمجهي؟؟؟۔۔​
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو