سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو 48 (اٺيتاليهون) ڪتابسڏڪا سڏڪا سنڌ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر عبد سنڌي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. ٿورا سائين عبد سنڌي جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
ڪتاب مان ورتل هڪ چونڊ غزل
تون نه آئين وري، تنهنجون يادون وريون، ساهه سانڍي رکيم، ڳالهه ڪنهن سان ڪريون. تو ملڻ جا هزارين، دلاسا ڏنا، تو جي ٻولون ڪيون، ڪين تو کان پريون. سور تنهنجي سڄڻ، سنڌ ساڙي ڇڏيا، برهه ڀڙڪا ٿيا بُت، ۾ باهيون ٻريون. دل کسي تون ويئن، در تي دانهيم اچي، تو ڪري پو ڇڏيون، بند در ۽ دريون. ’عبد‘ توکان پرين چاهتون ٿو گهري، هر دفعي جي سريون، بدنصيبيون سريون.
اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.