اڄوڪو ڏينهن 2 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

'آگسٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 2 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    2 آگسٽ 1506ع بزرگ پير رڪن الدين سخي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1899ع ليکڪ ڪيول موٽواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1918ع صوفي ۽ هندو ڌرم جي روحاني اڳواڻ دادا جشن واسواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1932ع ليکڪ جگر سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1938ع شاعر خاتم جانوري جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1946ع شاعر پريم پرڪاش (سنڌ / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1959ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالله جروار جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1962ع ليکڪ لياقت علي جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1963ع شاعر قيوم خمير (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1963ع ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر اعجاز سمون ( خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1964ع ليکڪ اڪبر شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1971ع ليکڪ وريام سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1973ع شاعر شيخ فرازي جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1975ع شاعر عبدالحئي ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1978ع شاعر ماڻڪ ميمڻ (ٽنڊو محمد خان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1980ع شاعره روز ڪاظمي (باجارا) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1980ع صحافي محرم ڪنڀر (آريجا) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آگسٽ 1980ع شاعر ۽ صحافي ڪفايت گُل (خيرپور ميرس) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    2 آگسٽ 1772ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جي وفات ٿي.


    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 آگسٽ 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﺟﻨﻢ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺴﺒﺖ ﺳﺎﻥ
    ﮔﻬﮡ ﮔُﮣﻮ ﺷﺨﺺ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ ﺟﺮﻭﺍﺭ
    ﻣﭡﻞ ﺟﺴڪﺎﮢﻲ
    ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﻣﭡڙﻭ، ﻣﺤﺒﺘﻲ، ﻣﻠﻨﺴﺎﺭ، ﻧﻴڪ ﻧﻴﺖ، ﭘﺮﺧﻠﻮﺹ، ڏﺍﻫﻮ،
    ﺳﻮﻧﻬﻮﻥ ۽ ﺳﻴﮑﺎﺭﻳﻨﺪڙ ﻫﺠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﺷﺮﻳﻒ ﻫﺠﮡ
    ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﻫﻴﮣﻦ ﺟﻮ ﻫﻤﺮﺍﻫﻪ ﻫﺠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻻﺀِ ﺟﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺑﻪ
    ﻣﺜﺒﺖ ﻭﺻﻔﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﺍﻫﻲ ﺳﭛ ﻫﺮ ﻫڪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۾ ﻫﺠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻦ .
    ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۾ ﻫﺮ ﮔُﮡ ﭜﻠﻲ ﻧﻪ ﺑﻪ ﻫﺠﻲ، ﭘﺮ ﭘﻮﺀِ ﺑﻪ ﺍﻭﻫﺎﻥ، ﺍﺳﺎﻥ، ﭘﺎﮠ
    ﺳﭝﻨﻲ، ﮔﻬﮣﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔُﮣﺎﺋﺘﺎ، ڪﻲ ﭔُﮅﺍ ﺗﻪ ڪﻲ ڏﭠﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ . ﺍﻫڙﻥ
    ﺋﻲ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﮔﻬﮡ ﮔُﮣﻮ ﺷﺨﺺ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺳُﺠﻬﻲ ﭤﻮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ ﺟﺮﻭﺍﺭ .
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ ﺟﺮﻭﺍﺭ ٽﻨڊﻭ ﺍﻟﻬﻪ ﻳﺎﺭ ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﺻﺎﺣﺐ ﺧﺎﻥ
    ﺟﺮﻭﺍﺭ ﺟﻮ ﺭﻫﻮﺍﺳﻲ ﺁﻫﻲ . ﭘﺎﮠ ﻫڪ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺟﻮ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ
    ﻓﺮﺯﻧﺪ ﺁﻫﻲ . ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﺮﺍﺋﻲ، ﻣﺨﺘﻠﻒ
    ﺗﺮﺑﻴﺘﻲ ڪﻮﺭﺱ ڪﺮﻱ، ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ . ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﮘﮣﺘﻲ
    ﺟﻮﮘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۾ ﺑﻪ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻃﻮﺭ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭﻳﻮﻥ ﻧﭝﺎﺋﻲ
    ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ .
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻳﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﻳﺎﺭ ﺁﻫﻲ، ﻣﺎﺋٽﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﺋٽ ﺁﻫﻲ، ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ
    ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺁﻫﻲ، ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﻻﺀِ ﻣﺸﻌﻞ ﺭﺍﻫﻪ ﺁﻫﻲ . ﻭٽﺎﻧﺌﺲ ﻧﻪ ﺭﮘﻮ ﺷﺎﮔﺮﺩ،
    ﭘﺮ ﺁﺱ ﭘﺎﺱ ﻭﺍﺭﺍ، ﺗﻮڙﻱ ﭔﮅ ﺳﮅ ﺟﻲ ﺫﺭﻳﻌﻦ، ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﻣﺎﺿﻲ ۾
    ﺭﻳڊﻳﻮ ۽ ﺍﭲ ڪﻠﻬﻪ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺍﻭﻃﺎﻕ ‏( ﻓﻴﺲ ﺑﻮڪ ‏) ﻭﺳﻴﻠﻲ، ﺳﺎﺋﻴﻦ
    ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ ﺟﺮﻭﺍﺭ ﭴﮡ ﻓﺎﺻﻼﺗﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺳﺮﺷﺘﻲ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﺑﮣﺠﻲ، ﺗﻤﺎﻡ
    ﮔﻬﮣﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ ڪﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ .
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ ﺟﺮﻭﺍﺭ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻭﺍﺳﻄﻮ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺍﻭﻃﺎﻕ ﺗﺎﻥ ﺷﺮﻭﻉ
    ﭤﻴﻮ، ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺳﺎﮢﺲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺳﻨﺪﺱ ﺋﻲ ﮘﻮﭞ ۾، ﭘﻮﺀِ
    ٽﻨڊﻭ ﺍﻟﻬﻪ ﻳﺎﺭ ﻟﮗ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﮘﻮﭞ، ڪﺎﻣﺎﺭﻭ ﺷﺮﻳﻒ ﻟﮗ ڪﺎﻟﺮﻭ ﮘﻮﭞ، ٽﻨڊﻭ
    ﺍﻟﻬﻪ ﻳﺎﺭ ﺷﻬﺮ ۾، ﻣﺴﻮ ﺑﻮﺯﺩﺍﺭ ۾، ﺳﻨﺪﺱ ﮘﻮﭞ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ ﺳﻨﺪﻥ
    ﻋﺰﻳﺰﻥ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﺑﻪ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺿﺮﻭﺭ ﭤﻲ، ﭘﺮ ﭔﻲ ﺟﺠﻬﻲ ﺳﻨﮕﺖ
    ﺳﺎﮠ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ، ﮔﻬﮣﻲ ﺗﻔﺼﻴﻠﻲ ڪﭽﻬﺮﻱ ﺍﭸﺎ ﺑﻪ ڪﭥﻲ ﻧﻪ
    ﭤﻲ ﺁﻫﻲ، ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﻭﻧڊﮠ
    ﻣﻤڪﻦ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ .
    ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺍﻭﻃﺎﻕ ﺗﻲ ﺍﭲ ڪﻠﻬﻪ ﮀﺎ ﮀﺎ ﻧﻪ ﭘﻴﻮ ﭤﺌﻲ ! ﻣﺜﺒﺖ ۽ ﻣﻨﻔﻲ،
    ﭔﺌﻲ ﻋﻤﻞ ﮔڏ ﮔڏ ﻫﻠﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺍﻭﻃﺎﻕ ﺗﻲ ﭜﻴﺮﻭ
    ڪﻨﺪڙ ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﺻﺎﺑﺮ ﻳﺎ ﭼﻴڙﺍڪ ﻃﻮﺭ ﺑﻪ ﺳﭹﺎﮢﮡ ﻟﮙﺎ ﺁﻫﻦ !
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺍﻭﻃﺎﻕ ﺗﻲ ڪﻮ ﺑﻪ ﻋﻤﻞ ﮘﺠﻬﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ .
    ﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻲ ﺷﻬﺮﺕ ﻻﺀِ ﺍﻫڙﻭ ڪﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻪ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ،
    ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﭹﺎﮢﭗ ڪﺮﮠ ۾ ڪﺎ ڏﮐﻴﺎﺋﻲ ﭤﺌﻲ .
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻤﺎﻡ ﺳﭡﻮ ﭘڙﻫﻨﺪڙ ۽ ﭘڙﻫﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﭘﮡ
    ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺍﻭﻃﺎﻕ ﺗﻲ ﺑﻪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ . ﭘﺎﮠ ﻗﺪﻳﻢ ڏﺍﻫﭗ ﺗﻮڙﻱ
    ﺟﺪﻳﺪ ﻋﻠﻢ ﺍﺩﺏ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﺎﺀُ ﺭﮐﻨﺪڙ ۽ ﺟﻴڪﻮ ﭘڙﻫﻲ، ﭴﺎﮢﻲ، ﺍﻫﻮ ﭔﻴﻦ
    ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﭘﻴﺎﺭﻭ ﺷﺨﺺ ﺁﻫﻲ .
    02 ﺁﮔﺴٽ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ ﺟﺮﻭﺍﺭ ﺟﻮ ﺟﻨﻢ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﺟﻨﻢ
    ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﺒﺎﺭڪﻮﻥ ﺗﻪ ڏﻳﮣﻴﻮﻥ ﺋﻲ ﺁﻫﻦ، ﭘﺮ ﮐﻴﻦ ﻧﻴڪ ﺗﻤﻨﺎﺋﻮﻥ ﺑﻪ
    ﺁﮀﮣﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ، ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺜﺒﺖ ﻋﻤﻞ، ڪﺮﺩﺍﺭ ﺟﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ
    ۾ ﮐﻴﺲ ﭜﻴٽﺎ ﺑﻪ ڏﻳﮣﻲ ﺍﭤﻢ، ﭘﺮ ﮀﺎ ڪﺮﻳﺎﻥ، ﻣﻮﻥ ﺳﺎﻥ ﻟﻔﻆ ﺳﺎﭢ ﻧﻪ
    ﭘﻴﺎ ڏﻳﻦ ۽ ﺍﭸﺎ ﺁﺋﻮﻥ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﭴﺎﮢﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ،
    ﺟﻴﺘﺮﻭ ﻣﺜﺒﺖ، ﻣﺤﺒﺘﻲ، ﺳﻮﻧﻬﻮﻥ ۽ ﺳﻴﮑﺎﺭﻳﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ .
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻻﺀِ ﺩﻋﺎ ﺗﻪ ﺟﺘﻲ ﻫﺠﻲ، ﺧﻮﺵ ﻫﺠﻲ، ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﻫﺠﻲ، ﺁﻣﻴﻦ .
    ‏( ﺳﻨﺪﺭ ﺳﻠﺴﻠﻮ، ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ : ﺣﻴﺎﺕ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺨﺎﺭﻱ، ﺭﻭﺯﺍﻧﻲ ﻋﺒﺮﺕ
    ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ، ﺍﮜﺎﺭﻭ 04 ﺁﮔﺴٽ 2015 ﻉ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو