هوءَ مهنديءَ جي مهڪار جهڙي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عابد بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2013۔

  1. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    • هوءَ مهنديءَ جي مهڪار جهڙي
    • کليل وسڪي جي بوتل جيان
    • نرتڪي ۽ نخريلي بهار وانگي
    • چيٽ جي چانڊوڪين ۽
    • قطيءَ جي شب اڪيلائي مثل
    • ڇوڪري ڪنهن ساز وانگي وڃندي رهي،
    • رئندي رهي گهٽ ۽ مونجهه جي مند ۾
    • پرينءَ جي پيار بنا ڪنهن اويلي
    • سانجهيءَ ۾ بڻجي رابيل جي خوشبوءِ
    • ڪنهن اڻ ڏٺي، اڻ ڇهي،
    • اڻ مٺي بدن جي ڊائري مٿان
    • چپن سان لکندي وئي، ڳوڙهن سان لکندي وئي
    • ڇوڪري ڪنهن گيت
    • جهڙي غزل بڻجندي وئي، نظم بڻجندي وئي"
     
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    بهار جي جوڀن جيان
    ميگهه ملهار جيان
    مست سمنڊ جي لهرن جيان
    ڇائنجي ويئي ڇوڪري،،،،،،،،،،،
    خيالن ۾ خوشبوء جيان،
    گهڙي ۾ پاڻيء جيان
    اوتجي ويئي ڇوڪري،،،،،،،،،،،،،
    اوچتو ئي اوچتو
    گگهه اونداهي جيان،
    اونهاري جي نٽهڻ اُس جيان
    سرء جي مند جيان
    جهڙندي رهي ڇوڪري،،،،،،،،،،،،،
    هر آه تي ڇرڪڻ لڳي
    ڄڻ چنڊ تي آ گرهڻ لڳي
    روئڻ لڳي سڏڪڻ لڳي
    ڏسڻ ۾ جيئري لڳي
    پر مرندي رهي ڇوڪري،،،،،،،،
    پر مرندي رهي ڇوڪري
    مرندي رهي ڇوڪري،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين عتيق الرحمان توهان جا لفظ تمام سُهڻا آهن ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جمالي علي عباس

    جمالي علي عباس
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تمام بهترين پيارا سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو