محمد ابراهيم جويو : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھڻ گھرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]



    محمد ابراهيم جويو : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھڻ گھرو

    رضوان گل

    ڪجهه ماڻهو قومن جي علم، ادب، ثقافت ۽ ذهني اوسر جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت جا حامل هوندا آهن ۽ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪنهن به ٻولي ۽ علم و ادب لاءِ سرمايو هجن ٿا. سنڌي قوم جي ذهني تربيت ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. ابراهيم جويو نظرياتي حوالي سان اڄ به اُتي ئي موجود آهي ۽ ان ئي فڪر سان سلهاڙيل آهي جتان هن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. هن جي خيالن ۽ نظرين سنڌ جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۾ انقلابي تبديليون آنديون. جويو صاحب جتي به ليڪچر ڏنا، اتي ماڻهو سندس مداح ٿي پيا. سائين جي ايم سيّد ۽ شيخ اياز جهڙين قدآور ۽ مَهان شخصيتن کان پوءِ ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ اهڙا چند ئي ٻيا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ وڙيو آهي.

    ڪنهن وڏي شخصيت بابت لکڻ ان ڪري به ڪافي ڏکيو هوندو آهي جو ان جي ڪيل پورهئي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت پوري ذميواريءَ سان بيان ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻيو ته پنهنجو قد ان وقت هماليه جي چوٽيءَ جي هيٺان بيٺل ننڍري ڪِوِل جيترو ڏسي به اهو گمان ٿيندو آهي ته شايد سندس محبت ۽ محنت سان ڪيل پورهئي جو ڪاٿو ڪري نه سگهجي ۽ سندس ذڪر ڀرپور انداز سان ٿيڻ کان رهجي وڃي. جويي صاحب جو نالو يقيناً اهڙين ئي شخيتن ۾ شامل آهي.

    محمد ابراهيم جويو تعلقي سيوهڻ جي لڪي تيرٿ ڀرسان ڳوٺ آباد ۾ 13 آگسٽ 1915ع تي جنم ورتو، بنيادي تعليم آباد ۽ سنَ ۽ بعد ۾ مئٽرڪ 1934 ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي، انٽر 1936 ۾ ڊِي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، گريجوئيشن 1938 ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۽ بِي ٽِي 1942 ۾ بمبئي مان ڪيائين. 1938 ۾ سنڌ مدرسي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين، 1942 ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد گورنمينٽ ڪاليج فار مين ۾ استاد ٿيو. 1951 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ 1955 ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اهڙي طرح 1973 ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين. 1997 کان 2002 تائين کيس سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئن طور خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي ۾ ملازمت دؤران اڪثر سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به منعقد ڪرائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس به وڙهيو، بي ڊپو ٿي لکندو ۽ پروگرامن ۾ بيباڪيءَ ڳالهائيندو رهيو. وقت جي حڪمرانن سان اصولي ڳالهين تي مهاڏو اٽڪائڻ ۾ هن ڪا به جِجَهڪ محسوس نه ڪئي. پاڻ هميشه هڪ اديب ۽ دانشور طور ڀرپور مزاحمتي ڪردار نڀائيندو رهيو آهي.

    ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور به آهي ته مترجم ۽ سچو سياسي ڪارڪن به. هن هميشه هڪ ڪارڪن جيان ئي ڪم ڪيو آهي، پر سندس سوچ، فڪر ۽ ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري آهي. پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاهوڙي هر دؤر ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو آهي. شيخ اياز سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ دوستيءَ جو سٻنڌ رهيو ۽ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ سندن حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو. هن ترقي پسند نظريي جي پرچار ۾ پنهنجا ڪيترائي هم خيال دوست پيدا ڪيا.

    محمد ابراهيم جويي جن ڪتابن جا ترجما ڪيا سي انتهائي ڪارائتا آهن. هن ادبي بورڊ ۾ ڪجهه معياري ڪتابن جا ترجما ٻين ناليوارن ليکڪن ۽ مترجمن کان به ڪرايا. سائين جي ايم سيّد جي ڪتابن جي شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروف ريڊنگ کان ويندي آخري مرحلن تائين جُڙيل رهيو. ساڳئي ريت هن سنڌ جي بيحد وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتابن جا بهترين مهاڳ پڻ لکيائين جن مان اياز کي وڏو اتساهه مليو. شيخ اياز، ابراهيم جويي بابت لکيو آهي ته: ”ابراهيم جويي ۾ ڪوئي تذبذَب نه آهي، هن جا سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طَي شده آهن، جن ۾ ڦير گھير جي ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب ۽ تسلسل هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن، پسِ پردا رهي هن نئين سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي.“

    ابراهيم جويي بابت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي: ”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي لڏو محمد ابراهيم جويي جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به نه آهي.“

    ابراهيم جويو بحيثيت اديب ۽ دانشور گهڻو مشهور آهي، پر هي هڪ باشعور سياسي ڄاڻ رکندڙ خاموش ۽ گم نام ڪارڪن رهيو آهي. هن تاريخي نوعيت وارا ۽ انتهائي ذميواريءَ وارا ڪم پڻ سرانجام ڏنا آهن. جويو صاحب وڏي سياسي بصيرت رکندڙ ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڄاڻ ڏيندڙ سندس انتهائي لاڀائتا ليک دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن. محمد ابراهيم جويي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ڪيترائي ترجمو به ڪيا. هڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سيوِ سنڌ سيوِ ڪانٽينينٽ فرام فيوڊل لارڊس ڪيپيٽلس“ 1947 ۾ هن شايع ڪرايو، جنهن سبب کيس ملازمت تان به هٿ ڌوئڻا پيا. بعد ۾ مدرسي جي شاگردن هن جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا. ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ 1955 ۾ شايع ڪرائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ناليوارن ليکڪن جي ليکن شايع ڪرڻ کان علاوه نون لکندڙن جي تمام گهڻي همت افزائي ۽ اصلاح پڻ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان لکندڙ اڀري آيا.

    ”ادب ٻولي تعليم“، ”شاهه سچل سامي“، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“، ”سيڪيولرزم ۽ اقليت پسندي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (ترجمو)، ”ٻارن جو مسيح“ (ترجمو)، ”وحشي جيوت جا نشان“، ”ماڻهو جو ڀاڳ“، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ (ترجمو)، ”شدان جو باندي“، ”مهڪريءَ جا مضمون“ (ترجمو)، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”ادب ۽ سياست عوام لاءِ“ ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪتاب پاڻ ترتيب ڏنائين ۽ ترجمو ڪيائين. محمد ابراهيم جويو اڄ سوڌو ڌرتيءَ لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪري رهيو آهي.
    ______
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    عقل، شعور، ڏاهپ ۽ مسلسل جدوجهد جي هڪ صدي ..... يعني سئو سالا سالگرهه تي سائين محمد ابراهيم جويو کي سلام


    [​IMG]

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هڪ صدي جي ماڻهو کي جنم ڏڻ جون لکين مبارڪون..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جو ڏيئو وسامجي ويو
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ هميشه پنهنجي ڪک منجهان املهه انسانن کي پيدا ڪري وڏو ڪيو جن پنهنجي ادبي ، سياسي، سماجي ، ثقافتي ڪم ڪري پنهنجو پنهنجي ديس جو نالو ملڪان ملڪ نروار ڪرايو انهن شخصيتن منجهان محمد ابراهيم جويو صاحب پڻ هڪ هو جنهن پنهنجي علم ، عقل ، ڏاهپ وسيلي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي ڪندي ڪالهه سنڌي ادب جو ڏيئو 9نومبر 2017 خميس ڏينهن 102 سالن جي زندگي جا پل گذاري سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ، سنڌ ڌرتي جو هي ناميارو عالم ، اديب ۽ ڏاهو انسان 13 آگسٽ جمعي جي ڀلاري ڏينهن سال 1915ع ڌاري آباد ڳوٺ ضلعي ڄامشوري جي معزز شخصيت محمد خان جويو جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو پاڻ ننڍي هوندي غربت واري زندگي گذاريائين ، محمد ابراهيم جويو صاحب (ٽن سالن ) جي عمر جو مس هو ته سندس والد صاحب جي شفقت کان محروم ٿي ويو ، سنڌ جي هن ذهين ،ڏاهي عالم پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول منجهان (چار درجا ) پڙهي پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سال 1927ع ڌاري سن شهر جي اسڪول (اي _ وي )منجهان ناليواري سياستدان سائين جي _ ايم سيد جي شفقت سان (ٽي درجا انگريزي) جا پڙهي پاس ڪيائين سال 1930ع ڌاري تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هن ڪراچي شهر جو رخ ڪيو جتي هن ڏاهي اديب سنڌ مدرست الاسلام جهڙي بهترين تعليمي ادراري منجهان چوٿين جماعت کان ستين درجي تائين محنت ۽ شوق سان تعليم پرائيندو رهيو ان زماني ۾ سنڌ جو علم ادب جو اڪابر علامه عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب پرنسپل هوندو هو جڏهن ته ان زماني منجهه محمد ابراهيم جويو صاحب ايتري محنت ڪئي جو مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرست الاسلام منجهان (ٻيون نمبر ) حاصل ڪري 20 روپيه اسڪالرشپ پڻ حاصل ڪئي . ان دور ۾ستين درجي کي مئٽرڪ جو درجو پڻ حاصل هوندو هو، تنهن بعد جويو صاحب پنهنجي محنت سان سال 1938ع گريجوئيشن جي ڊگري مهان پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي صاحب ، ڀيرومل همر چند آڏواڻي ، ۽ منگها رام ملڪاڻي جي شفقت ، محنت ، محبت، شفيق استادن جي رهنماني منجهه (ڊي _ جي سنڌ ڪاليج ) ڪراچي منجهان حاصل ڪئي هي برک اديب سنڌي ادب جو سڄڻ پاڻ تعليم جي سلسلي ۾ سال 1940ع ۾ سنڌ مدرسي پاران (بي _ ٽي ) جي سند حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي جي ڪاليج (ايس _ ٽي ) مان پڙهي ڊگري حاصل ڪري واپس وريو ته سال 1941ع ڌاري سنڌ مدرسي ۾ (اسسٽنٽ ماستر ) مقرر ٿي درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙجي ويو ، سنڌ جي هن مهان ڏاهي سال 1947ع واري زماني منجهه سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دوران هڪ ڪتاب انگريزي زبان منجهه ( سيو سنڌ سيودي ڪانٽينٽ ) پنهنجي ڏاهپ سان لکيائين جنهن جي سزا ۾ تڏهوڪي زماني جي (وزيز تعليم ) ۽ سنڌ مدرسي جي بورڊ جي صدر پير الاهي بخش ناراضپو ڏيکاريندي سندس ملازمت مان هٽائي ڇڏيو ان دور ۾ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب جي ذهانت ۽ اهليت کي پسند ڪندي ٺٽي ميونسپالٽي جي چئيرمين ( موليڏني عباسي ) صاحب کيس ميونسپل هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي اهم عهدي تي اڇ ڏني تنهن بعد هي ڏاهو محنتي استاد پنهنجا فرض زبردست نموني سرانجام ڏيندو رهيو جتي جويو صاحب مسلسل ٽي سال ان اسڪول ۾( 200روپيه ) ماهوار پگهار تي پڙهائيندو رهيو ٿوري عرصي بعد اهو اسڪول به گورنمينٽ جي تحويل ۾ ورتو ويو تنهن کانپوِ سندس جي بدلي حيدرآباد جي (ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج فار مئن ) ۾ اسسٽنٽ ماستر واري اهم ذميواري نڀائندو رهيو سال 1951ع ڌاري (سنڌي ساهت مرڪزي صلاحڪار بورڊ کي نئين نالي يعني (سنڌي ادبي بورڊ ) قائم ڪيو ويو ته هن عظيم انسان کي ان اهم اداري جي ذميواري (سيڪريٽري ) طور ادا ڪرڻ پئي جويو صاحب مسلسل ڏهه سال ان اهم عهدي تي ڪم ڪندي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوريندو رهيو ان زماني واري سمي ۾ پاڻ ٽي ماهي (مهراڻ رسالي ) جي (ٻه ) سال ايڊيٽر جي اهم ذميواري به سندس جي هٿن منجهه هئي اهو زمانو ون يونت وارو ڏکيو وقت هو ڇو جو ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي وجود کي وڏو لوڏو پئي آيو مڱر هن ذهين اديب ٻين اديب دوستن کي گڏ ڪري پنهنجي قومي ورثي ۽ سنڌي زبان کي بچائڻ جا لاءِ جدجهد ڪندي ڪندي سرخرو ٿيو ۽ ان زماني ۾ مرڻيگ سنڌي ادب کي جياپو ڏئڻ جو ڪردار زبردست نموني نڀايائين هي سنڌ جو سٻاجهرو محنتي اديب مختلف اهم ذميوارين سان لاڳاپل رهيو سندس کي سال 1963کان 1967ع ڌاري (آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ) ڪوئٽا ، لاهور ، ڪراچي ، ۽ حيدرآباد ۾ پڻ رهيو جويو صاحب ون يونٽ جي خاتم بعد (سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن ، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن جي عهدي تي حيدرآباد ۾ ڪم ڪندو رهيو پاڻ سال 1971 واري سمي م سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ميمبر ذميواري ملي ان عرصي ۾ جويو صاحب ڪيترائي نصابي ڪتاب پڻ لکيا پاڻ آخرڪار 12 آگسٽ 1973ع سرڪاري عمر 60 سال پوري ٿيڻ بعد سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي سيڪريٽري جي عهدي کان رٽائرٽمينٽ ورتائين سنڌ جو هي مهان اديب 50 سالن کان وٺي پنهنجي قلم جي نب سان سنڌي ادب کي نوازيندو نظر آيو، پاڻ ڪڏهن به نه ٿڪو نه پنهنجي قلم کي ننڊ ڪرڻ ڇڏيائين سال 1973ع ڌاري ڪجهه قلم ڌڻين کي گڏ ڪري هڪ ادارو (سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت ) نالي قائم ڪيائين ۽ پاڻ جويو صاحب ان جو صدر رهيو ان اداري جي سهڪار سان سنڌي ادب جي جهول ۾ (چاليهه کن ) ڪتاب زينت بڻايائين سنڌ جي هن ڏاهي اديب کي سنڌي ادب سان بي انتهاهه محبت ۽ چاهه هو جويو صاحب جهڙي طرح بهترين مترجم ۽ هڪ وڏو نقاد محقق پڻ هو پاڻ ترجمن ۽ تخليقي ادب سان هميشه سنڌي ادب جي جهول ڀريندي نظر آيو پاڻ ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيائين جن منجهه ايميلي عرف تعليم ، ٻارڻ جي تعليم ، وحشي جيوت جا نشان ،سنڌي زبان جي بنيادي لغت ، فڪر جي آزادي ، شاهه، سچل ، سامي ، ٻارن جو ميسيج ، ماڻهو جو ڀاڳ ، فلسفي جي ابتدائي ڪورس ، اسان جي ٻولي اسان جي تعليم ، ادب ، ٻولي ، تعليم ، خط ٻن اديبن جا ، ڳالهيون ڪتابن جون ، خط دوستن جا ، انهن کان علاوه جويو صاحب ڪيترائي درسي ، ادبي ڪتاب لکي سنڌي ادب کي آسودو بڻايون ويو سندس جا لکيل ڪتابن جا مهاڳ به اڻورندڙ اهن تنهن کان علاوه سندس جون تقريرون سنڌي ، انگريزي مضمون سنڌي ادب لاءِ ڪنهن فخر کان گهٽ ڪين نه آهن پاڻ هميشه سنڌي ادب جي خدمت ڪندي نظر آيو سندس کي الله تعالي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد عطا ڪئي سندس هڪ نياڻي نيلوفر جويو پڻ ادبي لڏي سان سلهاڙيل ڪهاڻيڪار پڻ هئي جويو صاحب جي ادبي خدمتن مڃتا طور حڪومت سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري ڊپارمينت مئي 2009ع ۾ انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ شاندار تقريب پڻ ڪوٺائي جتي سنڌ جي نالوارن اديبن ، دانشورن ،جويو صاحب جي ادبي خدمتن تي روشني وجهي ڀيٽا پيش ڪئي جتي شيلڊون ۽ گلن جا تحفا پڻ جويو صاحب کي پيش ڪيا ويا مڱر ڪالهه سنڌ جو برک عظيم ڏاهو انسان سڀئي ادبي مصروفيتون ڇڏي سنڌي ادب جي جهول ڀري ڪري سموري سنڌ واسين سان گڏ ادبي لڏي جي دوستن ،گهر وارن کي سوڳ ۾ ڇڏي هميشه لاءِ 102سال 2 مهينا 27 ڏينهن زندگي جا پل گذاري هميشه لاءِ وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس جي آخري آرمگاهه علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي ڀر ۾ واقع آهي

    ڏس پتو: پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو