چنهونءَ جو دڙو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ RehmanKhaskheli طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2010۔

  1. RehmanKhaskheli

    RehmanKhaskheli
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2010
    تحريرون:
    68
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    Nawabshah
    نوابشاهه ضلعي جي سکپور اسٽيشن کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي ۽ ڳوٺ بهادر جوکيه جي ويجهو هڪ شاهي کنڊر آهي، جيڪو ”چنهونءَ جو دڙو“ جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ دڙو شهر سڪرنڊ ۾ موجود آهي.سال 1936ع ڌاري محڪمه آثار قديمه طرفان هن دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي وئي هئي ۽ دڙي مان موهن جي دڙي وانگر جهوني تهذيب جا نشان ڏسڻ ۾ آيا. ڪن هنڌن تي کوٽائي ڪندي اهڙيون به نشانيون ۽ ثابتيون مليون آهن، ته ڪنهن زماني ۾ هن شهر جي ڀرسان درياءُ وهندو هئو. البته اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته چنهونءَ جو دڙو، موهن جي دڙي کان وڌيڪ جهوني زماني سان تعلق رکندڙ آهي يا نه. پر جيئن ته هن دڙي جي کوٽائي مڪمل ٿيل نه آهي. انهيءَ ڪري اهو ضروري آهي ته سموري ايراضيءَ جي ٻيهر کوٽائي ڪئي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي وڌيڪ اهڙيون شيون لڀي وڃن، جن جي ذريعي ڪا وڌيڪ خبر چار هٿ ڪري سگهجي. هن دڙي جي کوٽائي ڪندي پتل ۽ ٽامي جا ڪيترائي اوزار،ڪهاڙين جا ڦر، ڀالن ۽ رنبن جا منهن ۽ طرحين طرحين قسمن جا جا ٿانو ڏٺا ويا آهن، جن مان ظاهر آهي ته چانهونءَ جو دڙو به آڳاٽي زماني ۾ ڌاتوءَ جي شين جو مکيه مرڪز هئو. ڇاڪاڻ ته جيڪي ٿانو هن دڙي اندران لڌا ويا آهن، ساڳئي قسم جا ٿانو هڙاپا، جهڪر ۽ موهن جي دڙي مان هٿ آيل آهن. پروفيسر پتاوالا جو چوڻ آهي ته چنهونءَ جي دڙي مان هڪ دفعي کوٽائيءَ بعد جن ڌاتن جي شين مان ٺهيل شيون هٿ آيون آهن، اوترو انداز موهن جي دڙي مان چار دفعا کوٽائيءَ وقت به هٿ نه اچي سگهيون آهن. ڊاڪٽر منڪي هن راءِ جو آهي ته چانهونءَ جو دڙو هڙاپا جي تهذيب سان ڳوڙهو واسطو رکندڙ آهي. ڊاڪٽر منڪي پنهنجي ”پوسٽر ميوزيم آف فائن آف بليٽن“ ۾ صفحي 83 تي ڄاڻائي ٿو ته پراڻي زماني ۾ چنهونءَ جي دڙي جا جدا جدا کنڊر سڀ هڪ ئي شهر هئو. جن کي دريائي سيلاب هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو. ۽ هن شهر جي برباد ٿيڻ جو سبب ٻوڏ آهي. هن وقت دڙن کان ٻارنهن ميل پري اولهه طرف درياءُ وهي رهيو آهي. پر ڪنهن وقت هن شهر کان فقط ٽن ميلن جي مفاصلي تي اهو درياءُ وهندو هئو. دڙي جي کوٽائيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ جو هيءُ آڳاٽي زماني وارو شهر ماڳهين درياءُ يا درياءُ جي ڪنهن مکيه واهه يا شاخ تي ٻڌل هئو. هن کنڊر جي کوٽائي ڪندي اهڙيون ڪيتريون ئي ثابتيون مليون آهن جن مان صاف ظاهر آهي ته هڙاپا واري تهذيب سان مشابهت رکندڙ هن شهر جي ماڻهن کي لاچار ٿي به ٽي دفعا پنهنجا شهر ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ پنهنجا گهر وسائڻا پيا هوندا. هن کنڊر جون ڪيتريون ئي جڳهيون ٻوڏ سبب برباد ٿي ويل ڏسجن ٿيون. انهيءَ ڊهيل جڳهين جي کوٽائي ڪندي ڪن جڳهين کي مورڳوئي پاسي ڀر ڪريل ڏٺو ويو آهي. ساڳيءَ رت موهن جو دڙو به ٻه دفعا سنڌو نديءَ جي ٻوڏ جو شڪار ٿيل ڏسجي ٿو، ۽ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڙاپا جي تهذيب وارن موهن جي دڙي ۽ چنهونءَ جي دڙي ۽ جهڪر جي دڙي وارن ماڻهن کي ڌارين دشمنن سان ايترو مقابلو ڪونه ڪرڻو پيو هوندو، جيترو پنهنجي ڀر درياءُ سان ڪرڻو پيو هوندو.

    موهن جي دڙي ۽ چنهونءَ جي دڙي جي تهذيب هڪوار سنڌو نديءَ سبب ڦٽي ناس ٿي هوندي. فقط موهن جي دڙي ۽ چنهونءَ جي دڙي جي چئوگرد پاڻي اڇ لڳي پيل ٿي ڏسجي. پر اهو شهرن ۾ ڪاهي ويل ٿو ڏسجي، جنهن ڪري انهن اڳوڻي شهر جا ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پيا . ڪن ڄاڻن جي فقط نگاهه ڊاڪٽر منڪي جي مٿي ڄاڻايل رايو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه مڃڻ جهڙي نه آهي ته سنڌ جا جملا پراڻا شهر درياءَ جي اُٿل سبب غرق ٿي ويا هجن. اهڙي ڪنهن طوفان نوح جو تاريخن ۾ ذڪر ئي نه آهي. جن مان اهو ظاهر ٿي سگهي ته سڀ شهر ڪنهن بي پناهه سيلاب سبب غرق ٿيا هجن. دراصل پراڻي زماني جي گهڻن شهرن جي برباد ٿيڻ جو سبب جابلو قومن جون ڪاهون آهن. ڪيتري هنڌن تي کوٽائي ڪندي ماڻهن جا هڏا، ۽ انهن سان گڏ هٿيار لڌا ويا آهن. جنهن مان هيءُ شڪ گذري ٿو ته ڌارين ملڪن جي حملا آور ماڻهن جي ڪاهه سبب اُهي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هوندا، ته انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي
    sindhsalamatsaathsal
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چنهونءَ جو دڙو

    ادا رحمان خاصخيلي صاحب؛ مهرباني معلوماتي ليک آهي ۔۔۔ سنڌ جي قدامت جي تعريف ته دنيا ڪري پئي ۽ سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ورسيل شهر ۽ ڳوٺ جي هن وقت کنڊرات جي صورت ۾ آهن سي هن ڌرتيءَ ۽ سنڌودرياهه جي قدامت ظاهر ڪنٿا ۔۔۔ باقي رهيو انهن مان تاريخي شيون ڳولهي لهڻ انهن کي محفوّظ ڪرڻ ۽ انهن کي تعليم جو حصو ٺاهڻ ۔۔۔ اهو آهي اسانجي جامعات جو ڪم ۽ حڪومت وقت جو ڪم ته ان تاريخ جي وارثي ڪن ۔۔۔ پر افسوس جو ڪيترائي ادارا آهن جي پنهنجا فرض پورا نٿا ڪن ۔۔۔ روئڻ ته روئجي ٿو پر ڪو کڙ تيل نڪرندي نظر نٿو اچي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته دوست هي ليک ۽ تحقيق اوهان جي لکيل آهي يا ڪنهنجي حوالي سان آهي ۔۔۔ جي ڪنهن حوالي سان آهي ته ڪو به معلوماتي ليک ڏيڻ وقت حوالو ڏيڻ ضروري هوندو آهي ته جيئن انجي اهميت برقرار رهي ۔۔۔ معاف ڪجو ۔۔۔
     
  3. RehmanKhaskheli

    RehmanKhaskheli
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2010
    تحريرون:
    68
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    Nawabshah
  4. RehmanKhaskheli

    RehmanKhaskheli
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2010
    تحريرون:
    68
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    Nawabshah
    جواب: چنهونءَ جو دڙو

    معاف،ڪجو،مان،ڪامَه،انهي،لاء،ڏني،آهي،ڇو،جو،ويبسائٽ،مين،ڪو،فالٽ،آهي،۽،منهنجو،spaceسهي،آهي،پر،سندهي،لکڻ،مهل،ڪون،ٿو،لڳو،ان،جو،ڪو،هل،ڪڍو
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چنهونءَ جو دڙو

    ادا رشيد يار، سائين خاصخيلي صاحب کي پڻ اهو ئي مسئلو آهي، جيڪو اسان سان پڻ هيو، مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا ته اهو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟
    sindhsalamatsaathsal
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: چنهونءَ جو دڙو

    سائين رحمان خاصخيلي صاحب ۔۔۔ مهرباني فرمائي هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو ۽ پنهنجو مسئلو حل ڪريو۔۔۔۔

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=3100
     
  7. RehmanKhaskheli

    RehmanKhaskheli
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2010
    تحريرون:
    68
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    Nawabshah
    جواب: چنهونءَ جو دڙو

    توهان جي مهرباني هاڻي space۾ ڪوبه مسئلو ناهي،،،،ادا رشيد توهان جي وڏي وڏي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو