1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

مولود شريف

'حمد و نعت' فورم ۾ اي جي شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2013۔

  1. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    مولود شريف سنڌي جي ها صنف آهي جنهن ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي تعريف ڪئي ويندي آهي ليڪن اڄوڪي جديددور ۾ ان ۾ ڪجهه اخلاقي پهلوئن کي پڻ بيان ڪيو وڃي ٿو مولود شريف جو جڏهن نالو اچي ٿو تڏهن سنڌ جو هڪ وڏو جيد عالم مولانا عبدالله چانڊيو جو نالو سر فهرست آهي مولانا صاحب جا مولود تمام گهڻو مشهور ٿيا مولانا صاحب اسلام جي هڪ وصف رواداري جو هڪ وڏو مظهر آهي سندس اولاد ۾ مولانا عبدالحميد چانڊيو صاحب فقه جعفريه جو هڪوڏو عالم ۽ سندس ٻيو پٽ سرڪش سنڌي ، سنڌي ادب جو هڪ وڏو نان آهي هتي ڪجهه مولانا عبدالله چانڊيو صاحبجا ڪجهه مولود ڏجن ٿا

    بسم الله الرحمان الرحيم
    مولودشريف 1

    ٿلهه:
    رحمت رب جي آيو جڳ ۾ عالم جو ته امام
    مجلس وارو دم دم دل سان پڙهو صلواة سلام


    آدم نوح ۽ عيسيٰ موسيٰ ابراهيم امام ابراهيم امام سيد عالم سڀ جو سرور آهي فخر امام

    مرسل آ معراج مٿي ڪيو حق سان هم ڪلام
    پنج فرائض احمد آندا امت لاءِ انعام

    ترڪ ڪري شرڪ ڪفر کي آڻي ٿو اسلام
    جاءِ تنهنجي جنت اندر باغ بهشت مقام

    امت خاطر عربيءَ ورتو الله کان انعام ڪلمو جنهن توحيد جو پڙهيو دوزخ تنهن تي حرام

    عبدالله عبادت اندر عمر گذاري تمام
    حمد خدا جو مدح محمد
    ورد صبح شام


    مولود شريف 2
    ٿلهه:
    خدا پيدا ڪيو آ عرش ڪُرسي آسمانن کي
    زمين کي ڏس زمانن کي جهانن کي مڪانن کي

    ڇڏائي ويو آ جنهن کان عقل ڍور آهي نه ماڻهو آ
    ۽ ڍورن لاءِ ڪاتيءَ جي اجازت مرد مانن کي

    حڪومت جو ۽ حڪمت جو ڏسو قانون ساڳيو آ
    ڪري تسليم هر ڪو آدمي قانوندانن کي

    خدا جي خود حڪومت آهي ظاهر علم حڪمت جي
    بڻائي جنهن ڏني آهي بڻاوٽ هر جهانن کي

    دهر خود آهي ويچارو ۽ دهريو آ ويچارو
    جو خود فاني ڏسي ٿو پاڻ کي ۽ پنهنجي آگن کي

    بناڪاريگر جي ڪانه آ ڪاريگري ممڪن
    بڻائن آدمي ٿا ڏسن پنهنجي آستانن کي

    انهيءَ سائنس جو موجود آهي ماڻهو ٿا مڃن جنهن کي
    اهو محتاج ماڻهن ڏي مڃي سائنسدانن کي

    وري ٻوٽا وڻن جا يا وري ٻچا هر ساهه واري جا
    ٿين ٿا تخم مان پيدا ڏسو ڪڪڙن آنن کي

    مگر ڪنهن کي نه طاقت آ جو پاڻئي پوءِ ٿئي پيدا
    نه ماڻهن کي نه ٻوٽن کي نه ٻوڙن کي نه ڪانن کي

    خدا واحد بڻايو آهي دنيـــا جو سمورو گهر
    بڻائن ٿا جيئن ماڻهو گهرن کي ۽ دڪانن کي


    ذرو ذرو ڏيئي ٿو شاهدي پنهنجي ئي خالق جي
    ته مالڪ ئي ڪيو خلقڻ سمورن ئي نشانن کي

    مگر جنهن جو ٿيو پنچر عقل ۽ هوش گم آهي
    ته ختم ڏيئي ڇڏيو مئوئن جي خاندانن کي

    ستارا ،چنڊ، سج روشن لهن اڀرن ڏهاڙي پيا
    سواءِ قادر جي ٻاري ڪير ساري شمعدانن کي

    عناصر چار آهن باهه ، پاڻي ، مٽي ۽ هوا
    ٻڌو ٿا لعل موتي سون چاندي جي خزانن کي

    جنهن ايمان آندو آ خدا جي هيڪڙائي تي
    خدا منهن پنهنجو ڏيکاري بهشتي مهمانن کي

    جنهن کي عبد چانڊيه هي عقل آهي دماغ آهي
    اهو ئي سمجهي ويندو هن دليلن ۽ بيانن کي


    ٿلهه:
    محمد جو ناهي ڪو انسان ثاني
    نه جهڙس ڪو ثالث نه جهڙس ڪو ثاني

    نه اهڙو ڪو انور نه اهڙو ڪو رهبر
    نه اهڙو ڪو دلبر نه اهڙو ڪو داناءُ.
    نه اهڙو ڪو سرور نه اهڙو ڪو افسر
    نه اهڙو ڪو اطهر نه اهڙو ڪو جاناءُ

    هي جهڙو مطهر هي جهڙو منور
    هي جهڙو معطر هي جهڙو آ جاني

    نه اهڙو ڪو عامل نه اهڙو ڪو ڪامل
    نه اهڙو ڪو سانول نه اهڙو ڪو اجمل
    نه اهڙو ڪو عاقل نه اهڙو فاضــــل
    نه اهڙو ڪو عادل نه اهڙو ڪو اڪمل

    هي جهڙو ڪريم آ هي جهڙو ڪليم آ
    هي جهڙو حڪيم آهي جهڙو حقاني

    نه اهڙو ڪو شيرين نه اهڙو ڪو شاهد
    نه اهڙو ڪو عابد نه اهڙو ڪو عالي
    نه اهڙو ڪو ساجد نه اهڙو ڪو زاهد
    نه اهڙو ڪو قائد نه اهڙو ڪو والي

    هي جهڙو مؤمبر هي جهڙو صنوبر
    هي جهڙو قداورآ سروي چماني




    ڪري عبد ڇا مدح حضرت جي پوري
    نه اهڙو ڪو خاڪي نه اهڙو ڪو نوري
    نه اهڙو ڪو ڄايو نه ڄمندو حضوري
    نه اهڙو ڪو آيو نه ايندو ضروري


    هي جهڙو حبيب آهي جهڙو طبيب آ
    هي جهڙو عجيب آ صاحب عالي
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,420
    ورتل پسنديدگيون:
    6,763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    223
    ڌنڌو:
    غير سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    اللهُم صل على محمد و على آل محمد و بارڪ وسلم ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,824
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪري عبد ڇا مدح حضرت جي پوري
    نه اهڙو ڪو خاڪي نه اهڙو ڪو نوري
    نه اهڙو ڪو ڄايو نه ڄمندو حضوري
    نه اهڙو ڪو آيو نه ايندو ضروري


    ننڍي هوندي کان ٽيپ رڪارڊر ۾ اسانجي گهر ۾ اڪثر مولود ٻڌبا هئا ۔۔۔ خاص ڪري غلام نبي مهيسر ۽ سندس ساٿي ۔۔۔۔ مون به سندن ڪيئي مولود ڳايا ۽ ياد ڪيا۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز ڇٽو المدينه

    ممتاز ڇٽو المدينه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    المدينه المنوره
  5. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    س
    سائين عبدالله چانڊيو جا مولود مون هڪ ننڍڙي ڪتابچي ۾ ڪموز ڪيا هئا جيڪي توفيق احمد مولوي محم عظيم ڪتاب گهر شڪارپور طرفان شايع ٿيا اهي مون وٽ موجود آهن انشاءَ الله انهن کي نئين سر ترتيب ڏئي سنڌ سلامت جي زينت بڻائبا۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,824
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جا اهي قرب ۽ ٿورا لاهي ته ڪونه سگهنداسين پر ڳائينداسين ضرور
     
  7. طيب جوکيو

    طيب جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڀنڀور۔ ضلعو ٹھٹھو
    واه واه سبحان اللھ
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,175
    ورتل پسنديدگيون:
    5,178
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    صلي الله عليک يا رسول الله صلي الله عليه وسلم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو