”سنڌ کي پاڻي ڏيو“: قومي اسيمبلي ۾ سنڌي ميمبرن جون دانهون، 91ع ٺاهه تي عمل جو مطالبو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ڀارت پاران پاڪستان جو پاڻي روڪڻ بابت بحث دوران سنڌي ميمبرن پاران پاڻي جي 1991ع واري معاهدي کي تاريخي ۽ غيرتڪراري دستاويز قرار ڏيندي ان تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، مخالف ڌر ميمبرن چيو آهي ته ڀارت سان جيڪڏهن جنگ لڳي ته ڪشمير معاملي تي نه پر پاڻي معاملي تي لڳندي، ڀارت سنڌو درياهه ۾ سرنگهه کوٽي پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، ڀارت مان پاڪستان ايندڙ درياهن جي پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ سيٽلائيٽ ۽ ٽيليميٽري سسٽم لڳايو وڃي. اهڙو اظهار ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي التوا وارين رٿن تي بحث دوران مخالف ڌر ميمبرن بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي چوڌري برجيس طاهر بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ڀارت ڪارگل وٽ سنڌو درياءُ ۾ 28 ميل ڊگهي سرنگهه ڪڍي آهي، جنهن ذريعي پاڪستان جو پاڻي چوري ڪرڻ ۽ پاڻي روڪڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي ڪشمير مسئلي تي ناڪام ٿي وئي آهي، هاڻي پاڻي معاملي تي به حڪومت ڀارت خلاف احتجاج ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڻي معاملي کي گڏيل قومن جي فورم تي پيش ڪيو وڃي ڇو ته اهو پاڻي معاملو انساني حقن جو مسئلو آهي. ڊاڪٽر عافيه معاملي تي پارليامينٽ مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ کپندو هو، اسان جي غيرت جو جنازو کنيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي درياهن ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامي رهي آهي. ڀارت سان ايندڙ جنگ سرحدن تي نه پر پاڻي معاملي تي ٿيندي. هن چيو ته ڀارت جي پاڻي دهشتگردي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. (ق) ليگ جي ماروي ميمڻ چيو ته قومي اسيمبلي مان ڀارت جي پاڻي بابت دهشتگردي خلاف قرارداد منظور ڪئي وڃي، صرف رٿن تي بحث ڪافي ناهي. هن چيو ته پاڪستان جا درياهه خالي ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ خشڪ سالي ۽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. پاڪستان اندر پاڻي معاملي تي صوبن ۾ ڦڏو هلي رهيو آهي. پاڻي ورڇ معاملي تي صوبائي هم آهنگي متاثر ٿي آهي. 1991ع وارو پاڻي معاهدو ۽ سنڌ طاس معاهدو انتهائي اهم دستاويز آهن، جن تي سڀئي ڌريون متفق آهن. انهي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته التوا وارين رٿن تي بحث کانپوءِ ڀارت خلاف اتفاق راءِ سان مذمت واري قرارداد منظور ڪئي وڃي ڇو ته ڀارت پاڪستان خلاف هڪ طرفي پاڻي جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. پروين مسعود ڀٽي چيو ته ڀارت پاڻي روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب پاڪستان جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. ڀارت جڏهن بگهليار ڊيم ٺاهي رهيو هو ته ان وقت پرويز مشرف خاموش تماشائي بڻيل هو. موجوده حڪومت ڀارت جي ڊيمن تي احتجاج نه ٿي ڪري پر پنهنجي ملڪ جي وڏي منصوبي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري اهو منصوبو ختم ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهي وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نه هجي ها. هن چيو ته درياهن ۾ گل ڇٽڻ ۽ خوبصورت بيان ڏيڻ سان ڪجهه به نه ورندو. ڀارت پاران پاڻي روڪڻ وارو معاملو عالمي انصاف واري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ ڊيم ٺاهيا وڃن. مسلم ليگ (ن) جي ملڪ شاڪر بشير اعواڻ چيو ته پاڻي معاملي تي صوبن ۾ به ناراضگيون پيدا ٿي رهيون آهن. ملڪ ۾ زمينون ۽ فصل تباهه ٿي رهيا آهن. ڀارت پاڪستان جي حصي جي درياهن تي ڊيم ٺاهي اسرائيلي انجنيئرن جي مدد سان سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان لاءِ هن سرنگهه کوٽي آهي. (ن) ليگ جي شيخ آفتاب احمد چيو ته ڀارت سان ڪشمير معاملي تي جنگ ٿئي يا نه پر پاڻي تي ضرور جنگ ٿيندي. اسان جا حڪمران ڀارت جي پاڻي دهشتگردي خلاف عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ لاءِ اڳتي وڌن. پاڪستان جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو. وقت تيزي سان گذري رهيو آهي. دنيا جي عالمي ادارن ۾ معاملو اٿاريو وڃي.

    sadayeen gud

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”سنڌ کي پاڻي ڏيو“: قومي اسيمبلي ۾ سنڌي ميمبرن جون دانهون، 91ع ٺاهه تي عمل جو مط

    هي قصو به لڳي ٿو ته پنجاب جو ڇڏيل آهي ته جيئن هو آرام سان سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ۽ اسين ڀارت سان ويڙهه طرف رخ ڪريون ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته پنجاب هميشه توب جي لائسنس لئه چئي بندوق جو لائسنس ته وٺي ويندو آهي ۔۔۔ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ۔۔۔
    مارا جو توني ڦول وه پٿر سي ڪم نهين ۔۔۔ هو ته غير مذهب ۽ ڌاريا آهن، اوهين ته اسانجا ڀائر ٿا سڏرايو ۽ اهي به وڏا ته قرباني ڇونه ٿا ڏيو؟ چوري ڀارت ڪري يا پنجاب سڪندي ته سنڌ ۔۔۔!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو