سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي

'استاد بخاري' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي ​

    الله تعاله انسانن کي مختلف گروهن ۾ ۽ مختلف ذاتن ۾ پيدا ڪيو تاڪه توهان هڪٻئي کي سڃاڻي سگهو.. اسلام اسان کي اهيا تعليم ڏني آهي مگر هت ذات پات رنگ نسل ، ۽ زبان کي وري تعصب جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي. اچو ته پهرين اهيو سمجهون ته ٻولي ڇا آهي ۽ ڇو لاء ضروري آهي .ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ علائقو رهڻي ڪهڻي رسم رواج ۽ ثقافت هوندو آهي .مگر دنيا جي وڏن ڏاهن ۽ عالمن ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ وري زبان ۽ ٻولي کي اهم نقطو يا اهم جز قرار ڏنو آهي .
    ٻولي ان لاء ضروري آهي جو ٻولي اهو واحد ذريعو آهي جنهن سان انسان هڪٻئي جي ڳالهه کي سمجهي سگهي ٿو ۽ هڪٻئي سان رابطو ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي خيالن جو احساسن جو اظهار به ڪري سگهي ٿو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پرائمري تعليم انهي علائقي جي مادري زبان ۾ ڏني ويندي آهي. اهو ان لاء ته جئين کيس پنهنجي مادري زبان پڙهڻ لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچڻ کپي. سنڌ جي عّظيم صوفي بزرگ ۽ عظيم شاعر حضرت شاه عبدللطيف ڀٽائي جي دور ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي مگر ڀٽائي صاحب فارسي کي اهميت نه ڏيندي پنهنجي شاعري پنهنجي مادري زبان سنڌي ۾ ڪئي ۽ فارسي لاء ته هيئن چيائين (( جي تو فارسي سکيو گولو تو غلام،، اڃو تان آب گهري، بکيو تان طعام،، اهو عام سندو عام خاص مان ڪين ٿئي.))
    سنڌي زبان کي مالا مال ڪري ڇڏيو، جيڪو شاه صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي وڏو ٿورو ۽ وڏو وڙ آهي.
    منهنجا دوستو مان سڀني سنڌي ماڻهن کي اهيا درخواست ڪندس ته منهنجا ڀائرو خدا را پنهنجي ٻارن کي ڀلي انگريزي پڙهايو (اها به ضروري آهي ) مگر پنهنجي ٻارن کي سنڌي ضرور پڙهايو ۽ پاڻ پڙهو ۽ سنڌ، ۽ سنڌي ٻولي کي بچايو ۽ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪريو . ۽ پنهنجي ٻولي ۽ وطن (ساڻيهه) کي نه وساريو ڇاڪاڻ ته هڪ سڄڻ ۽ ٻيو ساڻيهه ڪو بيوقوف ئي وساري ٿو سگهي عقلمند ۽ سمجهدار ڪڏهن به ائين نه ڪندو بقول شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبللطيف ڀٽائي رح سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري. سو ان ڪري شاه صاحب جو چوڻ وٺو ۽ اڻاسي بڻجڻ کان بچو ڪٿي ائين نه پڙهيو وڃي ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
    ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي ڪراچي سنڌ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو