سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي​




    الله تعاله انسانن کي مختلف گروهن ۾ ۽ مختلف ذاتن ۾ پيدا ڪيو تاڪه توهان هڪٻئي کي سڃاڻي سگهو، اسلام اسان کي اهيا تعليم ڏني آهي مگر هت ذات پات رنگ نسل ، ۽ زبان کي وري تعصب جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي.
    اچو ته پهرين اهيو سمجهون ته ٻولي ڇا آهي ۽ ڇو لاء ضروري آهي .
    ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ علائقو رهڻي ڪهڻي رسم رواج ۽ ثقافت هوندو آهي .
    مگر دنيا جي وڏن ڏاهن ۽ عالمن ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ وري زبان ۽ ٻولي کي اهم نقطو يا اهم جز قرار ڏنو آهي .
    ٻولي ان لاء ضروري آهي جو ٻولي اهو واحد ذريعو آهي جنهن سان انسان هڪٻئي جي ڳالهه کي سمجهي سگهي ٿو ۽ هڪٻئي سان رابطو ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي خيالن جو احساسن جو اظهار به ڪري سگهي ٿودنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پرائمري تعليم انهي علائقي جي مادري زبان ۾ ڏني ويندي آهي. اهو ان لاء ته جئين کيس پنهنجي مادري زبان پڙهڻ لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچڻ کپي. سنڌ جي عّظيم صوفي بزرگ ۽ عظيم شاعر حضرت شاه عبدللطيف ڀٽائي جي دور ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي مگر ڀٽائي صاحب فارسي کي اهميت نه ڏيندي پنهنجي شاعري پنهنجي مادري زبان سنڌي ۾ ڪئي ۽ سنڌي زبان کي مالا مال ڪري ڇڏيو، جيڪو شاه صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي وڏو ٿورو ۽ وڏو وڙ آهي.
    منهنجا دوستو مان سڀني سنڌي ماڻهن کي اهيا درخواست ڪندس ته منهنجا ڀائرو خدا را پنهنجي ٻارن کي ڀلي انگريزي پڙهايو (اها به ضروري آهي ) مگر پنهنجي ٻارن کي سنڌي ضرور پڙهايو ۽ پاڻ پڙهو ۽ سنڌ، ۽ سنڌي ٻولي کي بچايو ۽ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪريو . ۽ پنهنجي ٻولي ۽ وطن (ساڻيهه) کي نه وساريو ڇاڪاڻ ته هڪ سڄڻ ۽ ٻيو ساڻيهه ڪو بيوقوف ئي وساري ٿو سگهي عقلمند ۽ سمجهدار ڪڏهن به ائين نه ڪندو بقول شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبللطيف ڀٽائي رح سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري. سو ان ڪري شاه صاحب جو چوڻ وٺو ۽ اڻاسي بڻجڻ کان بچو ڪٿي ائين نه پڙهيو وڃي ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي

    سنڌ جي هڪ ڪمشنر سر بار فريئر جي جري ڪيل ان حڪم نامي جو عڪس جنهن ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو هو.

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي

    لک ٿورا سائين وگهيا صاحب؛
    سڀ کان پهريائين ته ڀليڪار ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته تمام سٺي نصيحت ڪري قومي فرض نڀايو اٿوَ ۔۔۔ اميد ڪريونٿا ته سنڌي پاڻ ملهائيندا ۽ قومي ٻوليءَ جي بچاءَ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا ۔۔۔

    ڪجهه سنڌي، شهر ڪراچيءَ ۾ اچي سنڌي اسڪولن جي نه هجڻ سبب پنهنجي اولاد کي مجبوريءَ مان اردو ۽ انگريزي ميڊيم ۾ داخل ڪنٿا پر تنهن هوندي به انهن سنڌين جو تناسب اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي ۔۔۔ ان هوندي به ڪوشش ڪري اهڙن علائقن ۾ رهجي جت پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم ميسر هجي ۔۔۔

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي

    اسلام عليڪم پيارا ڀا٪ٌ۽ نثار صاحب
    ادا تحرير ، اپيل کي پسند ڪرڻ لا677۽ لک لائق ۽ ٿورا ۔
    ادا توهان ڪيتري عرصي کان هي سائيڊ هلائي رهيا آهيو ۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي

    سهڻا دوست، اسانجا ڪجهه دوست آهن، جن ۾ سرفهرست سائين عبدالرشيد سمون صاحب ۽ عامر ضياء چارڻ ۽ نثار ناز جن هيءَ سنڌي سائبر اوطاق شروع ڪئي هئي ۔۔۔ جيتوڻيڪ آءُ هن اوطاق جوشروعاتي ڪارڪن آهيان پر اوطاق جو بنياد وجهڻ وارا مٿيان دوست آهن ۔۔۔

    آءُ صرف سنڌي ٻوليءَ کي جديد علمن ۽ هن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ خاطر دوستن جو ٻانهن ٻيلي ٿي هلان پيو ۔۔۔ ۽ جيئن آءُ سمجهان ٿو ته اسان سڀني سنڌ دوستن کي ملي ڪري اهڙين اوطاقن تي ڀيرو ڀڃڻ گهرجي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جديد سهولتن جي پٽاندر وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ اوهان به هن اوطاق جا سهڻا دوست آهيو ۔۔۔ اميد ته اوهين به پنهنجي ٻوليءَ جو مان مٿانهون رکندا ۔۔۔۔
    shal judy hujeen
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي

    سائين جواب جي مهرباني ۽ نوارش

    ممتاز علي وگهيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو