پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

'سورنهن سينگار' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    هر ماڻهون مرد توڙي عورت چاهيندو آهي ته سندس پيٽ سنهڙو ۽ سهڻو هجي، وڌيل پيٽ انسان کي بي ڊولي ڪرڻ سان ڪيترين بيمارين ۾ پڻ مبتلا ڪري وجهندو آهي ... انڪري گهرجي ته پاڻ کي سهڻي ۽ صحتمند رکڻ خاطر پنهنجي پيٽ کي پنهنجن هٿن ۾ رکون ۽ کيس وڌڻ نه ڏيون ... هي ڪجهه ورزشون نظر ۾ آيون جي ڪجهه مناسب لڳن ٿيون ... باقي ورزش يا علاج لئه اهو ضرور عرض ڪندس ته هڪ صبر آزما مرحلو هوندو آهي جو ڪئي هفتا يا مهينا يا ڪئي سال ڪرڻو پوندو آهي ... تڏهن وڃي ڳالهه برابر ٿيندي آهي ... سو جڏهن به ڪنهن شئي ڪرڻ جو ارادو ڪريو ته مستقل مزاجيءَ جي مدد ضرور وٺندا ...

    1
    جسم جي وچين حصي کي ڦٽ رکڻ ؛
    هفتي ۾ چار ڏينهن ضرور ڪجي؛​
    هدايتنامو؛
     فرش تي ڏنڊ ڪڍڻ واري نموني ليٽجي، پيرن جي آڱرن ۽ ٺونٺن ڀر پنهنجي جسم کي مٿي کڻجي، زمين سان صرف اوهانجون (ٺونٺن کان هٿن تائين) ٻانهون ۽ پيرن جون آڱريون لڳل هجن باقي جسم مٿي سڌو هجي ...
     ان نموني اوهان 20 کان 60 سيڪنڊ بيهي رهو
     اهو عمل 3 کان 5 دفعا ڪريو .

    [​IMG]

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    2

    پيٽ جي گوشت کي گهري نموني سان مضبوط ڪرڻ لئه؛
    هفتي ۾ چار ڏينهن ضرور ڪجي،​
    هدايتنامو؛
     مراڪبي جي نموني، ٻنهي ٽنگن جو ڪراس ٺاهي فرش تي ويهو
     ٻئي هٿ ڪنڌ جي پويان ڏئي ڪنڌ کي مدد ڪريو،
     آهستي آهستي هيٺ سڌو ٿي سمهي وڃو،
     پنهجون ٽنگون ڪراس ئي رکو
     وڏو ساه نڪ ذريعي کڻي ڦڦڙن ۾ ڀريو
     پنهنجي ڇاتي آهستي آهستي زمين کان ڪجهه انچ مٿي کڻي، وات جي ذريعي ساهه ٻاهر ڪڍو
     ڇاتي ڇت جي طرف مٿي کڻو نه ڪي گوڏن جي طرف جهڪايو ... ۽ اهو ڪم سڪون ۽ آهستگيءَ سان ڪريو، جهٽڪي ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي ... هٿ سان پنهنجي ڪنڌ کي صرف سهارو ڏيو جهٽڪو نه ڏيو ...
     25 دفعا اهو عمل ورائي ڪجي.
     30 ڏينهن جي عمل سان پيٽ تي فرق پوندو

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    ادا نثار دل ته چوي پئي ته ائين ڪجي پر ڳالهه پنهنجي پهچ کان پري آهي

    لاجواب سائين
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    سائين توهان جي مهرباني جو اوهان ڪارآمد ورزش جا نمونا ٻڌايا۔
     
  4. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    محترم سائين نثار صاحب شال آباد ھجو تمام لاجواب ۽ بهترين ورزش ٻڌائي اٿو
    اوهان جا لک لائق سائين وڏي مھرباني۔

    sadayeen gud HaqMojood
     
  5. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    سائين معاف ڪجو جي مان هي لکان ته
    تمام لاجواب ۽ بهترين ورزش جا نمونا ڏيکاريا اٿوَ
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    ادا وحيد سمان صاحب، مون ته ٻئي ڪم ڪيا آهن، نمونا ڏيکاريا به آهن ته نمونا لکي ٻڌايا به آهن، هاڻ اهو اوهانتي آهي ته ”ڏسو يا ٻڌو“ ۔۔۔ ٻنهي صورتن ۾ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي ۔۔۔ پر جي ڏسڻ سان گڏ اهو ليک به هجي ته سون تي سهاڳ ۔۔۔

    اوهان ورزش ڪري ڏسو جي فائدو ٿئي ته اسانکي به ٻڌائجو ۔۔۔:D:D:D
     
  7. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    مطلب اهو ٿيو ته توهان اڃا تائين اهي طريقا آزمايا ئي ڪونه آهن.

    باقي الله سائين جي مهرباني آهي ته پاڻ جي اهڙي هاٺي ڪونهي جو ورزش ڪجي. منهنجو وزن ايترو آهي جو ٻه ٽي دفعا ته ٻلي کڻي وئي آهي. الائي ڪيئن ته پاڻ بچائي نڪتو آهيان.
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛

    :d
    يار رنجيت، ڏاڍو ڏنگو آهين، ڪڏهن ڪنهنجي پرس ۾ سمائجي ٿو وڃين ۔۔۔ ڪڏهن اوهانکي ٻلي کڻي ٿي وڃي ۔۔۔ ڀلا اها ٻلي به ريل ۾ سفر ته نه ڪندي هئي نه ؟

    ۽ ها اها ورزش پيٽ جا پٽها مّضبوط ڪرڻ لئه آهي، وزن گهٽائڻ لئه ناهي ۔۔۔ پيٽ مّضبوط ٿيندو ته معاملو بهتر رهندو نه ته هڪ لطيفو ياد ٿو اچي ته؛

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو