( ممتاز علي وگهيو سيلاني، لطيفي جو تعارف )

'تعارف' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    بسم الله الرحمن الرحيم
    ممتاز علي [​IMG] وگهيو جو تعارف

    سلام عرض قبول پوي تمام سنڌي ساٿين، ڀائرن، ڀينرن کي
    ۔
    لکان ٿو زندگي جو سفر مهد کان لحد تائين سيلاني ممتاز
    نه ڄاڻان زيست وفا ڪندي وگهئي سان ابتدا، انتها تائين

    مان ممتاز علي وگهيو ولد غلام مصطفه وگهيو ڪراچي مان حاضر آهيان۔ اصل استاد بخاري جي شهر دادو جو رهواسي آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔ دادو سنڌ لاڙڪاڻه گزيٽيئر موجب 1843ع ۾ قائم ٿيو۔ هي تعلقو پهرين ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو 1901ع ۾ دادو تعلقي کي ڪراچي مان ڪٽي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ پوء 1931ع ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ۽ دادو ضلعي کي ست تعلقن ۾ ورهايو ويو۔ دادو، جوهي ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاه ، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان ( محال ڪوهستان ) دادو ضلعي جي اتر ۾ ضلع لاڙڪاڻو، ڏکڻ ۾ ضلع ٽٽو، اولهه ۾ کير ٿر جبلن جون قطارون ۽ اوڀر ۾ نوشهروفيروز، نواب شاه، ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا، 2004ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ دادو کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ دادوء جي ٽن تعلقن سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولاخان کي گڏي ڪري هڪ الڳ ضلعو، ڄام شورو ضلعو بنايو ويو آهي۔ دادو شهر لاء اهيو چيو وڃي ٿو ته هي شهر سورهين صدي جي وچ ڌاري آباد ٿيو هوندو، هن شهر تي نالو سيد دادو شاه عرف دادن شاه جي نالي تي رکيو ويو آهي، ۽ دادو کي پهرين دادن شاه جا ڀاڻ ڪري سڏيندا هئا۔ ۽ دادو شهر جي آدمشماري تقريبن 140000 ٻڌائي وڃي ٿي، ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ ۔۔۔ علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد ، تاج محمد صحرائي، علڻ فقير محسن ڪڪڙائي ، احمد ّخان مدهوش، ڪماالدين سولنگي، عبدالله شاه ، لياقت جتوئي، عبدالحميد جتوئي، منظور سخيراڻي، پير الاهي بخش، پير مظهرالحق، ڊاڪٽر قربان جهتيال، سڪينه سمون ٽي وي اداڪارا ، محمد سليم سولنگي، ماستر محمد اسماعيل وگهيوولد محمد قاسم وگهيو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير ، نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار ، سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر، عوامي شاعر ۽ عظيم انسان احمد شاه استاد بخاري (بقول ممتاز علي وگهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ دادو سان آ دل منهنجي دادو ۾ آ منهنجو ساه ، جنهن ۾ جيترو رکان چاه آ اوترو اڌورو ارواح ۾ )
    دادو هڪ خوبصورت ۽ ٿڌي تفريحي۽ تاريخي ماڳ ( گورک ) سان پڻ مالا مال آهي۔ مان هت ڪراچي ۾ هڪ ڪمپني ۾ اڪائونٽس جي نوڪري ڪري رهيو آهيان۔ ( ڪراچي به ڪمال جو شهر آهي هن شهر ۾ هر نئون ايندڙ ماڻهون گهڻو ڪجهه وڄائي تنهن کان پوء گهڻو ڪجهه گهڻو ڪجهه سکي ٿو ۽ حاصل ڪري ٿو.۔۔۔۔ڪراچي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. ڪراچيءَ جي رهواسيءَ کي ڪراچيائيٽ سڏيو ويندو آهي.
    ڪراچي شهر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر خطي ۾ هڪ اهم بندر پڻ آهي. ڪراچي شهر وڏي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. 1947ع ۾ پاڪستان بيٺڪيت قائم ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ جو درجو ڏنو ويوجنهن کي پوء ختم ڪري پاڪستان جو گادي هنڌ اسلام آباد کي بڻايو ويو۔ )۔۔۔۔۔۔ ڪراچي جي ڪن ۾ ٿيا ڪئين چڪنا چور ، جي ها نه ڏسڻ جهڙا سي به انهن ڏٺا سور ، ممتاز اهي محبت جا مذ ڪور نه ته ڪير اچي هن ڪڙڪاٽ ۾۔۔۔۔۔۔۔
    سنڌ، سنڌي زبان سنڌي ماڻهون سان منهنجو ساه ، چاه ، ۽ ارواح آهي۔ ( سنڌ ساري سونهاري آ هر شي ءَ کان ممتاز پياري ، ٿا وسن جنهن ۾ شاه سچل سامي اياز مد هوش ۽ بخاري )

    منهنجو تفصيلي تعارف هن ريت آهي.
    نالو ؛ ....... ممتاز علي وگهيو
    ولد؛.......... غلام مصطفه وگهيو
    ذات؛........ وگهيو
    تخلص؛........ سيلاني، وگهيو، لطيفي
    پيدائش جي تاريخ؛ 18-12-1976
    پيدائش جو هنڌ؛..... دادو شهر( محله مزدورآباد ڪاليج روڊ )
    پرائمري تعليم؛..... مزدورآباد پرائمري اسڪول دادو سنڌ
    مئٽرڪ؛ پرمانند هرداس پائليٽ اسڪول دادو سنڌ
    انٽر؛...... استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سنڌ
    گريجوئيشن؛..... سنڌ يونيورسٽي جامشورو سنڌ
    موجوده رهائش؛.... گلشن اقبال ڪراچي سنڌ.
    نوڪريون ،دنڌا ۽ تجرنه
    ڪاليج روڊ دادو وٽ جنرل اسٽور هلائڻ
    پرائمري استاد رهڻ
    گارمينٽس ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ
    اسٽيل مل ۾ اسٽور انچارج رهڻ
    سٽي انٽرنيشنل ڪمپني ۾ اسسٽنٽ مينيجر رهڻ
    ميفيئر ڪمپني ۾ ويئر هائوس انچارج رهڻ
    ڊسبرسمينٽ آفيسر Disbursement Officer ( موجوده نوڪري جاري آهي )
    پسند جا يار دوست؛... مرحوم سائين استاد حافظ خليل احمد ملاح رح ، اشفاق احمد وگهيو، علي شير مستوئي، لعل بخش زنئور، سلطان سالڪ ڀٽي، احمد خان شينوعرف ڏاڏل شينو،نويد اشرف، عبدالرزاق وگهيو، محمد عرس وگهيو، عبدالغفار وگهيو لياقت ٿهيم، قمر الدين شمس الدين ڀٽي، فضل الله لنڊ بلوچ، محمد ذڪريه قريشي، فاروق احمد قريشي، رياض ملڪاڻي، امتياز علي ٻٻر، محمد اسلم قمبراڻي، علي حيدر قمبراڻي، ڊاڪٽر قربان جهتيال،

    پسند جا شاعر؛... شاعرن جو سرتاج حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح، بلهي شاه، خواجه غلام فريد رح، شيخ اياز، استاد بخاري، ادل سومرو، ابراهيم منشي، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم،
    پسندجا عالم، ۔۔۔۔۔۔ امام محمد غزالي رح، مولانه جلالالدين رومي رح،، شيخ سعدي رح، حافظ شيرازي رح، علامه مخدوم محمد هاشم رح ، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي رح، مولانه عبيدالله سنڌي، رح مولانه تاج محمد امروٽي رح، بزرگ هاليجوي رح، مولانه عبدالڪريم ٻيروارا بزرگ رح، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب، مولانه منظور احمد سومرو صاحب۔
    پسند جا ليکڪ ۽ اديب۔۔۔۔ مرزاقليچ بيگ، علامه آء‌ آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، پير حسام الدين راشدي، ڪاڪو، ڀيرومل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم سائين جي ايم سيد، بشير احمد شاد، علامه غلام مصطفه قاسمي، مولانه غلام مصطفه دادوي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فهميده مرزا، محمود مغل، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،آغا سليم، امر جليل، امر سنڌو، جامي چانڊيو، قادر جوڻيجو، نورالهدا شاه، رحمت الله ماڃونٽي،
    پسند جا فنڪار ۔۔۔۔۔ استاد منظور علي خان، سودل فقير، سرمد سنڌي، منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، هميرا چنه، عابده پروين، استاد محمد يوسف، استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم، علڻ فقير، نصرت فتح علي خان، محمد رفيع، لتا ، مڪيش، شڪريلا،
    پسند جا اداڪار۔۔۔ نور محمد شاه لاشاري، شفيع محمد شاه، گلاب چانڊيو، محمود صديقي، سڪينه سمون، صلاح الدين تنيو، ڪيسر نظاماڻي،
    پسند جو پروڊيوسر ۔۔۔ محمد بخش سميجو، فيض ٻگهيو،
    پسند جا ڊرامه۔۔۔ راڻي جي ڪهاڻي، ڪاروان، ڌوپ ڪناري، جهنگل، مٽي جا ماڻهون، وقت، تنهايان، وعيره ۔
    پسن جا ڪتاب۔۔۔۔ قرآن پاڪ، ڪتاب ڪيمياء سعادت، جلال الدين رومي جي مثنوي، شاه جو رسالو،
    پسند جي صنف۔۔۔ سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، بهترين شاعري،
    لکڻ جي شروعات۔۔۔ ٻاراڻي رسالي گل ڦل سان۔
    وندر۔۔۔۔۔۔۔۔ مطالعو، مشاهدو ڪرڻ، لکڻ ۽ موسيقي ٻڌڻ۔


    پسند جو شعر ۔۔۔ جڏا جڏوئي رهيين، هئين به حڪيمن وٽ ، دوا تنهنجي دردن جي هئي به انهن وٽ ، اڃان به تو ۾ ڪا گهٽ، جو ڦڪين فرق نه ڪيو۔ ( شاهه)
    .
    اڻ ڇپيل ڪتاب
    سڪ۽ سور۔۔۔۔۔۔۔ شاعري
    ممتاز تنهنجا خط۔۔۔۔۔۔ دوستن ڏانهن لکيل خط۔
    خطن جو خزانو۔۔۔۔۔۔۔ دوستن، اديبن، عالمن جا خط۔
    انمول اي ميل۔۔۔۔۔۔ چونڊ اي ميل
    اندر روح رهيام۔۔۔۔۔۔ دوستن، عالمن اديبن جا خاڪا
    ممتاز مقالات۔۔۔۔۔ مضمون، نوٽ ۽ مقالا
    سنڌ سلامت تي لکيل پنهنجا چونڊ مضمون مقالا
    سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي .
    واه گهڙا تيڏي گهاڙ گهڙي
    دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاريٌء
    سنڌ ۾ ماتم جي شروعات ۽ تاريخ وڊيوز رپورٽ
    قرآن ترجمو ۽ مختصر تفسير سنڌي آواز ۾ حصو پهريون
    جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا
    خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو
    نادرا جي ڊپٽي چيئر مين طارق ملڪ سان ڳالهه ٻولهه
    پنهنجي ڌرتي سان عشق، محبت ،جذبات ۽ ان لاء پاڻ پتوڙڻ
    شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو
    شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ جي ياد ۾
    شاه جو رسالو هڪ تحقيقي وڊيو رپورٽ
    سنڌي عالم اديب ۽ انهن جون تصويرون
    ( ناري جاڳرته پروگرم حيدرآباد سنڌ )
    ڪي ٽي اين اپڊيٽ۔۔۔۔ 22۔۔۔12۔۔۔1210
    هڪ تحقيق (وڊيوز ) شهيد جنرل هوش محمد شيدي
    سنڌ جي شهر سعيد آباد جا مسئلا ( هڪ وڊيو رپورٽ )
    باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سوانًح عمري
    روڊ حادثه ۽ ڪراچي شهر جي ٽريفڪ (هڪ جائزو)
    سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار

    عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون }
    سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي
    مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا
    سنڌ جو سچو سپاهي شهيد جنرل هوش محمد شيدي
    ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني
    خيرپور رياست جو" ڪمال ۽ زوال

    محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جو سنڌي
    دلربا ماڻهون دلربا شاعر دادن فقير جويو
    غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت
    سنڌي عالم اديب ۽ انهن جون تصويرون
    عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح)

    پنهنجي شهر جو موسم ( گرمي درجو ) معلوم ڪريو۔
    عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو
    بشير احمد صاحب جو حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شخصيت۽ شاعري تي

    اعتراض ۽ ان جو جواب
    گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو
    سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف

    نوٽ توهان نيري لکيل عنوان وارا مضمون ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔

    جيئڻ ڪاڻ جيڏيون۔۔۔۔۔۔۔۔ آتم ڪهاڻي، يادگيريون تجربه




    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]



    [​IMG]
    [​IMG]





    ۔۔
    نوٽ نمبر هڪ منهنجا ،منهنجي دوستن جا ۽ مٽ مائٽن جون تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
    نوٽ نمبر ٻه منهنجا ،منهنجي دوستن جا ۽ مٽ مائٽن جون تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو


    موبائل نمبر 03343012050
    ميل ائڊريس۔۔۔۔ Ma.vighio@yahoo.com




    منهنجوپن تصويرون ڏسڻ لاء هيٺ ڏنل لنڪس تي ڪلڪ
    ڪريو۔

    ابن سينا هاسپيٽل ڪراچي ۾ ممتاز وگهيو جون يادگار ڪجهه تصويرون
    پرائمري اسڪول دادو ۾ يادگار هڪ تصوير 1988ع


    سنڌ سلامت جي هيرو ممتاز علي وگهيو کي پوري سنڌ سلامت سٿ پاران سلام۔۔۔
    پاران سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين جي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏31 ڊسمبر 2013
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سلام عرض

    ادا ممتاز ڀلي آيو جي آيو۔۔۔ توهان جي اچڻ سان اسان جو اکيون ٿڌيون۔۔۔
    اميد ته هتي گهاريل توهان جون گهڙيون توهان لاءِ يادگار هونديون۔۔۔ بس ڦيرو ڀريندا رهو ۽ ساٿ نڀائيندا رهو ته پنهنجي مٺي ٻولي جو هي فورم اڳتي ضرور وڌندو۔۔۔
    توهان کي سنڌ سلامت بابت خبر ڪٿان ملي۔۔۔؟ ۽ ڇا توهان ٻين دوستن کي سنڌ سلامت بابت ٻڌايو۔۔۔
    فورم توهان کي ڪيئن لڳو ۽ فورم کي وڌيڪ سنوارڻ لاءِ توهان جا ڪهڙا مشورا آهن ۔۔۔ اميد ته پنهنجيون سنڌ سان اهي محبتون ونڊيندا رهندا۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سلام عرض

    [​IMG]
    ادا مهربانيون ڀلي ڪار ڪرڻ جون.

    ادا مون پنهنجو پاڻ سنڌ سلامت جي لنڪ نيٽ تان ڳولهي لڌي آهي۔ ۽ مون کي سنڌ۔ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب سان دلي لڳاءُ آهي۔

    ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي
    ڪراچي سنڌ
     
  4. عاشق چانگ

    عاشق چانگ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سلام عرض

    ادا ممتاز علي وگهيو لطيفي سنڌ سلامت تي اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا، اميد ته ساٿ سلامت رهندو۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سلام عرض

    اسلام عليڪم ....
    ادا ممتاز صاحب پلي ڪري آيا .........
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    هل ته سهي! ادي ممتاز جو ايترو سٺو ۽ وڏو تعرف پنهنجي پڙهڻ کان رهجي ويو آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ دوست ممتاز اسانجي هن فورم جو هيرو ۽ اسانجي اوطاق جو پڳ مٽ يار آهي، اسين سندس لکڻين مان فيضياب ٿيندا رهيا آهيون ،

    پر دوستو!

    ڪجهه ڏينهن کان اسانجو هي دوست غائب آهي، اصل لڪل آهي، نه ڪا خبر نه ڪا چار، نڪو اوٺي آيو ۔۔۔

    رب العالمين کي عرض آهي ته سندس ڏانهن خئير ڪري، ۽ کيس پنهنجي امان ۽ پناهه ۾ رکي ۔۔۔آمين

    ادا ممتاز يار؛ دوستن کان اڻ ٻڌايون جدايون ڀليون ناهن ۔۔۔ اوهان اهڙا ڏک ته نه ڏيو، پرديس ۾ رهي اڳي ئي دل نڀاڳي ڪمزور ٿي پئي آهي، مٿان وري اوهان جهڙا دوست به دل تي ڌڪ هڻندا ته باقي ڇا ؟؟؟

    اسانجو خيال ڪيو ۽ پاڻکي ڪٿان به اچي ظاهر ڪيو ۔۔۔ ته دل کي آٿت ٿئي ۔۔۔ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو آهي ۔۔۔ قبول پوي ته واه واهه ۔۔۔

    اوهانجو پرديسي دوست؛
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    ادا ممتاز معاف ڪجو توهان جي تعارف تي اسان جي نظر ديرسان پئي لڳي ٿو هاڻي اچي پوڙها ٿيا‌آهيون جو نظر ئي ڪانه ٿي پئي۔
    مٺا سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي اڱڻ تي توهان کي خوش آمديد۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    سائين توهان صحيح پيا چئو، الائي ڇو مست مولائي کان به هن بهترين شخصيت جو تعارف ڏسڻ رهجي ويو، بس هاڻ ٻيو ڪو چارو نه آهي، وڏن جي ڳالهه وانگر ته دير آيد درست آيد، سو پاڻ به دير سان سهي پر پنهنجي محفل جي رونق سائين ممتاز علي وگهيو کي ڀليڪار ٿا چئون۔
    گڏوگڏ توهان جي ڳالهه وانگر ان ڳالهه تي ڳڻتي پڻ آهي ته سنگت جي رونق ايتري ڏينهن کان غائب ڇو آهي، سائين رشيد!۔۔۔ ڪا پڇا ڳاڇا ڪريو۔۔ همراهه کي مينهن وغيره ته ڏکيو نه ڪيو آهي۔۔ وارو ڪيو ادا۔۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    ادا مست اوهان به مون واري ڪار ڪئي آهي ،،، آءُ هڪ عينڪ کي ڳولهڻ لاءِ ٻي عينڪ ڪنهن محفوظ ۽ يادگيري واري جاءِ تي رکندو آهيان ته جيئن معمول واري عينڪ نه لڀي ته ٻي عينڪ پائي انکي ڳولهيان ۔۔۔۔ هڪ دفعي مون اها ٻي عينڪ به غلط جاءِ تي رکي ڇڏي پوءِ ته بس نه هوءَ نه هيءَ، ٻنهي کي ڳولهڻ لاءِ هاڻ ٽين عينڪ به ورتي آهي ۔۔۔

    سو ادي رشيد کي ڳولهجي ته پوءِ وري ادو ممتاز هٿ اچي ۔۔۔ نه ته وري مونکي پاڻ اچي ڪراچيءَ ۾ ٻنهي کي ڳولهڻو پوندو ۔۔۔

    ڏسجي ته ڪير ٿو اڳ۾ ظاهر ٿئي ۔۔۔؟؟؟
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    واھ سائين اوهان جو تعارف سان گڏ ديدار به ٿي ويو
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    ڪافي ڏينهن کان پوءِ سنڌ دوست ، سنڌ سلامت جي اڱڻ جو هيرو دوست الائجي ڪٿان ڪهي اچي اڱڻ تي پهتو آهي، ادا يار ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ گهڻا ڏينهن لاتوَ ۔۔۔ خئير ته هو ۔۔۔ الله اوهان ڏانهن خئير ڪيو هوندو ۔۔۔

    بغير ٻڌائي ايتريون جدايون ۔۔۔؟ ۽ اهي به اوهان جهڙي ڏاهي دوست جون ۔۔۔ ڪئين برداشت ٿيون هونديون ۔۔۔ سا ته اسانکي خبر ۔۔۔

    خئير وري وري ڪري ڀليڪار چئبي ۔۔۔ اميد ته هاڻ حالي احوالي ٿيندا ۽ دوستن سان رمضان جي مبارڪ مهيني پيا ڪچهريون ڪندا ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    سچ پيا چئو سائين۔۔ منهنجي ته اڄ دل چوي پئي ته ممتاز علي وگهيو جي غير موجودگيءَ‌ بابت پڇا ڪرڻ‌لاءِ‌هڪ موضوع شروع ڪيان ته سائين جن ڪاٿي آهن، ڪا خبر ته پوي۔۔۔ پر الله جو شڪر آهي ته ممتاز علي وگهيو صاحب پاڻ پهچي چڪا آهن۔۔
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    ادا مست صاحب ۽ نثار ابڙا صاحب هي ناچيز ته سنڌ سلامت جي اڱڻ تي موجود آهي پر سائين نثار ابڙو صاحب جن پورو رمضان مهينو ڪاٿي هئا جو نظر ئي نه پيا اچن۔اتفاق سان ڪنهن محل نظر آيا هجن ته هجن باقي معمول مطابق سنڌ سلامت جي فورم تي رمضان ۾ نظر نه آيا هئا، شايد نثار صاحب رمضان ۾ ڊيوٽي تي نه هجڻ جي ڪري سنڌ سلامت کان پري رهيا آهن،
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    ادا ۔۔۔ سائين نثار رمضان جا پهريان ٻئي عشرا سٺي نموني سنڌ سلامت تي چڪر ڀريندا رهيا پر آخري عشري ۾ پاڪستان اچڻ‌جي تياري جي ڪري ايترو فعال نه رهيا۔۔۔ هاڻي مست جي معلومات موجب سائين جن ڪراچي پهچي چڪا آهن ۽ الله جي شڪر سان هي عيد پنهنجي پيارن سڄڻن سان ملهائي اٿن۔۔
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ( ممتاز علي وگهيو سيلاني، لطيفي جو تعارف )

    ڀاء رشيد ڪجهه ته لکو، پوء ڀلي تنقيد ئي ڇو نه هجي، جڏهن ته توهان منهنجي هن تعارف کي ڏسي به رهيا آهيو، پر پوء به افسوس ۽ افسوس
     
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ سلامت جي دوستن لاء ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جو تعارف

    ادا مست صاحب توهان جي مهرباني جو توهان اسان کي نثار ابڙي صاحب جي باري ۾ اپ ڊيٽ ڪيو۔
     
  17. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ( ممتاز علي وگهيو سيلاني، لطيفي جو تعارف )

    ادي ممتاز جو تعارف پڙهي خوشي ٿي
     
  18. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ( ممتاز علي وگهيو سيلاني، لطيفي جو تعارف )

    بهترن سائين
     
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ( ممتاز علي وگهيو سيلاني، لطيفي جو تعارف )

    سائين توهان منهنجي تعارف کي پڙهيو ۽ بقول توهان جي ته توهان کي خوشي ٿي، ان لاء عرض ته خوشيء ته مون کي ٿي آهي ته توهان جهڙي عالم ۽ علم جي ڄاڻون منهنجو تعارف پڙهيو آهي، جنهن لاء توهان جي مهرباني ۽ ٿورا۔ سائين مان ته سنڌ سلامت جي تمام دوستن کي اهيو مشورو ڏيندس ته توهان به پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو، خاص ڪري توهان ( بشير صاحب ) کي ته اهيائي درخواست ڪندس۔ ته توهان ته پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو۔ علامه آء آء قاضي صاحب جن ته چوندا هئا ته پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ شروع ڪريو، ۽ ان سان توهان جي تجربن مان ٻيا فائدو حاصل ڪندا۔ هت مان اها ( جناب محترم علامه آء آء قاضي جي استدعا پڻ پيش ڪيان ٿو ) ۔۔۔۔۔ڪرڻو صرف هي آهي ته واندڪائي ۾ قلم کڻي نهايت ئي سچائي سان پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري ويهي انجو بيان لکون ته اسان ان وقت ڇا هئاسون، اسا جو اٿڻ ويهن ڪهڙي نموني سان هو، اسان کي ڇا وڻندو هو، ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو۔اسان کي ڪنهن سان پيار هو ۽ ڪنهن سان نفرت هئي، مطلب ته بنا ڪنهن اڊڪي جي ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نهايت ايمانداري سان ويهي پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي لکون۔منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اها ڪوشش ڪري ۔ جي اسان جي سڀني پڙهيلن نهايت سچائي سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي ته آء اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان مان ڪيترا ئي فقط انهيء سوانح لکڻ سان مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪن جا قلمي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب بنجي پون، جو انهن جهڙا ڪي ورلي لکيا ويا هجن۔ سينٽآگسٽين ۽ روسو ، گوئٽي ۽ گانڌي مڙني ائين ڪيو ۽ ٻيا به سو اهڙا نڪرندا۔ ڪن مصورن پنهنجون تصويرو ڪديون ۽ سون وري پنهنجون سوانح عمريون لکيون، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جناب محترم علامه آء آء قاضي جي استدعا۔۔۔۔بشڪريه ماهوار نئين زندگي




    [​IMG]
     
  20. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    جواب: ( ممتاز علي وگهيو سيلاني، لطيفي جو تعارف )

    ادا ممتاز توهان جو تعارف پڙهيوسين ۽ توهان جو تعارف اسان کي تمام گهڻو پسند آيو، توهان جي تعارف سان گڏ دادو جنهن ۾ آجادو ان جي معلومات جي به خبر پوي ٿي، اميد ته اهڙي معلومات کان آئينده به اسان کي آگاهه ڪندا رهندا مهرباني۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو