محبت جي اظهار ۽ گل آڇڻ جو ڏينهن

'سورنهن سينگار' فورم ۾ bakhtawar طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2010۔

  1. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    Valentine Day هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جنهن تي هر پيار ڪرڻ وارو پنهنجي پيار جو اظهار سهڻي ۽ گلابي گلن سان ڪندو آهي، پوءِ اهو پيار ڪنهن روپ ۾ به ڇو نه هجي، ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، ماءُ هجي يا پيءُ ڀيڻ هجي يا ڀاءُ يا وري توهان جو دوست هجي، توهان پنهنجي پيار جو اظهار سهڻي ۽ خاص گلن سان ڪندا آهيو، عام طور تي اسان وٽ گلن جو استعمال شادي يا خوشي جي تقريب ۾ ٿيندو آهي پر گل محبت جي اظهار جي نشاني طور سڃاتا وڃن ٿا، حقيقت ۾ گل محبت جي نفاست ظاهر ڪري ٿو، جنهن ڪري ئي گلن کي نيڪ خواهشن جو اظهار سمجهيو وڃي ٿو، منهنجي نظر ۾ گل پيار جي جذبن جو اظهار آهي، پيار جو ڏينهن هر لمحي ۽ هر گهڙي ملهائي سگهجي ٿو، پيار جو ته ڪو ٽائيم مقرر نه آهي، محبت جو ڏهاڙو هر روز ملهائڻ گهرجي، محبت لاءِ هڪ ڏينهن ڪافي نه آهي، محبت جيڪڏهن ملي ويندي آهي ته ماڻهو محدود ٿي ويندو آهي، عشق ملڻ جي صورت ۾ محدود ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ لا محدود ٿي ويندو آهي، اسان کي محبت زندهه رکڻي آهي، دل جي ڌڙڪن مان صرف پيار جو آواز نڪرڻ گهرجي، جيستائين دل ڌڙڪي پئي اهو پيار جو ڏينهن آهي، اسان ستا پيا هوندا آهيون، اهي ڏينهن اسان کي سجاڳ ڪندا آهن، انهيءَ ڏينهن جي جيڪا انٽرنيشنل اهميت آهي، مان ان کي مڃان ٿي، پيار دنيا جو عظيم جذبو رشتو آهي، جنهن سان دنيا جي هر شيءِ انمول ٿي سگهي ٿي، پيار به انمول جذبو آهي، پيار سان هر رشتو حسين رهي ٿو، دليون ڀلي محبت ڪن پر هڪ محدود دائري ۾ رهي، انهيءَ ڳالهه جي آئون قائل آهيان ته اسان کي محبتن کي وائکو ناهي ڪرڻو، انهن کي دلين ۾ زندهه رکڻو آهي ۽ چپن سان انهن جو اعلان ناهي ڪرڻو، محبت لفظن جي اظهار جي محتاج به هوندي آهي، ان ڪري اظهار ضروري هوندو آهي، يڪطرفي محبت ۾ تباهي آهي، چون ٿا ته تحفن جي ڏي وٺ سان محبت ۽ هڪ ٻئي سان جذباتي وابستگي وڌي ٿي
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: محبت جي اظهار ۽ گل آڇڻ جو ڏينهن

    تمام بهترين ، واقعي پُٽ! محبت جي ئي دم سان هيءَ پوري ڪائنات اُجالي جي رنگ ۾ رنڱيل آهي، گُل ۾ خوشبو ۽ شگفتگي پڻ محبت جي دم سان آهي، شابس آهي توهان کي جو اهڙو خوبصورت ۽ پيار ڀريو مضمون توهان اسان سان ونڊ ڪيو۔ شال جُڙيا هُجو (آمين)
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محبت جي اظهار ۽ گل آڇڻ جو ڏينهن

    محبت جو ڏهاڙو ڪو هڪ ناهي سڀ ڏهاڙا محبت جا آهن ۔۔۔ اها ڳالهه ته مڃبي ۔۔۔ محبت ۾ گلن جو تصور ٿيڻ ۽ اچڻ اها ڳالهه به مڃبي ۔۔۔ جڏهن انسان جي اندر عشق پنهنجو ديرو ڪندو آهي ته تتل اس به بهار جي موسم ٿي پوندي آهي ۔۔۔ اهي ڳالهه به مڃبي ۔۔۔ عشق ۾ انسان پنهنجو تن من ۽ ڌن به قربان ڪري ڇڏيندو آهي ۔۔۔ اها ڳالهه به مڃبي ۔۔۔ پر اها ڳالهه هر گز نه مڃبي ته محبت جو ڏهاڙو صرف ۽ صرف 14 فبروري آهي ۔۔۔ اهو ڏينهن اسانجو ڏينهن ناهي ۔۔۔ اسانجو ڏينهن ته سسئيءَ جو پنهونءَ خاطر جهنگ جبل جهاڳڻ وارو ڏينهن آهي ۔۔۔ اسانجو ڏينهن ته مارئيءَ جو مارن جي اڪير ۾ محل ۽ ماڙين ۾ روئڻ وارو ڏينهن آهي ۔۔۔ اسانجو ڏينهن ته راڻي جو مومل جي محل تي پهچڻ وارو ڏينهن آهي ۔۔۔ اسانجو ڏينهن ته لطيف سرڪار جو سيده بيبي جي آڱر وٺي اهو چوڻ ته جنهنجي چيچ سيد هٿ ۾ تنهنکي لهر نه لوڏو وارو ڏينهن آهي ۔۔۔ اسانجو ڏينهن ته راءِ ڏياچ جو پنهنجي پتنيءَ خاطر سر ڌڙ کان جدا ڪري فقير جي حوالي ڪرڻ وارو ڏينهن آهي ۔۔۔ اسانجو ڏينهن ته سنڌ جي بادشاه ڄام سمي جو نوريءَ نماڻيءَ کي ککيءَ هاڻين کارين سميت قبول ڪرڻ وارو ڏينهن آهي۔۔۔

    اهڙي نموني سنڌ جي سڀني عاشقن جا ڏهاڙا ڳڙائبا ته 365 ڏينهن کان چڙهي ويندا انڪري سال جو هر ڏينهن اسان لئه عشق جو ڏينهن آهي ۔۔۔ محبت جو ڏينهن آهي ۔۔۔

    جي اندر ۾ محبت هوندي ته محبوب هميشه سوجهرو هوندو ۽ جي محبت نه هوندي ته سوجهري جي هوندي به اونڌائي هوندي ۔۔۔ پوءِ اها 14 فبروري هجي يا 14 مارچ ۔۔۔

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو