محبتن جي ڏهاڙي سنڌ کي مليل بارود جو تحفو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ارڪ سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2010۔

  1. ارڪ سنڌي

    ارڪ سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جنوري 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Journalist
    ماڳ:
    Hyderabad
    محبتن جي ڏهاڙي سنڌ کي مليل بارود جو تحفو
    رڪ سنڌي


    پيار ۽ محبت جي ڏهاڙي ”ويلنٽائين“ تي سنڌ کي گلن، ڀاڪرن ۽ چمين بدران رت جو تحفو ڏنو ويو آهي. سنڌ جي دل دادو کي دهشتگردن نشانو بڻائي هتان جي امن پسندن ۽ مذهبي رواداري جي پوئلڳن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هو هاڻي سوات ۽ وزيرستان وانگر مذهبي جنونيت جي نيزي تي آهن. هاڻي سنڌ جون مائرون، ڀينرون ۽ کير ورنيون ونيون به پنهنجن پيارن جي مڙهن تي ائين پار ڪڍي روئنديون، جيئن هن کان اڳ لاهور، پنڊي ۽ پشاور جون ڌرتي ڌياڻيون نير وهائي چڪيون آهن.
    دادو شهر جو 14 فيبروري 2010ع وارو صبح ته خوشيون کڻي آيو هو. هر روز وانگر شهري ٻهڪندا ۽ چهڪندا پنهنجين روز مرهه وارين سرگرمين ۾ مشغول هئا ته صبح جو پهريون پهر ئي سندن لاءِ موت جو نياپو کڻي آيو. وچ شهر ۾ بم ڌماڪي سبب 3 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته 2 درجن کن شهري زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن. دادو کي رت ۽ باهه جي اوڙاهه ۾ ڪنهن اڇليو، ان تي يقينن سنڌ جا ماڻهو حيرت زده ناهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ لاءِ دهشتگردي جي خطرن ۽ خوفناڪين ته ان ڏينهن کان جنم ورتو هو، جنهن ڏهاڙي سنڌ ۾ برصغير جي ورهاڱي بعد ڌارين ماڻهن جي پهرين لوڌ داخل ٿي هئي.
    ڏکڻ ايشيا ۾ سنڌ ئي اهڙو وطن رهيو آهي، جتي برصغير جي ورهاڱي کان اڳ مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ دهشتگرديءَ جو پري پري تائين ڪوبه نالو نشان موجود نه هو. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي صدين جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن پرائي ديس تي قبضو نه ڪيو آهي. زور ۽ زبردستي ڪنهن جو در نه اورانگهيو آهي، ڪنهن ڌارئي ديس جي ڌرتي تي والار نه ڪئي آهي. سنڌ جي پنج هزار سال کان وڌيڪ پراڻي تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ سنڌ ئي اهڙي قوم جو وطن رهيو آهي، جنهن قوم پنهنجي يا پرائي کي مذهب جي متڀيد تي خون نه ڪيو آهي. هندو، مسلمان، ٻڌ ۽ جين مت جا پوئلڳ هن ئي ديس ۾ امن، ڀائيپي ۽ رواداري سان رهيا آهن. شيعا، سني، بريلوي يا ديوبندي جي بنياد تي سنڌي ماڻهن ڪڏهن به پنهنجا عبادتگاهه الڳ ڪونه ڪيا آهن. آپگهاتي بم ڌماڪا ڪرڻ، مسجدن ۽ امام بارگاهن، مندرن ۽ ڪليسائن ۾ عبادت دوران جيڪڏهن ڪنهن جنوني پنهنجي مخالف جو ڪنڌ ڪوريو ته اهو سنڌ جي مٽيءَ سان واسطو رکندڙ نه رهيو آهي. سنڌي مسلمان ته هندن سان هولي به گڏ ملهائيندا آهن ته وري هندو ڀٽ ڌڻي جي ميلي، سچل جي درگاهه ۽ شاهه عنايت جي ننگريءَ ۾ پيار ۽ محبت ونڊڻ ۾ مسلمانن کان ڪڏهن به پوئتي نه رهيا آهن. سنڌي ماڻهن لاءِ سڀ عبادت گاهون ۽ آستان، سڀ مذهب ۽ نظريا ڪڏهن به انسانيت کان مٿانهان نه رهيا آهن، جيڪڏهن ائين چئجي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ جا ماڻهو مسلمان، هندو، ٻڌ، شيعا ۽ سني کان اڳ انسان هجڻ ۾ پختو يقين رکن ٿا ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
    پوءِ سيڪيولر سنڌ جي دادو شهر کي هيءَ اماڙيون ڪنهن بڇايون آهن، يا هن کان اڳ هلندڙ سال جنوريءَ جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ امام عه جي چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوس ۽ جناح اسپتال کي رت ۾ ڪنهن وهنجاريو هو. اهو سٽ اهڙو ڪونهي جو سلجهي نه سگهي. اسان سنڌ جا ماڻهو لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا وارث ڪنهن جا مدا نه رهيا آهيون ته پوءِ آخر اسان جي ديس کي بمن سان ڀسم ڪرڻ جا سانباها ڪندڙ ڪير آهن؟ سنڌ جي ماڻهن انهن جنونين جا پيرا کڻي سندن ٿاڪن ۽ وٿاڻن کان اڳ به حڪمرانن کي آگاهه ڪيو هو ۽ هاڻي به چون ٿا ته ٻيلي سنڌ ۾ پهتل ڌارين جون لوڌون ئي سنڌ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ گهرن ٿيون. انهن آڏو بند ٻڌو.
    هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ڪونهي ته ڪراچي ۽ دادو ۾ ڌماڪا ڪندڙن جي پيرن جا نشان سوات ۽ وزيرستان ۾ وڃي دنگ ڪن ٿا. اسان کي بارود جي باهه ۾ ساڙيندڙ اهي ماڻهو آهن جن کي اسان جي حڪمرانن ملڪي ڀائيچاري جي نانءُ تي اسان مٿان مڙهيو آهي. خود سنڌ حڪومت جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ مان جيڪي به دهشتگرد بارود سميت سوگها ڪيا آهن، انهن جو تعلق ملڪ جي اترين علائقن ۽ خاص ڪري سوات، وزيرستان ۽ پنجاب سان ٻڌايو ويو آهي ته پوءِ اها عجيب ڳالهه چئبي جو هر ڌماڪي بعد حڪمران وڏي نڪ جي پڪائي سان جاچ جو حڪم ڏيندا آهن. اصل ۾ جاچ ان ڳالهه جي ٿيندي آهي، جيڪا لڪل هجي، جنهن جو ڪو خر ۽ پير نه ملندو هجي. پر هتي ته سڀ ڪجهه پڌري پٽ پيو آهي ته پوءِ سنڌ کي سلامت رکڻ ۽ هتان جي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ ڇو نه ٿا ورتا وڃن. سنڌ جا ماڻهو بم ڌماڪن ۾ ملوث ماڻهن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ تي ان راءِ جا آهن ته سنڌ کي هٿ وٺي پنهنجي سيڪيولر سوچ جي سزا ڏني پئي وڃي، هن ديس جي ماڻهن کي پنهنجا حق گهرڻ تي مذهبي جنونيت جا ڀوت بڇايا پيا وڃن.
    دادو ڌماڪو سنڌ جي ماڻهن لاءِ به سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جا نوان سامان کڻي آيو آهي. هتان جي ديس ڌڻين کي هاڻي پنهنجي وطن جي سلامتي لاءِ سڀ لاڳاپا لاهي اڳيان اچڻو پوندو. سنڌ ۾ ان معاملي تي ڪي به ٻه موقف ناهن ته سنڌ ۾ بدامني، جنونيت ۽ دهشتگردي ۾ ٻاهران آيل ماڻهو ملوث آهن. اسان هيل تائين ڇڙوڇڙ نموني مختلف پارٽين جي الڳ الڳ پليٽ فارمن تان اها جدوجهد ڪئي آهي ته سنڌ کي ڌارين کان پاڪ ڪيو وڃي. پر هاڻي خطرا اسان جي سر مٿان لامارا ڏئي رهيا آهن. اڄ دادو کي گهايو ويو آهي، سڀاڻي حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سان به ساڳي ويڌن ٿيڻ جو انديشو موجود آهي. پوءِ ڇو نه هاڻي کان ئي اسان کي هڪ ٿي جدوجهد لاءِ سندرا ساهڻ گهرجن. سنڌ جي مائرن، ڀينرن، ڀائرن ۽ پٽن جون حياتيون بچائڻ لاءِ هاڻي ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه رهي ته سنڌ کي ڌارين کان مڪمل پاڪ ڪيو وڃي، ان لاءِ رڳو حڪومت تي ڀاڙڻ بدران هڪ قوم جي حيثيت ۾ اسان کي به پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. پنهنجن وسندين، واهڻن ۽ شهرن ۾ موجود ڌارين جي نشاندهي ڪري هڪومت مٿان اهو دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته کين سنڌ جي حدن مان نيڪالي ڏئي پنهنجن ڏاڏاڻن ڏيهن موڪليو وڃي. ڌارين کي سنڌ ۾ مليل سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ شهريت جا ٻيا دستاويز رد ڪري کين هتان جي اصل ديس ڌڻين کان الڳ ڪيو وڃي. سندن سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ، ملڪيت خريد ڪرڻ، ملازمت ڪرڻ ۽ ٻين شهري سهوليتن تي پابندي وڌي وڃي. جيئن سنڌ ڏانهن ڌارين جي ايندڙ لوڌ کي روڪي سگهجي. ان سان گڏ اڳ آيل سواتين، بهارين، برمين، افغانين کي به سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ حڪومت مٿان زبردست دٻاءُ وڌو وڃي. جيڪڏهن اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ اکيون نه کوليون ۽ جدوجهد لاءِ سندرا نه ساهيا ته پوءِ خبر ناهي ته دادو وانگر اڃا ٻيا ڪيترا شهر ۽ وسنديون ان باهه جي لپيٽ ۾ اينديون ۽ اڃا ڪيتريون ونيون پنهنجا ور وڃائينديون ۽ مائرون پنهنجن پيارن جا لاش وصول ڪنديون.
    (ڇپيل روزاني سنڌ 15 فيبروري 2010ع)


    HaqMojood
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محبتن جي ڏهاڙي سنڌ کي مليل بارود جو تحفو

    بيشڪ ادا رڪ سنڌي صاحب، اوهانجي ڳالهه سئو فيصد سهي ته سنڌ تڏهن کان خطرن جي منهن ۾ آهي جڏهن کان نام نهاد مسلمان قوم جي دلفريب نعري ۾ ڦاٿي ۔۔۔ ۽ اهو اسين پاڻ ڪيو آهي ۔۔۔ پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب ۔۔۔ الحمد الله اسين مسلمان ضرور آهيون ۔۔۔ هڪ الله ۽ هڪ رسول ۾ ايمان ضرور آهي پر انجو مطلب اهو ناهي ته ڪوبه ايرو گيرو، نٿو خيرو اچي الله اڪبر جو نعرو هڻي اسانجي ماروئڙن جون جانيون ۽ مال ملڪيت ڦري لٽي تباه ڪري ۔۔۔ خون جون نديون وهائي ۔۔۔

    اوهانجي ان راٌءِ سان به سئو ويهان متفق ٿبو ته اسان سڀني سنڌين کي چاهي ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکندڙ هجون ۔۔۔ چاهي ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندڙ هجون يا چاهي ڪهڙي به فرقي سان تعلق رکندڙ هجون ۔۔۔ گڏجي هڪ مٺ ٿيڻو پوندو ٻي صورت ۾ سنڌ بگهڙ کائي ويندا ۽ اسين هٿ مليندا رهنداسون ۔۔۔
    اول سنڌ کي رکڻو پوندي ته جان ڇٽندي نه ته ساڳيا ٽڪر ساڳ سان وارو مامرو هلندو رهندو ۔۔۔

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو