سنڌي ڪافيءَ جو سهڻو ڪلاڪار استاد شفيع محمد جمن
ليکڪ: ناصر قاضي
سر سريراڳ مان ڀٽائي گھوٽ جو آواز آيو ته:وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي
ويچيندي ولات کي ذرو ٿي نه ضاءِ
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين.
شاهه سائينءَ پنهنجي هن بيت وسيلي اهڙي وکر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو وکر ڪڏهن به پراڻو نه ٿو ٿئي ۽ جنهن کي واپرائڻ سان قيمتي ۽ پائدار دولت حاصل ٿئي ٿي. ڀٽائي سرڪار جي مٿين بيت جي ڀيٽا جيڪڏهن مان سنڌي موسيقيءَ جي مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن ۽ سندس فرزندن مرحوم استاد شفيع محمد جمن ۽ هن دؤر جي سهڻي ڪلاڪار اويس جمن کي ڏيان ته مان ڪنهن قدر غلط نه هوندس، ڇاڪاڻ استاد محمد جمن سنڌي موسيقيءَ جي جيتري خدمت ڪئي ته سندس مرادوند اولاد سندس محنتن جو ڀرم رکندي انهيءَ وکر کي اهڙيءَ ته پرت سان پاڙيو ۽ سڪ سان سانڍيو، جو ان مٿان ڪڏهن به پروڻ جي دز چڙهڻ نه ڏني.
استاد شفيع محمد جمن سنڌي ڪلا جو اهو سهڻو راڳي هو، جيڪو پنهنجي والدِ محترم جي ڏسيل ڏس ۽ گس تي اهڙو ته ثابت قدم رهيو، جو ساڳيو ئي آواز ۽ انداز اختيار ڪندي، سندس ڇڏيل ورثي جي حقيقي وارث طور سامهون آيو.
استاد شفيع محمد جمن 20 جنوري 1956ع تي ڪراچيءَ جي لالوکيت جي علائقي عثمان ڳوٺ ۾ مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جي گھر ۾ جنم ورتو. بلاشڪ استاد شفيع محمد جمن جو ننڍپڻ هڪ اهڙي گھر جي آڳر ۾ بانبڙا پائيندي گذريو، جتي سُرَ سندس ٻاتڙا ٻول ۽ ساز سندس رانديڪا بڻيا. استاد شفيع محمد جمن اڳتي هلي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي، سندس نصابي تعليم وارن مرحلن دؤران ئي سندس والدِ محترم استاد محمد جمن کيس موسيقيءَ جي سکيا ڏيڻ وارو عمل به شروع ڪري ڇڏيو، شروع ۾ استاد محمد جمن کيس راڳ جي بنيادي تعليم ڏيڻ سان گڏ محفلن ۾ به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، جتي استاد شفيع محمد جمن آهستي آهستي محفلن جي ماحول کان باخبر ٿيندو رهيو. ان دؤران استاد شفيع محمد جمن، شاهه سائين جي هڪ وائي ياد ڪئي، جنهن جا ٻول هئا: ’ڪانگل نيئي ته ڏجو، مون ڏکيءَ کي ڏوراپو‘ ۽ اها ساڳئي وائي استاد محمد جمن کانئس پنهنجي هر محلفن جي شروعات ۾ ڳارائيندو هو. ان وقت استاد شفيع محمد جمن جي عمر لڳ ڀڳ 12 سال هئي. اڳتي هلي جڏهن استاد شفيع محمد جمن پنهنجي ٻالڪپڻ جي حدن مان جوانيءَ طرف وکون وڌايون، تڏهن اڪثر پنهنجي والد سان گڏ محفلن ۾ هارمونيم تي سنگت پڻ ڪندو هو. استاد شفيع محمد جمن پنهنجي والد استاد محمد جمن کان علاوه استاد ڪرامت علي خان کان به ڪافي ڪجھه پرايو.
1971ع ڌاري،جڏهن استاد شفيع محمد جمن جي عمر تقريباً 15 سال هئي، تڏهن پروڊيوسر غلام حسين ڪوريجي کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نوجوانن جي پروگرام ’نئين ٽهي‘ ۾ متعارف ڪرايو. ان بعد سندس ئي والد استاد محمد جمن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنهنجي ڪمپوزيشن ۾ پروڊيوسر انور بلوچ جي نوجوانن لاءِ نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ سچل سرمست جي ڪافي ’جاني تو نه جڳائي، رسڻ نماڻيءَ سان‘ استاد شفيع محمد جمن کان ڳارائي. هڪ ڀيري سنڌ جي نامياري ليکڪ، براڊڪاسٽر ۽ پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل عنايت بلوچ ڊفينس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل هڪ نجي محفل ۾استاد شفيع محمد جمن کي اهو چئي ڳائڻ جو موقعو ڏنو ته: ”هن محفلن کي اوهان ريڊيو آڊيشن سمجهو“ جنهن جي موٽ ۾ استاد شفيع محمد جمن تمام سٺو ڳائي محفل کي موهڻ سان گڏ هڪ مڪمل راڳيءَ طور به ريڊيو جي ڪيترن ئي براڊڪاسٽرن جي آڏو پاڻ مڃايو ۽ ريڊيو پاڪستان جي پئنل ۾ شامل ٿي ويو.
استاد شفيع محمد جمن کي پاڪستان ٽيليويزن تي نامياري پروڊيوسر سيد ذوالفقار علي نقويءَ پنهنجي پروگرام ’سنڌ سينگار‘ ۾ 1982ع ڌاري پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو، جنهن بعد استاد شفيع محمد جمن ٽي. وي جي لا تعداد سنڌي توڙي اردو پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد شفيع محمد جمن هڪ ڪلاڪار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ڪمپوزر پڻ هو، هن ڪيترن ئي لافاني اسمن جون ڌنون ترتيب ڏنيون، جيڪي عوامي سطح تي ڪافي مقبول ٿيون. 1987ع ۾ استاد محمد جمن جي طبيعت مسلسل ناساز رهڻ ڪري هن ڪافي حد تائين پنهنجون ذميواريون پنهنجن لائق فرزند کي سونپي ڇڏيون، جنهنڪري استاد شفيع محمد جمن کي استاد محمد جمن پنهنجي جڳهه تي محفلن توڙي عوامي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ موڪليندو رهندو هو ۽ موٽ ۾ استاد شفيع محمد جمن به استاد محمد جمن جي سُرَ توڙي سڀاءَ جي ڪمي ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏني. آخرڪار 24 جنوري 1990ع تي استاد محمد جمن سرن کي سوڳوار ڪري، سونهاري سنڌ کان هميشه لاءِ جدا ٿي راهه رباني وٺي ويو ته سندس سموريون ذميواريون استاد شفيع محمد جمن جي ڪلهن تي آيون، جن کي هن احسن نموني سان نڀايو ۽ سندس ڇڏيل خال کي تمام سهڻي نموني پر ڪيو.
استاد شفيع محمد جمن پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ لڳاتار 12 سال فن جي خدمت ڪئي، هن استاد محمد جمن جي ڇڏيل ڪم کي نهايت ئي سهڻي انداز ۾ اڳتي وڌايو، سندس آواز ۽ انداز هوبهو استاد محمد جمن وارو ئي هو، استاد شفيع محمد جمن ڪلا جي هر صنف ۾ پاڻ موکيو، پر ڪافي سندس پسند جي صنف هئي، جيڪا هن پنهنجي والد پاران ڇڏيل ورثو سمجھندي تمام گھڻي چاهه ۽ عشق سان ڳائي. سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا، جن ۾ سال 2002ع ۾ شاهه لطيف ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. استاد شفيع محمد جمن عملي زندگيءَ ۾ ڪسٽم جي کاتي ۾ هڪ سرڪاري ملازم طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
استاد شفيع محمد جمن 2002ع ۾ بيماريءَ سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي ڪجھه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد 28 آگسٽ 2002ع تي پنهنجي لافاني آواز سميت هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو، سندس وفات کان بعد سندس ئي ڀاءُ استاد اويس جمن تمام سهڻي انداز سان پنهنجي ڀاءُ استاد شفيع محمد جمن جي توڙي پنهنجي والد جي ڪمي پورو ڪري رهيو آهي.
عوامي آواز جي ٿورن سان