سانئڻ آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ شاخ جي پروگرام جو احوال

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    رپورٽ ثناالله راڄڙ ۽ عبدالحفيظ لغاري
    هڪ اهڙي وقت ۾ هند ڄائي سنڌي سائنڻ آشا چاند جي سنڌ اچڻ جي خبر پئي جڏهن سندس والده سرڳواسي سُندري اُتم چنداڻي پاران ترجمو ڪيل شاهڪار ناول ساگر جي سنتان پڙهي پورو ڪري ويٺو هوس. هر سنڌي جيان هند جي سنڌين سان پنهنجائپ جو احساس مون لاءِ به فطري آهي. ۽ ڪافي خوشي پئي ٿي ته سانئڻ آشا چاند، جنهن جي سنڌ ياترا ۽ پروگرامن جو ذڪر اخبارن ۾ پڙهون پيا اُها سچل ڳوٺ ۾ به مدعو آهي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران. سگا وارن سدائين اهڙين شخصيتن کي مان ڏِنو آهي سي آشا چاند کي ڪيئن پئي وساري سگهيا. سگا جي سچل ڳوٺ جي شاخ جي عهديدارن سان ويجهڙائپ ۽ سنڌ سلامت جي هر دل عزيز ساٿي سليمان وساڻ جي سگا ۾ هُجڻ ڪري سگا جي پروگرامن ۾ شرڪت مهمان بجاءِ ميزبان طور ئي ٿيندي آهي. پر سدائين جيان رسم طور دعوت جو ڪارڊ ملندو آهي ته گڏو گڏ سليمان وساڻ جي فون به ايندي آهي ته ڪئميرا سنڀالڻ کان وٺي رپورٽ لکڻ جو ڪم تو تي آهي. هن ڀيري به روايت برقرار رهي. پر هن ڪم ۾ منهنجي پسنديده شخصيت ثناالله راڄڙ (ڊائريڪٽر، اطلاعات کاتو حڪومتِ سنڌ) شامل ڪيو ويو. بلڪه گهڻو ڪم ڪيو ئي اُن سچي ۽ ڀلي انسان.
    26 آگسٽ جي شام جو جڏهن هِند جي مهانن لاءِ اسٽيج تيار ڪيو ويو ته اُن وقت مٿي آسمان تي بادلن به گهيرو ڪيو ۽ هڪ خوبصورت منظر ۾ شام ٿيڻ لڳي هئي. مهمان سِج لهندي ئي پُهچي ويا هئا. سانئڻ آشا چاند پنهنجي وَر چاند صاحب سان گڏ اچي پهرين سگا پاران سڄي سنڌ ۾ هلندڙ روشن تارا اسڪولز جي هڪ اسڪول سچل ڳوٺ جي شاخ جو دورو ڪيو. جڏهن اسڪول مئنيجمينٽ جي سرواڻ تاج محمد وساڻ کين ٻڌايو ته هتي ٻارن کي سنڌي ٻولي جي رغبت تي زور ڏيڻ سان گڏ شاهه لطيف لازمي سبجيڪٽ طور پڙهايو وڃي ٿو ته آشا چاند کي ڏاڍي خوشي ٿي. انهيءَ کان پوءِ روشن تارا اسڪول جي آفيس ۾ ئي سنڌ سلامت جي مئنيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) سليمان وساڻ ۽ سينيئر رُڪن عبدالحفيظ لغاري پاران سانئڻ آشاچاند کي سنڌسلامت ۽ سنڌي ڪميوٽنگ جو تعارف ڪرايو. جڏهن کين سنڌ سلامت تي ايندڙ مواد، ڪتابن جي ذخيري ۽ فورم جي بي مثال پروجيڪٽس جو ٻڌايو ويو ته سانئڻ کي تمام گهڻي خوشي ٿي. کين فورن سنڌ سلامت جي منتظمِ اعلى @ذيشان رشيد سان ملڻ جي اِڇا جاڳي. پر ڇا ڪجي ته اسان جو اهو دوست اڪثر اهڙن موقعن تي پاڻ لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. سانئڻ صلاح ڏِني ته اوهان سنڌ سلامت جي فورم ذريعي ماڻهن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ طرف مائل ڪريو ۽ وڌ کان وڌ مواد پڙهڻ لاءِ ڏيو.
    پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سانئڻ پنهنجي مشن جو تعارف هڪ وڊيو ڪلپ ذريعي ڪرايو جنهن کي پروجيڪٽر تي پيش ڪندي سڀني جي ڏسڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو. سانئڻ گذريل ڪيترن سالن کان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪري پئي ته هندستان ۾ دور درشن تي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ به چئنل هُجي. پر سندن ايتري ڪم ڪرڻ باوجود هُتي جي گورنمنٽ پاران کين خاطر خواهه توجه يا موٽ نه ملي سگهي آهي. سانئڻ ٻڌايو ته هو ايل ڪي آڏواڻي سان گڏجي هندستان جي وزيرِ اعظم من موهن سنگهه سان به مليا پر ڪو کڙتيل نه نڪتو. پر سانئڻ جو چوڻ هو ته کين وقتي نراسائي ٿي پر هو پوءِ به پُر اميد آهن ته نيٺ هني هنڌ ڪندا ۽ سڄي هند ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين جي منورنجن لاءِ نِج سنڌي ٻولي ۾ چئنل ضرور آڻيندا. انهي سان گڏ گڏ وڊيو جي ڪُجهه ڪلپس ۾ چئنل لاءي رڪارڊ ڪيل ڊرامن جا ڪلپس به ڏيکاريا ويا جِن ۾ سانئڻ آشا چاند کان علاوه سندس ماءُ سندري اُتم چنداڻي به ڪم ڪيو.
    . هِن پروگرام جي صدارت سِگا جو چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪري رهيو هو، جڏهن ته مهمان خاص آشا چاند هئي. آشا چاند هندستان ۽ دبئي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌي سنگت جي روح روان ۽ هند جي مشهور سنڌي اديب جوڙي اي جي اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جي نياڻي آهي. آشا چاند چيو ته هندستان ۾ ٻين مقامي 22 ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي پر اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو رواج گهٽ هئڻ ڪري هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، ان ڪري اسان هندستان، دبئي، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سندن ايندڙ نسلن جي سنڌي سمجهڻ لاءِ آڊيو، وڊيو ۽ انٽرنيٽ جي جديد ذريعن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن مهمانِ خاص سانئڻ آشا چاند جو وارو آيو ته هُن هِن بيت سان شروعات ڪئي.
    سنڌ کي ڪو نه ٿو ڇڏائي سگهي سنڌين کان
    سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي سنڌ هُتي
    مُلڪ بڻجي ٿو مٽي سان نه مگر ماڻهن سان
    “شام” ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي
    سنڌ اُتي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي.
    پنهنجي ڳالهه شروع ڪندي هُن وڌيڪ چيو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هند جي سنڌين حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سرڪاري شعبي ۾ هڪ ٽي وي چئنل کوليو وڃي. هن چيو ته سندس تنظيم سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي جا آڊيو ۽ وڊيوز تيار ڪري انٽرنيٽ تي رکيا آهن ۽ انهن پروگرامن جون هزارين سي ڊيز پڻ جاري ڪيون آهن ته جيئن دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن. هن سنڌ جي ڏاهن، ڪلاڪارن ۽ پبلشرس کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجا ڪلام، ناٽڪ ۽ ڪتاب انٽرنيٽ تي رکن ته جيئن سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ۽ سندن ايندڙ نسل انهن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهن. آشا چاند چيو ته سنڌو تهذيب پڻ هڪ ڌرم جو نالو آهي.
    تقريب ۾ ڳالهائيندي پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر بيدل مسرور چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ خانگي شعبي ۾ هلندڙ ٽي وي چئنل رڳو خبرن ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن. باقي ڊرامن، ناٽڪن ۽ موسيقي جي شعبي ۾ سندن پروگرام سنڌي ثقافت جي عڪاسي نه ٿا ڪن ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرز جو سکيا نه وٺڻ آحي. هن پچيو ته ان جي ڀيٽ ۾ آشا چاند ۽ سندس اداري سنڌي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته ڪنهن به قوم جي بقا لاءي ضروري آهي ته ان جي ٻولي زنده رهي. ان موقعي تي پروفيسر اعجاز قريشي، قادر سرڪي، ولي محمد روشن، پروفيسر علي انور بالادي، تاج محمد وساڻ، ڪرم الاهي چنه ۽ ٻين آشا چاند کي سندس ڪوششن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جيڪڏهن هن سنڌي ٻوليءَ جو هاڪاري شاعر سرڳواسي نارائڻ شيام هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءي آشا چاند ۽ بين ساٿين ۽ ادارن جو ڪوششون ڏسي ها ته هو شايد اهو شعر لکڻ تي مجبور نه ٿئي ها ته “الله ايئن مه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌي ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”.
    جيئن ته شام کان ئي سچل ڳوٺ مٿي ڪڪرن جو زور هو. سو نيٺ هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿي. ميزبانن سوچيو پئي ته پروگرام کي مختصر ڪجي پر سانئڻ چيو ته هُن کي هتي اچي ايتري خوشي ٿي آهي جو هو برسات ۾ به پروگرام هلندو رهڻ چاهي ٿي.
    ساڳيو حال وري آيل مهمانن جو به هو. توقع کان وڌيڪ مجموعي جي ويهڻ جي جاءِ ملڻ به مُشڪل ٿي وئي. مهمانن ۾ سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان مشهور شخصيتن جو به شُمار هو. جيئن، مشهور پروڊيوسر ۽ اديب بيدل مسرور، پروفيسر اعجاز قريشي، مشهور اديب جوڙي سحر امداد ۽ امداد حُسيني، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، عابد مظهر شاهه، دانش چنا، احمد سومرو، ذوالفقار بهڻ، ناليواري ڳائڻي شهنيلا علي، مزاح جي دنيا جا بادشاهه علي گُل ملاح ۽ سهراب سومرو وغيره. موقعي جو فائدو وٺندي کين اسٽيج تي گهُرائي ماڻهن جي تفريح لاءِ فرمائشون به پوريون ڪرايون ويون. بيدل مسرور جو ڄڳ مشهور گيت “مان ڏوهي هان” سندن مخصوص انداز ۾ ٻُڌڻ جو آيل مهمانن کي وڏو شوق هو ۽ بيدل صاحب به خيال رکندي نه نه ڪئي. شهنيلا علي به ڪافي نٽايو ته بغير سازن جي مون کان ڳائڻ نه پُڄندو. پر ڪرم الاهي چنا (جنرل سيڪريٽري سگا، سچل ڳوٺ شاخ) جي زور ڀرڻ تي شيخ اياز جو گيت ٻڌايو. حاضرين جي فرمائش تي علي گُل ملاح ۽ سهراب سومرو به اسٽيج تي اچي خوب کلايو. خاص ڪري سندن سحر امداد ۽ سانئڻ آشاچاند جو پنهنجي وَرن سان گڏ هُجڻ ۽ وَرن جوماٺيڻو ٿي ويهڻ کي ڪافي کنيو ويو.
    ايئن هِن خوبصورت ۽ يادگار محفل جي پُڄاڻي ٽهڪن سان ٿي. ان کان پوءِ ريفريشمينٽ ۽ هڪ ڊگهو فوٽو سيشن هليو. مون کي پَڪ آهي ته سانئڻ آشا چاند هِند کان سنڌ جي جيڪا سِڪ کڻي هتي پُهتي سا ضرور پوري ٿي هوندي ۽ کين هتي مليل مان ڪي ورهيه ياد رهندو.
    جيئي سنڌ ۽ سنڌ وارا جيئن.
    [​IMG]
    پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ اسٽيج ۽ ڪڪرن ڀرئي آسمان جو ڏيک​
    [​IMG]
    سانئڻ آشا چاند روشن تارا سچل ڳوٺ جو تعارف ٻُڌندي​
    [​IMG]
    سنڌ سلامت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ بابت هلندڙ ڳالهه ٻولهه۔ سليمان وساڻ، آشا چاند ۽ عبدالحفيظ لغاري​
    [​IMG]
    سنڌسلامت پارا سانئڻ آشا چاند کي گُلن جو تحفو ڏيندي سليمان وساڻ​
    [​IMG]
    اسٽيج تي ويٺل مهمان​
    [​IMG]
    بيدل مسرور ”مان ڏوهي هان“ ڳائيندي​
    [​IMG]
    سانئڻ آشا چاند خيالن جو اظهار ڪندي​
    [​IMG]
    آيل مهمان پروگرام کان محظوظ ٿيندي​
    [​IMG]
    ريفريشمينٽ مهل ناليوارن مهمانن جو هي ميڙ ڪافي خوشگوار منظر پيش ڪري رهيو هو​
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تفصيلي حال احوال پڙهي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اسان به ان آجياڻي ۾ شامل هئاسين ، لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    شاندار تقريب شاندار تصويرون
     
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين احوال شيئر ڪرڻ لا لک قرب۔۔۔۔۔۔
    جن به دوستن هن پروگرام کي ترتيب ڏنو اهي جَس لهن۔۔۔ آلله پاڪ سڀني کي خوش رکي
    آمين
     
  5. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    زبردست ڊيئر. يار ڏاڍا هوشيار آهيو، ٻئي ڄڻا.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پياري دوست حفيظ لغاري جون مهربانيون جو ان قسم جي پروگرامن ۾ اسان جو ساٿ ڏيندو رهي ٿو ۽ سرگرم رهي ٿو۔ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ جي اطلاعات سيڪريٽري هجڻ ناتي رپورٽنگ جا ڪم مون تي هوندا آهن پر ميزبان هجڻ ڪري گهڻو ڪري مهمانن کي ويهارڻ، انهن جو خيال رکڻ ۽ پروگرام جي ٻي ارينجمينٽ سبب ڪجهه نوٽ ڪري ناهيان سگهندو۔ پوء هميشه حفيظ اهي ذميواريون نڀائيندو آهي، تصويرن ۽ ڪيمرامين جو ڪم به سٺي نموني سنڀالي، پر الائي ڇو عورتن واري طرف تصويرون ڪڍڻ کان ايئن ڀڄي جيئن ڪانو ڀڄي ڪمان کان۔ مان ٿورائتو آهيان حفيظ جو ۽ ثناء الله راڄڙ صاحب جو جن سٺي رپورٽ ٺاهي مدد ڪئي۔

    هي پروگرام ٻن ڏينهن جي شارٽ نوٽيس تي ارينج ڪيو هو تنهنڪري ڪنهن کي به فارمل دعوت ڏئي نه سگهياسين۔ پر فيسبوڪ ۽ ايس ايم ايس ذريعي دوستن کي نينڍ ڏنيسين۔

    سڀني دوستن جا ٿورا جيڪي ننڍڙي ڪال تي اسان جي هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيا ۽ اسان کي مان بخشيو۔ ڪجهه دوستن جا نالا ضرور ڏيندس جيڪي هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيا۔

    ناليوارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، امداد حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد، قادر سرڪي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، انيس انصاري اڪيڊمي جو ڊاڪٽر اسحاق انصاري، بينظير ڀٽو چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو پروفيسر اعجاز قريشي، ناليوارو قانوندان امان الله شيخ، سگا جو مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري، سگا جو اڳوڻو چيئرمين ولي محمد روشن، سگا جو مرڪزي سيڪريٽري انفارميشن اسماعيل پنهور، سگا جو ڊپٽي سيڪريٽري منظور اڄڻ، سگا ملير شاخ جو مريد علي لاکو، سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن اقبال جو عابد مظهر شاهه، شاعر ذوالفقار بهڻ، مريد روجهاڻي، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي جو صدر الطاف سومرو، عوامي جمهوري پارٽي جو حريف چانڊيو، گلوڪاره شهنيلا علي، ڪاميڊين سهراب سومرو ۽ علي گل ملاح، سنڌ ٽي وي جو سينيئر رپورٽر مشتاق سرڪي، دانش چنا، احمد سومرو، نسيم شاهاڻي، حنيف ٻگهيو، سارنگ منير سومرو، ادي نسيم حيدري، سگا سچل ڳوٺ شاخ جي ميمبرن، عهديدارن، روشن تارا اسڪول جي استادن ۽ انتظاميه، سچل ڳوٺ ريزيڊنٽس ايسوسيئيشن جي عهديدارن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔

    هن پروگرام جي ميڊيا رپورٽنگ آواز ۽ سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿي ۽ ان سان گڏ اخبارن پڻ ڪوريج ڪئي۔ ڪجهه اخباري ڪٽنگز پيش آهن۔

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اوهان سڀني دوستن جس لهڻو، جو سنڌ جي مان ۽ شان ۾ ڪم ڪيو ٿا، سنڌ جي ادب ۽ سنڌ جي ماڻهن کي مان ڏيو ٿا، سنڌ جي ٻوليءَ ۽ لوريءَ کي مان ڏيو ٿا ۔۔۔ ڊاڪٽر صاحب پروگرام جي تفصيلي رپورٽ ۽ تصويرون ڏئي سڄي احوال ۾ جان وجهي ڇڏي آهي ۽ ادي سليمان جن ماڻهن جا نالا کنيا يا لکيا آهن ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پروگرام انتهائي ڪارائتو ۽ سلڇڻن ڏاهن ماڻهن سان ڀريل هو ۔۔۔
    اوهانجو هجڻ ۽ اسانجو اوهان سان روحاني طور گڏ هجڻ يقيني آهي ۔۔۔

    سدا سرها رهو ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن پروگرام جي رپورٽ روزاني سڪار جي ادبي صفحي ڏات جي 29 آگسٽ 2013 جي ايڊيشن ۾ ساجد سنڌي جي سهيڙ ۽ سٽاء سان ڇپي آهي۔
    آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو
    رپورٽ : محمد سليمان وساڻ
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران سنڌ ۽ هند ۾ ٻوليءَ جي سفير، ٻولي ۽ ثقافت لاء جاکوڙيندڙ آشا چاند جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو. پروگرام جي صدارت سگا جو چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪري رهيو هو، جڏهن مهمان خاص آشا چاند هئي. آشا چاند هندستان ۽ دبئي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌي سنگت جي روح روان ۽ هند جي مشهور سنڌي اديب جوڙي اي جي اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جي نياڻي آهي. آشا چاند چيو ته هندستان ۾ ٻين مقامي 22 ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي پر اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو رواج گهٽ هئڻ ڪري هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، ان ڪري اسان هندستان، دبئي، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سندن ايندڙ نسلن جي سنڌي سمجهڻ لاءِ آڊيو، وڊيو ۽ انٽرنيٽ جي جديد ذريعن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. آشا چاند، جيڪا اڄڪلهه سنڌ جي دوري تي آيل آهي، تنهن چيو ته هندستان ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل رهن ٿا، ان ڪري هو سنڌي جي پڙهائي لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري نه ٿا سگهن. هن چيو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هند جي سنڌين حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سرڪاري شعبي ۾ هڪ ٽي وي چئنل کوليو وڃي. هن چيو ته سندس تنظيم سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي جا آڊيو ۽ وڊيوز تيار ڪري انٽرنيٽ تي رکيا آهن ۽ انهن پروگرامن جون هزارين سي ڊيز پڻ جاري ڪيون آهن ته جيئن دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن. هن سنڌ جي ڏاهن، ڪلاڪارن ۽ پبلشرس کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجا ڪلام، ناٽڪ ۽ ڪتاب انٽرنيٽ تي رکن ته جيئن سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ۽ سندن ايندڙ نسل انهن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهن. آشا چاند چيو ته سنڌو تهذيب پڻ هڪ ڌرم جو نالو آهي. هن سگا پاران سنڌي پڙهائڻ لاءِ 24 اسڪول هلائڻ ۽ سنڌي سبجيڪٽ ۾ “لطيفيات” کي لازمي طور پڙهائڻ تي سگا جي واکاڻ ڪئي.
    تقريب ۾ ڳالهائيندي پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ ناليواري راڳي بيدل مسرور چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ خانگي شعبي ۾ هلندڙ ٽي وي چئنل رڳو خبرن ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن. باقي ڊرامن، ناٽڪن ۽ موسيقي جي شعبي ۾ سندن پروگرام سنڌي ثقافت جي عڪاسي نه ٿا ڪن ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرز جو سکيا نه وٺڻ آهي. هن چيو ته ان جي ڀيٽ ۾ آشا چاند ۽ سندس اداري سنڌي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته ڪنهن به قوم جي بقا لاءِ ضروري آهي ته ان جي ٻولي زنده رهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته آشا چاند جون ٻولي جي لاء خدمتون ڪنهن به تعارف جون محتاج ناهن. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته آشا چاند پنهنجي ماء پيء جي نقش قدم تي هلندي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليء لاء پاڻ پتوڙي رهي آهي. قادر سرڪي چيو ته دبئي ۾ سنڌي ثقافتي ميلا مچائڻ ۾ سدائين آشا چاند اڳڀري رهندي آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين ولي محمد روشن چيو ته اهي قومون ئي ترقي ڪن ٿيون جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي جيارين ٿيون. سگا سچل ڳوٺ جي صدر پروفيسر علي انور بالادي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته اها سچل ڳوٺ وارن جي خوشقسمتي آهي جو آشا چاند جڏهن به سنڌ اچي ٿي ته هوءَ سچل ڳوٺ اچي ٻوليء جي ترقي لاء رايا وٺي ٿي ۽ صلاحون ڏئي ٿي. تاج محمد وساڻ چيو ته ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ اسان ٻارن کي آڊيو ۽ وڊيو ذريعي بهترين تعليم ڏئي سگهون ٿا جنهن جي شروعات آشا چاند ڪري چڪي آهي.
    پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪرم الاهي چنا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندڙن اهو به چيو ته جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو هاڪاري شاعر سرڳواسي نارائڻ شيام هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ آشا چاند ۽ ٻين ساٿين ۽ ادارن جو ڪوششون ڏسي ها ته هو شايد اهو شعر لکڻ تي مجبور نه ٿئي ها ته “الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”. ان موقعي تي بيدل مسرور ۽ شهنيلا علي شيخ اياز جا ڪلام “سچ وڏو ڏوهاري آهي” ۽ سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو” ڳائي سامعين کي جهومائي وڌو. مشهور مزاحيه فنڪار علي گُل ملاح ۽سهراب سومرو پنهنجي روائتي انداز ۾ ٽوٽڪا ٻڌائي سامعين کي محظوظ ڪيو. آجياڻي ۾ سچل ڳوٺ، سيتا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ ۽ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن کان آيل ۽ سڄي سنڌ مان آيل اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آشا چاند کي اجرڪ ، شيلڊ ۽ ڪتابن جون سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون.
    تقريب کان اڳ سنڌ سلامت جي وفد مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ جي اڳواڻي ۾ آشا چاند سان ملاقات ڪئي ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي موسيقي لاء سنڌ سلامت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪم بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ انهن نوجوانن کي داد ڏنو جن انفرادي طور ڪوششون وٺي ٻولي لاء جاکوڙ ڪئي آهي. هن سنڌ سلامت جي وفد کي دعوت ڏني ته هو سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽنگ جي دوستن جي ٽيم گڏ ڪن ۽ وڊيو ڪانفرنس ذريعي سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي بابت هڪ ٻئي سان ويچار ونڊين. آشا چاند اها به صلاح ڏني ته اسڪولن ۾ وڃي سنڌي ٻارن جي سنڌي ٽائيپنگ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي سکيا بابت جامع پروگرام ترتيب ڏنا وڃن.
    _______​

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سڀني دوستن جي مهرباني جِن هِن رپورٽ کي پڙهي پنهنجي قيمتي راءِ ڏِني۔
    عورتن کان ڊپ هِڪ فطري عمل آهي۔ جنهن جو آئون ته وڏو شڪار آهيان۔ الاءِ ڇو صنفِ نازڪ سان شروع کان نه پئي آهي۔ يا ته پنهنجي کانئن ڪٽيل زندگي گذارڻ ڪري يا وري انهن جا حال ڏِسي جيڪي انهن چڪر ۾ پيا ۽ حالت ٿين۔
    خير فوٽو ڪڍڻ جي حد تائين ڳالهه ايتري به ڳري ناهي۔ پر جتي مُريد روجهاڻي جهڙي بلا شخصيت موجود هُجي اُتي منهنجي مجال جو آئون عورتن جا فوٽو ڪڍي سگهان :)
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌين جا ميلا سائين مچندائي رهندا، آمين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو