نم جو وڻ: لوڪ ڏاهپ جي آرسيءَ ۾ سنڌ ۾ چوڻي عام آهي؛ “نم جون ڇانئون، مائرن جون دعائون”. نم، تازو سرڪار جي نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ جو قومي يا سرڪاري وڻ قرار ڏنو ويو آهي. نم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي ٿو. ان جي اصل وطن لاءِ جي نيٽ سان رابطو ڪبو ته ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ اولهه آفريقا جهڙا ملڪ ملندا. ان لحاظ سان نم کي سنڌ جو سنٿالن ۽ دراوڙ لوڪن وانگر اصلوڪو مقامي وڻ چئي سگهجي ٿو. هي وڻ گهڻو ڪري خشڪي وارن علائقن ۾ ٿئي ٿو، ان لحاظ سان سنڌ جي ڏاکڻي ٿر واري علائقي ۾ وڌيڪ ملي ٿو. ملي ته هي جابلو علائقن ۾ به ٿو پر اهي جبل ڪچا ۽ ڀرندڙ جبل هجن ٿا ان کان علاوه هي ميداني علائقن ۾ به ٿئي ٿو. پر هاڻ وڌندڙ سم هن کي سنڌ جي ميداني علائقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي قومي قرار ڏنل نم جي خاصيتن کي لوڪ ڏاهپ جي عينڪ پائي ڳولبو ته اهي گهڻي ڀاڱي مقامي علاج ۽ حڪمت جي حوالي سان ئي ملنديون. ان کان علاوه هي ڇانو، موسمن جي مٽجڻ، پکين پاران آنا ٻچا ڪرڻ، فصل پوکڻ جي لوڪ ڏاهپ، خوشبو، ڏندڻ، ڪاٺي، مال جي چاري، ۽ پکين جي فروٽ طور ڪم ايندي به نظر ايندو. نم جا قسم: سنڌ ۾ مقامي ڄاڻو ماڻهن مطابق نم ٻن قسمن جي ٿئي. هڪ چُهچ سائي ۽ ٻي ٿوري هلڪي سائي. چهچ سائي نم جي ڪاٺي وڌيڪ پڪي، وزني ٿلهي ۽ وڏي ٿئي. جڏهن ته هلڪي سائي نم وزن ۾ پوري، پر پن وڌيڪ هجڻ ڪري ڇانو ۾ وڌيڪ ٿيڻ کان علاوه چهچ کان تيار به جلد ٿيندي آهي. ان کان علاوه انهن جي ٻور جو رنگ به الڳ الڳ صفا اڇو ۽ پيلاڻ مائل اڇو ٿئي ته پنن ۾ به واضح فرق محسوس ڪري سگهبو آهي. ڇانءَ: نم جي ڇانءَ گهاٽي ۽ ٿڌي ٿئي ٿي پر جي ڪو هروڀرو نم جي ڇانءَ جو ٻين وڻ جي ڇانءَ سان مقابلو ڪرائڻ تي صفا سندرو ٻڌي بيهي ته پوءِ انهي مقابلي ۾ نم کي شايد سوڀ نصيب نه ٿئي ۽ مقابلو بڙ، ٽالهي ۽ سرنهن (ترتيبوار) کٽي وڃن. جڏهن ته ٻٻر جي ڇانءَ به سٺي ٿئي ٿي پر ڇاڻي وقت “ڪتڙي” ڪرڻ سبب ٻٻر مار کايو وڃي. ڇانءَ ته ٻير ۽ سرنهن جي به سٺي ٿئي ٿي پر جيڪو رات جو انهن هيٺ وهنجي يا لسي کائي ستو ته معنى بخار کي نياپو ڏئي گهرايس پر نم جي هيٺ يا ڇانءَ ۾ ائين ڪو نه ٿو ٿئي. ڀلي محترمه ايلسا قاضي کي نم جي ڇانءَ متاثر ڪري ۽ هوءَ Neem Tree جهڙو زبردست نظم لکي ۽ مائي ڀاڳي ڀلي کڻي “کڙي نيم ڪي نيچي” ڳائي محبوب کي متوجهه ڪري پر ڳالهه جڏهن مقابلي تي ايندي ته پوءِ ڳالهه ڳري ٿي پوندي. لوڪ ڏاهپ ۽ علاج: ڳالهه جڏهن مقامي ۽ لوڪ ڏاهپ وارن علاجن جي نڪرندي ته نم ڪنڌ مٿي کنيو بيٺو هوندو. پر اتي به اڪ اچي سينو ساهيو سامهون ٿيندو اٿس. جتي جتي نم آهي سالن ۽ صدين کان اتي نم مان وڌ مان وڌ ڪم مقامي علاج وارو ئي ورتو ويندو رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته سريلنڪا کان سنڌ ۽ عربستان کان اڇڙي ٿر تائين نم ٿوري گهڻي فرق سان هڪجهڙن نالن سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. اولهه آفريقا ۾ هن کي murubaniسڏبو آهي جنهن جو مطلب آهي 40 جو وڻ. معنى ته هي چاليهه بيمارين تي پوي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄوڪي جديد دور ۾ جتي هي ڪيترين ئي ايلوپيٿڪ، هوميوپيٿڪ ۽ حڪمت جي دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو، اتي بام، صابڻ، شيمپو، ڪريم، ٽوٿ پيسٽ وغيره ۾ به استعمال ٿيڻ سان گڏ ڪيترين ئي پيسٽيسائڊ ۾ به استعمال ٿئي ٿو. جي سنڌ جا حڪيم سچا ٿين ته اسان سنڌ واسي اولهه آفريقا جي مقابلي ۾ نم جون چاليهه کان وڌيڪ بيمارين کي لڳڻ واري لسٽ وڌائي سگهون ٿا. نم موسمون مٽجڻ جو اهڃاڻ: نم تي موجود لٽريچر ۾ خبر ناهي ڇو موسمون مٽجڻ واري اهڃاڻ ۽ خاصيت واري پاسي مڙئي گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. يا پوءِ ان ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي اها خاصيت رپورٽ نه ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ نم مان ٻيا فائدا حاصل ڪرڻ کان علاوه ان مان موسمون مٽجڻ جو اندازو به لڳائبو آهي. مثال طور؛ جڏهن نم پيلا پن ڪري ڇاڻي ته اها سياري جي پڇاڙي، بهار جي آمد ۽ چيٽ اچڻ جو اعلان هوندو آهي. پن ڇاڻڻ بعد نوان گونچ ڪڍڻ بهار جي ڦوٽهڙي ۽ چيٽ پوکڻ جي وڄايل بگل برابر هوندو آهي. ڪچ ڪري ٻور کڻڻ، چيٽ نئون ٿيڻ جو اعلان هوندو آهي، جنهن دوران ڪڻڪ، چڻا، مٽر ۽ گاهه وغيره پوکبا آهن. نموري ڪچي ٿيڻ وارو وقت سانوڻ جي شروع ٿيڻ وارو وقت هوندو آهي، ان دوران ڪڻڪن ۾ لابارا پئجي ويندا آهن ۽ سانوڻ وارا سڀ فصل؛ ڦُٽي، ساريون، تر، گوار، پوکجي چڪا هوندا آهن. جڏهن ته نموريون پچي ڇڻڻ واري وقت ڦٽي، ڏينن تي هوندي آهي ۽ تِر ڦري کڻي چڪا هوندا آهن. نموري ڇڻي بس ڪئي ته ڄڻ سانوڻ جي مند به بس ڪئي. پوءِ ان دوران بادل وسن نه وسن پر نم ڳوڙهن وانگر نموريون پيو هيٺ ڪيرائيندو آهي. سانوڻ بعد جڏهن نموريون ڇڻي بس ڪنديون آهن ته اهو وقت وري نوان نم ڦٽڻ جو هوندو آهي. جيئن ته نموريون ڪيترا ئي پکي شوق سان کائيندا آهن. ان ڪري نم جو ٻج پکين جي وٺين وسيلي پري پري تائين پکڙجي ويندو آهي. ڪاش رڳو ان قدرتي طرح ڦُٽل ٻج کي ئي اسان سنڀالي وڏو وڻ ڪيون ته اهڙيون موسمي تبديليون ۽ گرميون ڏسڻيون نه پون. نم جون نشانيون ۽ پکين جي آنن ٻچن جي موسم: سنڌ ۾ نم سان نه صرف موسمون ماپبيون ۽ جاچبيون آهن پر ڪي خفتي انهن جي پن پيلا ٿيڻ کان نموريون ڇڻڻ تائين پکين جي آنن ۽ ٻچن جون موسمون به سنڀاليندا آهن. مثال طور نم جي پن پيلا ڪري ڇاڻڻ وارو وقت تتر ۽ ڪڪڙ جي آنن لاهڻ جو وقت هوندو آهي. جڏهن ته گونچ ڪڍڻ وارو وقت آنن مان ٻچا ڦٽڻ وارو وقت سنڀالبو آهي. جنهن کي چيٽ وارو تُور سڏبو آهي. ڪچ ڪرڻ ۽ ٻور لڳڻ وقت اهي پکي وري ٻي تور جي تيارين ۾ هوندا آهن، جنهن کي سانوڻ وارو تور سڏبو آهي. خفتين جي بقول ته چيٽ جي تور وارا ٻچا اڪثر ڪري، شايد هوا وغيره جي سبب بيمار رهندا آهن ۽ گهڻو وقت نه ڪڍي سگهندا آهن. نموريون ڪچيون ٿيڻ وارو وقت طوطي جي ٻچن جو هوندو آهي. نموريون ڪچي مان پڪي ٿيڻ وقت ڪانءَ، ڪوئل ۽ ڪٻر جي ٻچي جو وقت هوندو آهي. نموريون ڇاڻڻ وارو وقت ڪانءَ پاران ٻچا اڏائڻ وارو وقت هوندو آهي. نم جو نالي طور استعمال: اڳي نالا گهڻو ڪري وڻن، گلن، ٻوٽن، ميوي يا صفتن وغيره جي حساب سان رکيا ويندا هئا. وڻن جي حساب سان نالا رکڻ مهل به انهن وڻن جي صفت ڏانهن ڏسبو هو. مثال ڪنڊو يا ڪرڙ نالو رکڻ وڏي عمر جي خواهش يا دعا هجي ٿي ته انب ۽ صوف وري مٺاس جي نشاني. ساڳئي نموني نم کي جيئن ته سُرو وغيره نٿو لڳي، ان ڪري نم نالي رکڻ جو مطلب ٻار کي بيمارين ۽ مصيبتن کان بچائڻ واري خواهش ۽ دعا جو هوندو آهي. شايد نم جي انهن سڀني خاصيتن ۽ خصوصيتن کي سامهون رکي ئي نم کي سنڌ جو سرڪاري ۽ قومي وڻ قرار ڏنو ويو آهي. پر جنهن نموني وڻن جي واڍي هلي رهي آهي ان ۾ ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ايندڙ نسلن کي به نم جو وڻ ڏيکارڻ لاءِ نم جو وڻ ڳولڻو پوي. ************ courtesy نواز ڪنڀر جا لوڪ ڏاھپ وارا ڪالم Neem Plant also known as Azadirachta Indica Azadirachta indica (नीम Neem (Hindi), Nimm in Sindhi Neem (Urdu), Nim (Bengali), Kadunimb (Marathi), Bevu (Kannada), Vembu (Tamil), Vepa (Telugu), Limda (Gujarati)) is a tree in the mahogany family Melancholia. It is one of two species in the genus Azadirachta, and is native to India,Pakistan, and Bangladesh growing in tropical and semi-tropical regions. Neem tree is the official tree of the Sindh Province and is very common in all cities of Sindh, there are projects underway for planting this tree in all over Sindh Province. Neem trees also grow in islands in the southern part of Iran where it is called “Cherish” or Azad derakht in Persian. Its fruits and seeds are the source of neem oil. Neem is a fast-growing tree that can reach a height of 15–20 metres (49–66 ft), rarely to 35–40 metres (115–130 ft). It is evergreen, but in severe drought it may shed most or nearly all of its leaves. The branches are wide spread. The fairly dense crown is roundish or ovular and may reach the diameter of 15–20 metres (49–66 ft) in old, free-standing specimens
ساڳي نم جي ڇانوَ، ساڳي کٽ کنگهار جِي، اچي ويٺا اوڏڙا، ڪان، ڪان، ڪري ڪانوَ ناميارا ڪي نانوَ، موت ميساري ڇڏيا ! نم سنڌ جو قومي وڻ قرار ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ ۾ ڪافي وڻ پوکيا به ويا آهن۔ هن دفعي ڳوٺ ويس ته ڪافي نمون نظر آيون۔ جڏهن به نم جي ڳالهه نڪرندي آهي ته مونکي ايلسا قاضي جو انگريزي نظم نيرم ٽري Neem Tree ياد اچي ويندو آهي۔ نم جي ڇانو واقعي ڪمال جي آهي ۽ ان ٿڌي ڇانو هيٺان زندگيء جا ڪيئي سال گذاريا آهن۔ مٺل جسڪاڻي جو نم تي لکيل هڪ آرٽيڪل ڏجي ٿو: نم : زرعي توڙي غير زرعي حوالي سان به نرالي اهميت جو وڻ چڱيءَ طرح ياد نه آهي. پرائمري اسڪول ۾، ڪنهن سبق ۾ پڙهيو هئم يا جڏهن ٻالڪپڻ ۾، ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، رات ٿيندي ئي، گهٽين ۾، وڏي آواز ۾ ’اڪ جي ڪاٺي نم جا پاوا‘ جو هوڪو ڏئي، هڪ جيڏن کي راند لاءِ گڏ ڪندا هئاسين…. جنهن جو جهڙو ذهن، ان کي اهڙيون يادگيريون…. جيڪڏهن اهو هو ڪو سبق، ته پوءِ جن جو سبق پڪو، تن جو خير ۽ جن جو سبق ڪچو، اهي پاڻ ٻُڌائين ته ’مار ٻار جي سنوار‘ يا ….. نم جو ننڍو ٻوٽو توڙي وڏو وڻ، ”نمن جون ڇانئون ۽ سيدن جون دعائون“ کان وڌيڪ فائديمند ان ڪري آهي، جو پاڙ کان چوٽيءَ تائين، سندس هر حصو، هڪ نه ته ٻيءَ خاصيت سبب، پر آهي وڏي ڪم جي شئي. ننڍپڻ جي ٻُڌل ڳالهه آهي، ڪنهن وڏڙي يا خبر نه آهي ته وڏڙِي کان، پر جيئن ٻُڌي، تيئن ياد آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته آڳاٽي زماني ۾ ڪو شخص بيمار ٿي پيو، ڏاڍو علاج ڪرايائين پر ٺيڪ نه پئي ٿيو. ڪنهن لقمان حڪيم جو ڏس ڏنس، ته ان سان وڃي حال احوال ڪيائين. حڪيم صاحب هن جي طبيعت بابت پڇا ڳاڇا ڪري، چڪاسي چيس ته، نم جي وڻ هيٺان راتيون گذار، ٺيڪ ٿي ويندين. ٻُڌائڻ وارن ٻُڌايو ته حڪيم جو چوڻ جو ڪيائين ته مرض ويندو رهيو ۽ مريض چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو! اها ته ٿي پراڻي زماني جي ڳالهه، پر اڃا به، شهرن ۾ ملهه مهانگي، عمدي قسم جي ڪريم، صابڻ ۽ تيل تي خرچ ڪرڻ باوجود، ماڻهو نه رڳو قدرتي سونهن ــ ورونهن کان وانجهيل آهن، پر جنهن کي جونءَ يا خارش آهي، اهو خرچ ڪرڻ باوجود به ان عارضي ۾ ڦاٿل هجي ٿو، پر ٻهراڙي ۾ عورتون نم جا پن، گئونچ، ٻور (گل) ۽ نموريون گهوٽي، مٿي ۾ وجهن، ته جونءَ ختم، وار چهچ ڪارا، ٿلها، ڊگها ٿيو پون. اڇا به دير سان ٿين ۽ ڇاڻو (وار ڇڻڻ) به گهٽ ٿئي. منهنجي خيال ۾ ته: اهو نم جو ئي ڪمال آهي، جنهن ڪري ٻهراڙي ۾، گنجي مرد ۽ مائيءَ جو ڪال آهي! جڏهن ته، شهرن جي، هاڻي حالت، ڪجهه آهي اهڙي، جو مرد ته مرد، عورتن جو به وگ تي گذران آهي! هاڻي ته نم جا صابڻ به بازار ۾ اچي ويا آهن، تيل به ملي ٿو، نم مان ٺاهيل ڪيپسول به ملن ٿا، پر جيڪو به پاڻي ۾ نم جا پن وجهي، گرم ڪري، ان سان وهنجي ٿو، ته اڪثر قسم جي خارش ــ کجلي ختم. سوير سمهڻ سوير اٿڻ جا عادي، ٻهراڙيءَ جا ماڻهوءَ، مفت وارا، نم جا ڏندڻ ڏئي، شوقين قسم جي خرچيلن کان وڌيڪ صاف ۽ سٺن ڏندن وارا ٿيو هلن. وات ۽ ڏندن جي ڊاڪٽرن کان پڇا ڪري ڏسو، وٽن ويندڙ مريض اڪثر اهي هوندا آهن، جيڪي نم جا ڏندڻ نه، مهانگا برش ۽ ڏندن وارا پائوڊر يا پيسٽ استعمال ڪندڙ آهن. نم جي ڪهڙي ڪهڙي ڪم واري ڳالهه ڳڻائجي؟ پيٽ ۾ ڪينئان ٿين، بادي يا خوني بواسير ٿئي، نم جي نمورين سان ماڻهو چاڪ چڱو ڀلو ٿيو پوي! شهرن ۾ شل نه منگهڻ ٿين، سوين رپيه خرچ ڪري، منگهڻ ماريندڙ زهر استعمال ڪري، ٿانو ٿپا ۽ کاڌ پيت جون شيون به زهريليون ڪريو ڇڏين. جڏهن ته ٻهراڙي ۾ سُري، اڏوهي، منگهڻ لاءِ، جيئن وهنجڻ لاءِ نم جو پاڻي استعمال ڪبو آهي، تيئن بنا ڪو خرچ پٺو ڪرڻ يا زهر جي امڪاني نقصان واري ڊپ کانسواءِ، عام قسم جي اڪثر جيت جڻي کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺبو آهي. هاڻي جڏهن دنيا ۾ زرعي زهر استعمال بند ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، ۽ عام ماڻهن توڙي آبادگارن کي ٻوٽن مان تيار ٿيندڙ مختلف مرڪب استعمال ڪرڻ جي تبليغ ڪئي پئي وڃي، پاڻ وٽ ان کان اڳ به توڙي اڃا به، اڪثر آبادگار پنهنجي فصلن ۾ نم جو عرق استعمال ڪري فائدو ماڻيندا رهيا آهن. اناج کي جيتن جو کاڄ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ نم جا پن استعمال ڪرڻ وارو صديون پراڻو طريقو به، هن جديد دور جي، جديد سائنسي دنيا ۾ به، مڃتا ماڻي چڪو آهي. نم جون نموريون انبن واري موسم ۾ ٿينديون آهن. پڪل انب ۽ نموري جو رنگ هڪ جهڙو ٿئي. انبن جي ڪجهه جنسن جا انب ۽ نموريون، قد بت ۾ نه، پر شڪل شبيهه ۾ به هڪجهڙا ٿين. نم جي نموري، جنهن جي ڪڙاڻ به هڪ مخصوص قسم جي ٿئي، ان جو مٺاڻ به پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي. ننڍي هوندي جون ڳالهيون ته ٺهيو، اڄڪلهه به، جڏهن پنجاهي ڇڏيو پيو هلان، تڏهن به، نم جي وڻ هيٺ هوندو آهيان ۽ نموريون پڪل هونديون آهن، ته منهنجا هٿ پاڻ ڄاڻ پڪل نموري پٽي، وات ۾ وجهن ٿا ۽ مون کي نمورين مان مٺاڻ چوسڻ تي، ڪڏهن به شرمندگي ڪانه ٿي آهي. موجودهه سائنسي دنيا ۾، جتي ٻين انيڪ پهلوئن تي تحقيق ٿي آهي، اتي نم تي به کوڙ تحقيق ڪئي وئي آهي ۽ اڃا به هلندڙ آهي. ان ڪري هاڻي نم جو استعمال به اڃا وڌيڪ جديد طور طريقن سان، اڳي کان اڳرو ٿيڻ لڳو آهي. ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي. موڪل جو وقت هو. آئون منهنجي آفيس مان گهر لاءِ روانو پئي ٿيس. ٻاهر آيس ته نم جي ڇانو ۾، ٽن چئن وڏي عمر جي عورتن کي ڪجهه ميڙي گڏ ڪندي جو ڏٺم، شڪ پيو ته نم جي وڻ هيٺ ڇڻيل گل گڏ ڪري رهيون آهن. پڪ ڪرڻ لاءِ وٽن ويجهو وڃي ڏٺم ۽ کانئن پڇيم ته، اوهان هي نم جا ڇڻيل گل ڇو پيون گڏ ڪريو، ان تي ٻُڌايائون ته، هو اهي گل وڪڻي، ٻه ٽي رپيا حاصل ڪري، پنهنجو گذر سفر ڪنديون! نم جا ڇڻيل سڪل پن، ڏانڊيون، نموريون، گل، ڪاٺ چيرڻ وارين مشينن تي نم جي ڪاٺ جو ٻورو، ننڍا ننڍا ٽوٽا ٽڪر ڌار گڏ ڪري گذر سفر ڪرڻ ۽ ٻچا پارڻ….. اها ۽ اڃا به ڪجهه وڌيڪ آهي نم جي اهميت، جنهن کان ڪيترائي اڻ واقف آهن.
اھي ٻئي آرٽيڪل پڙھي نم جي وڻ جي شفقت ۽ پيار ڀريو انداز وري ياد آيو. واه ڙي نم تنھنجا ڪم بيمارين کان نجات ھڪدم تون ھر ڪنھن کي پاڻ ڏانھن ڪائل ڪئي آخر مان به تون ڏي اچڻ اڄ چاھيم ماڻھن توکي اعلي وڻ سمجھن ڇاڪاڻ ته اھي تون مان فائدو وٺڻ ڀائن تنھنجي پنھنجائيپ ڪانه وسرندي مونکان اڄ به ياد آھن جڏھن تو ھيٺ ويٺي جيڪي گيت ڳايم پاڻ ٻنھي جو پيار ته اول کان ئي وري اڄ ڀاء سليمان ۽ نثار ڳالھ تنھنجي ڇيڙي مون کي تون ڏانُھن ورائن¡
ٿرپارڪر ۾ اهو وڻ گهڻو آهي، جڏهن وسڪاري جي موسم ۾ ٿر ڪشمير جو ڏيک ڏيڻ لڳندو آهي تڏهن هن وڻ جي ڇان هيٺ ويهي ٿر جي سرسبز نظارو ڏسڻ سان دل کي الائي ڪيترو سڪون ملندو آهي