چهري جي داغن مان هميشه نجات حاصل ڪريو

'سورنهن سينگار' فورم ۾ bakhtawar طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2010۔

  1. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    موسم جي بدلجندي ئي چمڙيءَ تي به ان جا اثر شروع ٿي ويندا آهن ۽ عورتون پارلر جو رخ ڪنديون آهن چمڙيءَ جي حفاظت گهر ۾ به ڪري سگهجي ٿي، چمڙيءَ جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي چهري تي موئسچرائزر ۽ ڪلينزنگ سان گڏ سج جي روشني جي مضر اثرات ۽ ٻين موسمي اثرن کان محفوظ رکو ۽ رڳو چهري جي چمڙي ئي ان موسم ۾ توجهه نه ٿي گهري بلڪه جسم، ڪنڌ، هٿ، پير ۽ ٻانهون به توجهه چاهين ٿيون، ان لاءِ چهري سان گڏو گڏ چمڙي جي باقي حسن جي حفاظت روٽين ورڪ ۾ شامل ڪريو ...

    گليسرين، عرق گلاب ۽ ليمي کي برابر وزن ۾ ملائي اهو آميزش ڪنهن صاف بوتل ۾ وجهي فرج ۾ رکي ڇڏيو، ٽونر جي طور تي چهري ۽ ڪنڌ تي لڳايو.

    ان کان علاوه ٽماٽي جا ٻه سلائس ڪٽي فريزر ۾ رکو جڏهن به ٻاهر ڪٿي وڃو ته اهي سلائس چهري تي مليو ان سان چهري جي رونق بحال ٿي ويندي.

    خشڪ کيرُ ٻه چانهه جا چمچا ۽ جَوَن جو اٽو عرق گلاب ۾ ملائي ڳاڙهو ليپ ٺاهي وٺو، هفتي ۾ ٻه ڀيرا اهو ماسڪ لڳائڻ سان رنگت نکري ايندي.

    بيضي جي اڇاڻ ۾ بادام جو پائوڊر پيهي ملائي رات جو سمهڻ کان اڳ ان مرڪب کي چهري تي ماسڪ وانگر لڳايو ... ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ٿڌي پاڻي سان چهرو ڌوئي ڇڏيو چمڙي ۽ چهري جي شگفتگي ڪيترن ئي ڏينهن تائين قائم رهندي.

    نارمل ۽ سڻڀي چمڙي جي حفاظت:
    نارمل ۽ سڻڀي چمڙي ٻنهي جي حفاظت لازمي آهي، ان ۾ ٿوري محنت گهربل آهي ان لاءِ توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، صبح سوير اٿندي ئي ٽشو پيپر جي ذريعي پنهنجي چمڙي جي مڪمل صفائي ڪريو، جيڪڏهن ٽشو پيپر تي سڻڀ موجود آهي ته ان جو مطلب واضح آهي ته توهان جي چمڙي سڻڀي آهي، کاڏي ۽ پيشاني تي سڻڀ نه هجي ته سمجهو ته مليل جليل چمڙي آهي، نارمل ۽ سڻڀي چمڙي جي حفاظت لاءِ بادام جي تيل ۾ ٻه قطرا ليمو نچوڙي چمڙي تي لڳايو، ان سان چمڙي ۾ رت جو دورو شروع ٿي ويندو جيڪڏهن چمڙي ۾ اڌ مئل خليون موجود هونديون ته اهي به متحرڪ ٿي وينديون.

    ٻاهران گهر واپسي ايندي ئي ڪنهن سٺي ڪلينزنگ لوشن سان چهرو صاف ڪرڻ کانپوءِ ڌوئي وٺو ته جيئن چهري کي گهربل مقدار ۾ آڪسيجن حاصل ٿي وڃي، هڪ چمچو ماکي ۽ اڌ چمچو ليمي جو رس ملائي چهري تي لڳايو، پندرنهن يا ويهه منٽن کانپوءِ چهري کي منرل واٽر يا اٻريل پاڻيءَ سان ڌوئو، ليمو ۽ ماکي توهان جي چمڙي ۾ موجود سڻڀ کي زائل ڪري ڇڏيندو

    .سياري جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت:
    سياري جي موسم ۾ چمڙي تي عام طور داغ پئجي ويندا آهن، جنهن سان چهري جو رنگ عجيب لڳڻ لڳندو آهي، چمڙي تي داغ ڌٻا تيز مصالحن، چٽ پٽين شين ۽ گهڻي گرم ماحول ۾ رهڻ سان به پوندا آهن پر سياري ۾ درجه حرارت بدلجندي رهڻ سان چمڙي تي گلابي رنگ جا داغ ڌٻا پئجي ويندا آهن. سياري ۾ عام طور تي ماڻهو ڪمرن ۾ هيٽر ٻاري رکندا آهن، هيٽر واري ڪمري ۾ جڏهن هڪدم سيءُ نڪري ويندو آهي ته ماحول جو درجه حرارت بدلجڻ سان چمڙي جي هيٺ رت جون سنهيون سنهيون ناليون ڦاٽي پونديون آهن ۽ چمڙي تي گلابي رنگ جا داغ ظاهر ٿيندا آهن، اهي داغ آهستي آهستي ڪاري يا تيز ناسي رنگ جا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ڪوشش ڪريو ته سياري جي موسم ۾ هيٽر جي سامهون گهٽ کان گهٽ ويهو ڇو ته گهڻي حرارت (گرمائش) چمڙي کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجندي آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چهري جي داغن مان هميشه نجات حاصل ڪريو

    ڀيڻ بختاور! اوهان تمام ڪارائتا نسخا ڏنا آهن، انهن ننڍن گهريلو ٽوٽڪن سان گڏ خاص طور تي سياري جي موسم ۾ هيٽر تي ويهي پنهنجو پاڻ کي سيڪڻ واري طريقي جا نقصان، ڪيترن عام ڀينرن يا ڀائرن کي خبر نه هوندي آهي ۽ هو پنهنجو نقصان ڪري وجهندا آهن ۔۔۔

    انسان پاڻکي سهڻو، صحتمند رکي ته سندس ماحول به خوشگوار ۽ سهڻو رهندو آهي ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو