پيئڻ لاء پاڻي گهرجي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهده سمون طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2010۔

  1. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    " عاجز سمون جي نوٽ بڪـ تان ورتل "
    پيئڻ لاء پاڻي گهرجي ؟
    ـ محتاط اندازي موجب دنيا ۾هڪـ ارب کان مٿي ماڻهن کي پئيڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي ۽ پنج سئو ملين کان مٿي ماڻهو گندي پاڻي نيڪاسي جي سهوليتن کان محرم آهن پاڻي ڪافي مقدار ۾ نہ موجود هجڻ خوراڪ کي تحفظ نہ هجڻ غربت کي گهٽائيڻ ۽ ماحول کي تحفظ ڏيڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ٿيندي پئي وڃي
    دنيا ۾ ترقي يافتہ ۽ گهٽ ترقي يافتہ ملڪـ پاڻي جي کوٽ جي ڪري پرشان آهن پاڻي انهن لاء هڪـ وڏو چيلينج بڻيل آهي ـ ڇوتہ آبادي وڌڻ ڪري پاڻي جي موجوده وسيلن تي ڏو دٻاءُ پئيجي
    رهيو آهي ـ ملينيم ڊڪليئشن millenlum declaration ۾ اهو طئہ ڪيو ويو آهي تہ 2015ع تائين اهڙن ماڻهن جي اڌ آبادي کي پئيڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون فرام ڪيون وينديون يا انهن جي اوستائين رسائي ڪرائي ويندي خاص طور تي ڳوٺن ۾ عورتن کي گڏيل پاڻي جي وسيلن جهڙو ڪہ نلڪن چشمن ڍنڊن يا دريائن مان پاڻي کڻي اچڻ ۾ ڪافي وقت ۽ڪلاڪن جا ڪلاڪ روزانو لڳي ويندا آهن اڪثر پاڻي صاف نہ هجڻ ڪري صحت جون اڪثر بيمارين سان گهرو تعلق هجي ٿو شهرن ۾ يا ڳوٺن ۾ پائيپن وسيلي حاصل ٿيندڙ پاڻي بہ صاف نہ هوندو آهي ۽ ڪافي ماڻهن کي دستن ۽ الٽين جهڙيون بيماريون ٿيو پون اڄڪل ماڻهو
    تازو پاڻي ضرورت کان بہ گهٽ استعمال ڪري رهيا آهن تازو پاڻي دنيا ۾ غيرمعياري طور تي مجود آهي اڄ تائين اندازن پنج سئو ملين ماڻهو پاڻي جي شديد گهٽتائي ۽موجود نہ هجڻ کي
    منهن ڏئيي رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ پاڻي جو شديد بحران ۽کوٽ جو شڪار ٿيندا ـ
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پيئڻ لاء پاڻي گهرجي ؟

    ادي شاهده توهان سائين عاجز سمون جي ڊائري مان پائي جهڙي اهم ضرورت جي باري ۾ مضمون اسان سان ونڊ ڪيو، مهرباني ڀيڻ، واقعي پاڻي کان سواءِ دنيا جي جيوت جو هلڻ ناممڪن آهي، هوئن به ڀيڻ توهان سنڌ جي جنهن علائقي سان تعلق رکو ٿيون اتي پاڻيءَ جي اهميت سون کان به وڌيڪ آهي، سائين عاجز سمون ٿر جي ڄاتل سُڃاتل شخصيت آهي، جيڪڏهن سائين عاجز سمون جون اڃان به خوبصورت ونڊون توهان وٽ هُجن ته اسان سنڌ سلامت جي ڀائرن سان ضرور ونڊ ڪجو ۽ سائين عاجز سمون جو تعارف جيڪڏهن توهان کي پهچي سگهي ته ضرور تفصيل سان سنڌ سلامت جي تعارف واري شعبي ۾ ونڊ ڪندا ته مهربانيون ٿينديون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو