جوملا جا جلوا

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    جوملا هڪ اوپن سورس ايپليڪيشن آهي، جيڪا اسان پنهنجي مفت سي ايم ايس ويب سائيٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا۔ جوملا فري ۾ آهي، ان جا ڪيترائي ٽيمپليٽ به فري ۾ موجود آهن۔ اڄڪلهه ريسپانسوِ ٽيمپليٽ جو استعمال عروج تي آهي، ان جي اها خاصيت آهي ته ويب سائيٽ کي ڪهڙي به ڊوائيس تي کوليو ته ان جي سائيز ان ڊوائيس جي اسڪرين جي برابر ٿي ويندي۔ مثال طور اسان ويب سائيٽ وائيڊ اسڪرين تي ڏسنداسين ان جي برابر اسڪرين ايندي اگر سيل فون تي ڏسنداسين ته ان جي اسڪرين تي فٽ ٿي ويندي۔
    وڌيڪ معلومات جوملا جي ويب سائيٽ تي۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مان جڏهن پنهنجي اڪثر دوستن سان جومله بابت ذڪر ڪريان ته ڪي ڪن لڪائين ته ڪي وري پڇندا رهن ته اها آهي ڪهڙي بلا۔۔۔؟
    ڪي ان کي جمله به سڏين ته ڪي وري جومولا۔۔۔
    بحرحال سڀني دوستن لاءِ آگاهي ته جمله يا جومله Joomla هڪ اوپن سورس ڪنٽنٽ مينيجمينٽ سسٽم CMS آهي جيڪو ڪنهن به ويب جو پورٽل بڻجي ڊويلپ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي جتي هڪ ئي ويب پني ته ويب بابت سموري معلومات ۽ ساڳي ئي پني تي سمورن وزٽ ڪندڙ مهمانن کي مينيج ڪرڻ نهايت آسان هوندو آهي... هي هڪ موڊيولر سي ايم ايس پڻ سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ پنهنجي ضرورتن جي مناسبت سان ماڊيولس جو اضافو ڪيو ويندو آهي. هن جو اسڪرپٽ پي ايڇ پي لينگويج ۾ تيار ٿيل هوندو آهي.. ٻين لفظن ۾ سي ايم ايس جو استعمال ڊويلپرس کي گهڻي ڪوڊنگ کان نجات ڏياريندو آهي... ۽ کيس رڳو پنهنجي ضرورتن جي مطابق ڪسٽمائيز ڪرڻو ئي هوندو آهي... ان کان علاوه هن جهڙيون ٻيون سي ايم ايس ۾ شامل آهن دروپل Drupal ۽ ميمبو سرور Mambo Server وغيره ۔۔ وڌيڪ معلومات لاءِ گوگل تي joomla, drupal, mambo server يا CMS لکي ڳولا ڪريو۔۔۔
    جومله تي سڀ کان بهترين سنڌي سائيٽ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام جڙيل آهي۔۔۔​

    [​IMG]

    ناچيز جومله جو سنڌي ترجمو ڪافي وقت اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن دوست کي گهربل هجي ته ڏئي سگهجي ٿو۔۔۔ ان کان علاوه اهو ٻڌائيندي خوشي پئي ٿئي ته جلد سنڌ سلامت طرفان پڻ هڪ مڪمل ريسپانسوِ سنڌي ٽيمپليٽ سنڌي جومله ورجن سان رليز ڪئي ويندي۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو قدم
    مون کي ڌاڍدي خوشي ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    جوملا 1۔5 جو سنڌي ترجمو نظر مان گذريو آهي باقي 2۔0 يا 3۔0 جو ترجمو ناهي ڏٺو، اوهان وٽ موجود آهي ته اپلوڊ ڪري ڇڏيو۔ پهرين سنڌي ريسپانسوِ جوملا ٽيمپليٽ جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو