1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيتن ڳائيندڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,284
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيت ڳائيندڙ
    تحقيق ؛ عبدالرزاق ميمڻ

    ستين جولاءِ 1961ع ۾ ڳوٺ پريالي، ضلع خيرپور جو رهواسي رحمان مُغل عرف ”سرمد سنڌي“ اهو فنڪار آهي جنهن تمام ٿوڙي عرصي ۾ تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. هن پنهنجي فني گس جي شُروعات 1980ع کان شروع ڪئي ۽ پنهنجي 35 سالن جي زندگيءَ ۾، پنڌرهن سالن ۾ ئي هڪ بهترين راڳي بڻجي ويو. سندس مادري زبان پنجابي هُئي پر هن سنڌي قومي نغما ڳائي هُن پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو نمڪ حلال پُٽ ثابت ڪري ڏيکاريو. هن سرائڪي ۽ اڙدو زبان ۾ به ڳايو پر پنهنجي ڳائڻ جي ڍنگ سان ۽ راڳ وسيلي سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو. هن جديد شاعرن کي گھڻو ڳايو جن ۾ سرمد زاهد شيخ، استاد بُخاري، عبدالغفار تبسم، شيخ اياز ۽ راشد مورائي سر فهرست آهن.

    سرمد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالرحمان ولد حيات علي مُغل آهي. سندس والد ۽ وڏا انتهائي مذهبي ماڻهو ها ۽ ان جي ڳوٺ ۾ اٽي جي مشين هُئي، جتي در در پنڻ وارا جوڳي فقير جيڪي ڳائي وڄائي اٽي لپ وٺڻ ايندا هُئا، ۽ سندس اٽي جي مشين تي ايندا هُئا، انهن کي ٻوڌندي هن کي راڳ طرف لاڙو ٿيو.  

    هن پنهنجي پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول پريالي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ هاِ اسڪول پاس ڪري هي خيرپور جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتان هُن سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. ۽ اُتيئي اسڪول جي سياسي تقريبن ڪان ٿي، فني زندگيِ جو آغاز ڪيو.  هُن ڪجھه عرصو حيدرآباد ڊيولپمنٽ اٿارٽيءَ ۾ به ڪم ڪيو ۽ پوءِ اُن کي ڇڏي ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سول انجنيئر جي حيثيت ۾ ملازمت ڪيائين. هن پنهنجي مائٽن جي مرضيءَ سان بختاور نالي هڪ عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي ماريا ڄائي ۽ سند وفات ڪرڻ کان ٿوڙو اڳ کيس هڪ پُٽ ڄائو جنهن جو نالو عزيزالرحمان رکيو ويو. پاڻ هڪ روڊ حادثي ۾ جيڪو 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين کان ٺٽي ويندي پيش آيو، 28 ڊسمبر جو ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ پنهنجن پرستارن کي روئيندو ڇڏي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. انا لاِلله و ان الي يراجعون.

    رحمان مُغل جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءَ احمد مُغل ڳائڻ ته شروع ڪيو آهي پر سرمد سنڌيءَ جي ڳالهه ئي ٻي هُئي ۽ ڳائڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. سرمد سنڌي مان اها خوبي هوندي هُئي ته جيڪي به ڪلام ڳائيندو هو، ان جون ڌُنون نيون ڪمپوز ڪندو هو يا ڪرائيندو هو. هن ڪڏنهن به هندستاني ڌُنن تي ناهي ڳايو، ها البته سنڌ جي لوڪ ڌُنن تي ضرور ڳايو اٿس. حالانڪه کيس راڳ ۽ سُرن جي ايتري ڳاڻ نه هُئي پر سُٺي آواز ۽ سڀاءَ ڪري کيس وڏي مڃتا ملي جيڪا تمام گھٽ ڳائڻن کي نصيب ٿيندي آهي. بحرحال سرمد سنڌي، سنڌي موسيقيءِ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو سُنهري اکرن ۾ لکرائي ويو آهي، جنهن تي پوري قوم کي ناز آهي.

    هن سڀ کان اڳ راڳ جي تربيت راڳي لالي عزيز ڪان ورتي ۽ پوءِ منظور سخيراڻي، شاهد ڀٽي ۽ زندگيءَ جي آخري سالن ۾ 1996ع ۾ استاد ظهور خان زيبيءَ کان سکيو. پاڻ هڪ سنڌي فلم برسات جي رات ۾ اداڪاري به ڪئي اٿس. اهو ائين ته جڏنهن شاعر عبدالغفار تبسم جيڪو پي آءِ اي جي ڪارگو ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم به ڪندو هو ۽ آفيسر ڪيڊر تي هاڻ رٽائر به ٿي چُڪو آهي، اُن اها فلم پئي ٺاهي ۽ سرمد سنڌيءَ جي خواهش هُئي ته هو هُن ۾ ڳائي، پر جيئن ته ڳائڻن جي چونڊ پهري ٿي چُڪي هُئي، تنهنڪري تبسم کائنس ان فلم ۾ اداڪاري ڪرائي.

    ٽيليويزن تي هن سڀ کان اڳ ۾ هڪ نعت چئي جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ رڪارڊ ڪئي هُئي ۽ پوِ راڳ جي حوالي سان اُن وقت جي اسسٽنٽ پروڊيوسر سميع بلوچ سندس گھڻي مدد ڪئي ۽ هو هُن کي پروڊيوسر هارون رند صاحب وٽ وٺي ويو، جنهن سڀ کان پهرين رحمان مغل جي آواز ۾ ٽي نغما رڪارڊ ڪيا. ريڊئي ۽ ٽي وي وارا هُن کي سرمد سنڌي بجاءِ رحمان مُغل لکندا ۽ سڏيندا آهن، پر ڪيسٽ جي دنيا ۾ هو سرمد سنڌي سڏجي ٿو. جيڪي ٽي نغما ٽي ويءَ تي رڪارڊ ٿيا هُئا اُهي آهن هڪ ”لولي...“، ٻيو شيخ اياز جوگانو ” رات آئي وئي ۽ تون نه آئين وري ماڪ ۾ او مينڌرا رات روئيندي رهي“ ۽ ٽيون سميع بلوچ جو ” تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير

    رحمان مُغل کي ريڊئي تي پروڊيوسر ڪوثر ٻورڙي آندو. هن جو ڪيسٽون به تمام گھنيون مقبول ٿيون، سندس پهرين ڪيسٽ توصيف سائونڊ اسٽوڊيو صدر ڪراچيءَ وارن رڪارڊ ڪئي. هن پنهنجي مُلڪ کان سواءِ ٻاهر دُبئي وغيره ۾ به پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪيو. هن جي وچوڙي بعد هن تي هڪ ڪتاب ”سنڌ جو ٻيجل“ پڻ ڇپرايو ويو هو جنهن کي سهڙيندڙ علي حسن چانڊيو هو ۽ مهراڻ پبلشر ڪراچيءَ ڇپرايو هو.

    هن کي زندگيءَ ۾ ٻه وڏا روڊ جا حادثا پيش آيا، هڪڙو سکر ۽ خيرپور جي وچ ۾، جنهن سبب هو معذور ٿي ويو ۽ ويل چيئر تي هلڻ لڳو ۽ ان ڪري 6 مهنن تائين سندس ڳائڻ به بند ٿي ويو هو، ۽ پرستارن جي دُعا ۽ الله سائين جي مهربانيين سان هو ڪجھه صحيح ٿي ويو هو ۽ ڳائڻ شروع ڪيو هُئئين ۽ ٻيو حادثو 27 ڊسمبر تي جنهن ڪري 28 ڊسمبر تي سندس لاڏاڻو ٿي ويو.

    جڏنهن هن دُنيا مان گُذاري وينداسين گھڻن کي اسان به
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيتن ڳائيندڙ

    ادا عبدالرزاق: اوهان اڄ مونکي منهنجي پياري دوست سرمد جي ياد ڏياري، ماضيءَ جي انهن ڏينهن ڏانهن وٺي ويا جڏهن پاڻ گلشن اقبال ڊسڪو بيڪري جي ڀر ۾ دائود ڪاليج جي ڪينيا هاسٽل 1985 کان 1988 تائين ۾ ديري ڄمايو هو ۔۔۔ هي مٺڙو دوست صبح شام اسان وٽ ايندو هو ۔۔ ماچيس ۔۔۔ ٽيبل ۔۔۔ يا ٿالهه وڄائي پنهنجا گيت ٻڌائيندو هو ۽ سنڌ سان منسوب گيت ڳائڻ وقت پاڻ به روئي ويهندو ۽ اسانکي به روئاري وجهندو هو ۔۔۔

    پاڻ وٽ به ان وقت موٽر بائيڪ هوندي هيس ۽ مون وٽ به ۔۔۔ پاڻ اڪثر اها موٽر هاسٽل ۾ ئي بهاريندو هو ۽ منهنجي پويان بائيڪ تي ويهندو هو ۽ پوءِ سندس گيت هوندا هئا ۽ منهنجو ڪن ۽ ڪنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۽ گلستان جوهر جا روڊ ۔۔۔ اڪثر جيڪو گيت ٻڌائيندو هو سو هو ”گهنگهرو ڪي طرح بجتا هي رها هون مين“

    منهنجي آخري ملاقات جيئي سنڌ پاران ڪرايل ڪانفرنس جيڪا جي ايم سائينءَ جي گهر جي سامهون نشتر پارڪ ۾ ٿي هئي (سن ياد نٿو اچي) ۔۔۔ ات ٿي هئي ۔۔۔ جت مون سندس گيت ڳائڻ جي موڊ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۔۔۔

    تمام پيار ڪندڙ، همٿائيندڙ ۽ ڏک سک ۾ ڪم اچڻ وارو انسان هو ۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,378
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيتن ڳائيندڙ

    لاجواب شيئرنگ آهي سائين عبدالرزاق صاحب

    اهڙيون ڪوششون جاري رکندا ڪريو

    اسان کي اهڙي پياري معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

    سدائين گڏ
     
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    157
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيتن ڳائيندڙ

    سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾ مان بس ايترو چوندس. ته مان کيس ڏٺو ته ڪونه هو باقي جنهن وقت سندس حادثو ٿيو هو تنهن وقت اسانجي گوٺ جيڪو سرمد سنڌي جو ڳوٺ پڻ آهي. پريالي ۾ رڳو روڄ راڙو هو. سندس تربت اسان جي گهر جي ڀرسان واري قبرستان ۾ مخدوم اسماعيل جي درگاهه جي لڳولڳ آهي. حادثي کان پوءِ ڪافي ڏينهن تائين پريالي ۾ صرف سرمد جو آواز هر هوٽل تي گونجي رهيو هو. ماڻهن چواڻي ته هن جو گيت جڏهن هن دنيا ۾ گذاري وينداسين. سچو ثابت ٿيو.

    الله کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,185
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيتن ڳائيندڙ

    سائين سرمد سنڌي نه وسرندڙ انسان آهي.
    ان جا گيت اسان هر وقت ٻڌاندا آهيون.
    افسوس ان ڳالھ جو آهي ته اسان سرمد کي ڏسي ڪون سگهياسين جڏهن هن فاني دنيا ۾ اک کولي آهي، سرمدي کي ٻڌون ٿا.
    سرمد جي ياد ڪڏهن به اسان جي دل تان ڪان مٽجندي.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,284
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    رات آئي وئي ۽ تون نه آئين وري ماڪ ۾ او مينڌرا رات روئيندي رهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو