سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو

'راءِ شماري' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2010۔

?

ڇا توهان ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڏنل جوابن کان مطمئن آهيو...؟

  1. جي ها

    1 ووٽ
    14.3%
  2. جي نه

    4 ووٽ
    57.1%
  3. خبر ناهي

    2 ووٽ
    28.6%
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو ڪالهه ايڪسپريس ٽي وي جي پروگرام فرنٽ لائين جي شاهد ملڪ سنڌ جي قومي ليڊر محترم ڊاڪٽر قادر مگسي کان هڪ 50 منٽن جو انٽرويو ورتو۔۔۔ انٽرويو ۾شاهد ملڪ سنڌ جي سمورن مسئلن ۽ خيالن بابت سخت قسم جا سوال ڪيا ۔۔۔ جن جا محترم قادر مگسي صاحب مطمئن جوڳا جواب ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي۔۔۔
    هڪ عام خيال آهي ته سنڌي قومپرست ليڊر پنهنجي موقف کي ڌارين تائين پهچائڻ ۾ سدائين مشڪلات جا شڪار رهيا آهن۔۔۔ ان جو سبب يا ته اردو ٻولي تي عبور حاصل نه ڪرڻ آهي يا وري اسان جو هميشه ڌارين کان دٻيل رهڻ آهي۔۔۔
    هن انٽرويو کي ٿي سگهي ته غور سان ٻڌو ۽ هيٺين سوالن تي پنهنجا رايا موڪليو۔۔۔
    • ڇا ڪمپيئر شاهد ملڪ جي پڇيل سوالن جو جواب اسان جو قومپرست ليڊر محترم ڊاڪٽر قادر مگسي بهتر طريقي سان ڏئي سگهيو۔۔۔۔؟
    • ڇا هن مختصر پروگرام سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو۔۔؟
    • ڇا ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين کي سمجهائي سگهيو۔۔۔؟
    • ۽ آخري سوال ته ڇا ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڏنل جوابن کان توهان مطمئن آهيو۔۔۔؟

    [m]http://www.zshare.net/video/72772288daf31739/[/m]​
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو

    توهان جي سڀني سوالن جو جواب "نه" آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو

    سڀ کان پهريان ته آءُ دوست عبدالرشيد جو ٿورائتو آهيان جنهن هي بحث هت هن اڱڻ تي ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ هن بحث تي دوستن کان رايا گهري ۽ مٿان ووٽنگ جي پٽي لڳائي اڃان وڌيڪ عقلمندي جو مظاهرو ڪيو آهي ۔۔۔ هن سان سنڌ جي سياسي صورتحال جي خبر پوندي ۽ سنڌي نوجوانن جي ذهني لاڙن جو اڀياس ٿيندو ۔۔۔ حاصل مطلب ته دوست رشيد هڪ سهڻي بحث جو ميدان ڏنو آهي۔۔۔

    آءُ دوستن کي ٻه گذارشون ڪندس ته ؛
    1۔ بحث واري وڊيو ڏسڻ کانپوءِ ووٽ واري پٽي استعمال ضرور ڪن ۔۔۔
    2۔ جواب ”ها“ هجي يا ”نه“ اهو ته اسان سڀني جو حق آهي ۔۔۔ پر ان ها ۽ نه جي پويان اوهانجو ڪهڙو خيال يا نظريو آهي؟ اوهين ها ڪئي ته ڇو ۽ جي نه ڪئي ته ڇو؟ ان جواب سان اسين هڪ ٻئي کي ممڪن پنهنجن خيالن ۽ نظرين طرف سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون ۔۔۔ صرف ها ڪري ڇڏڻ يا نه ڪري ڇڏڻ سان ممڪن ڳالهه واضح ٿي نه سگهي ۔۔۔

    هڪ ٻيو عرض ته دوست جي ڪا به ڳالهه ڪن ته انجي پويان ڪهڙا حوالا ۽ ڪهڙيون حقيقتون آهن، انهن جو ذڪر ضرور ڪن ته بحث ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو رويو قائم رهندو ۔۔۔ مطلب چوڻ جو ته علمي بحث هميشه، جّذباتي بحث کان سهڻو هوندو آهي ۔۔۔

    آخر ۾ آءُ به پنهنجن مفصل خيالن جو اظهار ضرور ڪندس ۔۔۔
     
  4. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو

    هڪ سوال جي جواب به سائين قادر مگسي چيو ته ڇو ته رب پاڪ سنڌ کي سمنڊ ڏنو آهي ان ڪري ان تي صرف سنڌ جو حق آهي جنهن ڪري سمنڊ جي آمدني ٻئي صوبي کي نه ڏني وڃي ۔ سوچيان ٿو جيڪڏهن پنجاب به ائين چوي ته سنڌو ندي پهريان پنجاب مان گذري ٿي ان ڪري پنجاب جو حق آهي ته ڊيم ٺاهي يا ان جو پاڻي جيترو کڻي سگهي کڻي اهو ان جو حق آهي ته پو اسان جو ڇا ٿيندو۔ باقي مراد علي شاه جون تقريرون ته هونديون ئي ماڻهن کي بي وقوف ڪرن لا ۔ ڀلا هي تقرير ڏسو ڪيئن نه سنڌي ٽوپي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو سمورو ڪريڊٽ پاڻ کڻي رهيا آهن۔

    http://www.youtube.com/watch?v=Yk10zdR2rlM
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو

    ادا وحيد اوهان ٻه ڳالهيون پاڻ ۾ ملائي رهيا آهيو ۔۔۔ هڪ سمنڊ آهي ٻيو درياهه،

    درياهه جو تعلق زراعت ۽ انساني کاڌ خوراڪ سان گهڻو آهي انڪري بين الاقوامي ۽ ملڪي قانون ٺهيل آهن ته زراعت واري پاڻيءَ جي ورهاست ڪيئن هجڻ کپي؟ ۔۔۔ جيئن ته آءُ ملڪ کان ٻاهر آهيان انڪري مون وٽ پڪا انگ اکر نه آهن ۔۔۔ جنهن لئه اوهانکي عرض آهي ته زراعت کاتي وارن کان اهڙا انگ اکر گڏ ڪري پاڻ به پڙهو ۽ اسانکي به پڙهايو ته جيئن حقيقت واضح ٿئي ۔۔۔ جيتري حد تائين مونکي ياد آهي ته زراعتي پاڻي تي پڇاڙ وارن جو حق وڌيڪ هوندو آهي، ٻي ڳالهه ته درياهه جيئن ته سمنڊ جي طرف ويندا آهن انڪري سمنڊ جي ڪپر تي رهندڙ قومن جو ڀاڱو گهڻو هوندو آهي ۔۔۔ ۽ جي اهو قانون نه هجي ها ته جيڪي قومون پڇاڙ ۽ سمنڊ جي ڪپر تي رهنٿيون سي پيئڻ جي پاڻيءَ کان وانجهيل رهنديون ۔۔۔ مطلب ته زندگي ۽ موت جو معاملو آهي ۔۔۔

    بين الاقوابي قانون مطابق سمنڊ جنهنجي زمين سان لاڳاپيل هوندو آهي ۔۔۔ ان سان ڪجهه مفاصلو اندر تائين ان قوم جي ذاتي ملڪيت هوندو آهي ۽ جي ڪا ٻي قوم استعمال ڪرڻ چاهي ته انجي کيس رقم ادا ڪرڻي پوندي يا جيئن ٻن قومن جي وچ ۾ معاهدو هجي ۔۔۔

    وڌيڪ اوهان پاڻ مطالعو ڪري اسانکي به ٻڌايو ۽ پاڻ به پڙهو ته ٿورا ٿيندا ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو