عظيم ٻولي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ janisp طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2010۔

  1. janisp

    janisp
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    عظيم ٻولي
    ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما آهن. ڪنهن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو سرجڻ، ڪن تهذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ. ”ٻولي“، آوازُ، دانَهن ۽ دانهن جو جواب- ٻوليءِ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آهن. بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. روسي اديب ترگنيف (38-1818ع)، جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿِي ۽ مون کي بچائين ٿِي. جي تون نه هجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي رهيو آهي، اُن کي ڏسي، آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي پوان، پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي!“ اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اها اسان جو ڏُڍ آهي، آٿت آهي، اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي ۽ جيڪا ٻولي اسان کي پنهنجي پرک ڏئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي؟
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: عظيم ٻولي

    اڄ دنيا ۾ قومي ٻولي عظيم ٻولي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۔۔۔ ان حساب سان توهان جي تحرير قابلِ تعريف آهي۔۔۔
    مهرباني ادا ۔۔۔ پنهنجيون بهترين لکنيون موڪليندا رهجو۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عظيم ٻولي

    دوست جواد صبح پوٽا، جس هجي اوهانکي جو تمام ٿورڙن لفظن ۾ تمام سٺي ۽ تمام وڏي ڳالهه ٻڌائي ويا آهيو ۔۔۔بيشڪ ٻولي انساني سماج جي سگهه آهي۔۔۔ ٻولي نه هجي ته هوند انسان حيوان جي درجي تي هجي ها ۔۔۔ اڄ قومي ٻولي عظيم ٻولي جي ڏهاڙي تي آ٪ءُ پنهنجن سنڌ دوستن کي گذارش ڪندس ته اچو ته سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پنهنجو پاڻ ارپي سنڌ جو مان مٿاهون ڪريون ۽ ايندڙ پيڙهين کي هڪ اهڙي سگهه ڏئي وڃون جنهنجي زور تي هو دنيا جي علمن ۾ پاڻ ڀرا ٿين ۔۔۔

    ادا جواد ايتري سهڻي ڳالهه اوهانجي پنهنجي ذهن جي تخليق آهي يا ڪنهن مفڪر يا ڪنهن ڪتاب تان ورتل پر ڳالهه تمام عظيم آهي ۽ اسان دوستن سان ونڊ ڪري اوهان دوستيءَ جو حق نڀايو آهي ۔۔۔

    سلام دوست ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو