• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الطاف شيخ اي جرني ٽو ٿائلنڊ : الطاف شيخ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين


سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ايڪونجاهه (51) سفرنامو اي جرني ٽو ٿائلنڊ اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خيرپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست آصف رضا نظاماڻي ڪئي آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


ڪتاب مان ورتل ٽڪرو:

ڪنول جي ڦٽڻ ۽ اڀرڻ کي هتي جا ٻڌ پنهنجي اندرَ سان ڀيٽيندا آهن جيڪو اونداهه مان اڀري ٿو ۽ گناهن جي گپ مان بچي، ڍنڍ جهڙي صاف پاڻيءَ وانگر شفاف روشنيءَ ۾ جياپو ماڻي ٿو.
ٿائلنڊ جي ڪنهن به مندر ۾ وڃو ـــ يا ايشيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ: سريلنڪا کان جپان تائين، انڊيا کان انڊونيشيا تائين، اتي جي مندرن ۾ ڪنول جو گل انيڪ نمونن ۾ نظر ايندو..... تصويرن ۾، ڪاٺ ۽ پٿر جي ٽُڪ ۾، ۽ اصلي روپَ ۾.
گوتم ٻڌ جي مورتي ڪنول جي پن مٿان هوندي ته سندس اڳيان ڀيٽا لاءِ ڪنول جي تازن گلن ۽ مکڙين جو ڍيرُ هوندو. ڪنڊ پاسي ۾ ويٺل ٻڌ بکشو پٿل ماري جنهن پوزيشن ۾ نظر ايندو ان کي پڻ ڪنول وارو نمونو Lotus-Position چئجي ٿو ـــ جنهن ۾ هو اها ذهني ۽ جسماني سانت پئدا ڪري سگهي ٿو جيڪا اونهي سوچَ لاءِ ضروري آهي.
ايشيا جي مختلف قومن جون کڻي مختلف زبانون، رسمون رواج ۽ عقيدا هجن پر سڀني لاءِ ڪنول جو گل هڪ ئي اهميت رکي ٿو. هو سڀئي سونهن، کاڌي پيتي، دوا درمل ۽ عبادت لاءِ ڪنول کي ضروري سمجھن ٿا.




 
ياد اٿم ته هي ڪتاب يونيورسٽي واري زماني ۾ ملندڙ جيب خرچي مان ڪنهن هفتي ٻاهر جي ماني گهٽ کائي هاسٽل تي ماني کائي پئسا بچائڻ واران پئسن مان ورتو هئم ۽ ايترو وڻيو هئم جو جهُڏو تائين ڪوچ ۾ سيٽ تي ويهي پڙهنو رهيس ۽ جهڏو کان ملڪاڻي رضا واري بس جي ڇَت تي به ويٺي پڙهيم۔
هي ڪتاب منهنجي سُٺي ساٿي ۽ دوست کيڄراڙي (عُمر ڪوٽ) جي رهندڙ ڀائي خان مهر پڙهڻ لاءِ تجويز ڪيو۔ هُن هن ڪتاب ۾ جاپانين پاران ڪيل ظلم جي داستان ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪندڙ مقامي ماڻهن جي همت کي پنهنجي زندگي سان ڀيٽيو۔ ڀائي خان تعليم پوري ڪرڻ تائين هڪ وڏي پيڙا مان گذريو۔ جنهن ۾ بيماريون، ٻه ٻه شفٽن ۾ نوڪريون ۽ يونيورسٽي ڪلاسز ۽ بُک تي پنڌ هلڻ سڀ شام هو۔
اصل ۾ الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ ٿائلينڊ ۾ جنسي حوس جي پورائي لاءِ گهڻن، سؤلن ۽ سستن آپشنز تي تفصيلي لکيو آهي۔ تنهنڪري ماڻهو ايئن ٿا سمجهن۔ پر اصل شئي ته اها آهي جو پاڻ پوري انصاف سان انهي جا نقصان به لکيا اٿن۔ جنهن ڊاڪٽرن جا انٽرويو ۽ سنڌ جي شؤقينن جي بيمار ٿيڻ ۽ پنهنجي ونين کي به هچا ۾ وجهڻ جا قصا به بيان ڪيا اٿن۔
بهرحال منهنجي نظر ۾ هي سفرنامو هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي آهي۔ آئون چاهيندس ته هر ڪو هِن ڪتاب کي پڙهي۔ جيڪڏهن ٿورو به عقل فهم هوندو ته هو هِمت جي مفهوم کي سمجهندو۔ ۽ جنسي حوس لاءِ هر هنڌ منهن هڻڻ کان به پاسو ڪندو۔
 
Back
Top