اردو جو هڪڙو سيڪشن شروع ڪريو

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    اردو جي ان سيڪشن ۾ اردو ۾ لکيل سنڌ جي حوالي سان مواد شامل ڪري سگهجي۔ اردو يا انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌ يا سنڌين بابت مواد کي ڪٿي اپلوڊ ڪريون؟
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    اميد اٿئون ته ان را کي غور هيٺ آندو ويندو۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي صلاح آهي ۔۔۔

    ان سلسلي ۾ دوست ذيشان رشيد سائين نثارابڙو ۽ انتظامي رڪنن کي عرض آهي ته پنهنجا ويچار ڏين۔
     
  4. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    نه فقط ويچار ڏين پر غور پڻ ڪن۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بلڪل اسان پهريان به ان لاءِ سنگت کي عرض ڪري چُڪا آهيون اميد ته ان تي سنجيده طريقي سان غور ڪيو ويندو۔

    وسلام
     
  6. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    خبر ناهي الائي ڇو ايڊمن جي ڪابه را سامهون ناهي آئي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    خبر ناهي الائي ڇو ايڊمن جي ڪابه را سامهون ناهي آئي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    خبر ناهي الائي ڇو ايڊمن جي ڪابه را سامهون ناهي آئي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجا مٺڙا دوستو! جيئن ته ڪنهن به ٻوليءَ سان نه ته ڪا بغاوت آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻوليءَ کان نفرت جي ڳالهه يا وري انجي مواد ۾ ڪا برائي آهي ۔۔۔ اصل ۾ جڏهن هن فورم يا اوطاق کي شروع ڪيو ويو هيو ته انجو مقصد هيو صرف سنڌي ۽ صرف سنڌي ۔۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اردو ۽ انگريزي فورم ڪئي موجود هيا، پر سنڌي نج سنڌي فورم يا ته بلڪل ڪون هيا يا وري بلڪل نه هجڻ جي برابر ۔۔۔

    جڏهن هي فورم شروع ٿيو ته دوستن ڪجهه اردو شعر جن جو هن فورم جي مقصد سان ڪو تعلق نه هو سي ونڊ ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي فورم سنڌي گهٽ اردو وڌيڪ ٿي رهيو هيو، باقي جيتري حد تائين سنڌ بابت جيڪو به مواد موجود آهي انکان وڌيڪ بلڪ تمام گهڻو مواد سنڌيءَ ادب ۾ موجود آهي، اهو ڪهڙو حوالو يا مضمون آهي جيڪو سنڌ بابت هجي ۽ سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود نه هجي ۔۔۔

    سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ هن فورم هميشه پاڻ پتوڙيو آهي ۽ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ کي عام ڪرڻ، ادب ۽ تاريخ کي انٽرنيٽ تي سنڌيءَ ۾ آڻڻ جا جيڪي ڪم ٿيل آهن انهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي۔

    هن فورم تي اردو، انگريزي ۽ عربيءَ تان ڪيترائي مضمون ترجمو ڪري ونڊ ڪيا ويا آهن ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ اضافو ٿئي ۽ سنڌي ادب ۾ واڌارو ٿئي، انڪري ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب اردو يا انگريزيءَ تان ترجمو ڪري پيش ڪيا ويا ۔۔۔ انهن جا حوالا به موجود آهن۔

    انڪري دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪريو، اردو يا انگريزي يا دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ م جيڪڏهن ڪو مواد موجود آهي ته انکي سنڌيءَ ۾ بدلائي، ترجمو ڪري پيش ڪيو وڃي، اها نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي خدمت به ٿيندي ته سنڌي ادب ۾ واڌاري جو سبب به۔

    سچ پڇو ته آءُ هن فورم تي صرف ۽ صرف سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ايندو آهيان، جيڪڏهن انگريزي يا اردو لکڻي پڙهڻي هجي ته هن فورم کان ڪيترائي وڏا فورم موجود آهن ۽ مواد به تمام گهڻو موجود آهي ته پوءِ آءُ هن فورم تي ڇو اچان ۔۔۔۔؟؟؟؟؟

    خدارا پنهنجي ٻوليءَ جي اهميت ۽ انجي خدمت جو ڪم پنهنجن هٿن مان وڃڻ نه ڏيو ۔۔۔ آءُ هن فورم تي اردو يا انگريزي مضمون يا ليک ونڊ ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪندس، انڪري نه ته ڪو ٻين ٻولين سان مونکي نفرت آهي بلڪ انڪري ته مونکي پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جو فڪر ۽ اونو آهي ۔۔۔ هيءَ منهنجي راءِ ۽ خواهش آهي باقي جيڪڏهن سنڌ سلامت جي اڪثريت دوستن جي، انَ طرف اشارو ڪندي ته پنهنجو سر نم هوندو ۔۔۔ خوشيءَ کان نه پر دوستن جي راءِ سبب ۔۔۔

    جيڪڏهن منهنجن مضمونن کي کولي ڏسندا ته اڌ کان وڌيڪ مضمون ۽ ليک ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل ملندا ۔۔۔ جيڪڏهن آءُ چاهيان ها ته اهي ليک انهن ٻولين ۾ به ونڊ ڪري سگهيس ٿي، محنت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت ۔۔۔۔ ؟؟؟؟ پر نه مون پنهنجي ٻوليءَ کي اوليت انڪري ڏني آهي ته جيئن سنڌي ٻولي موجوده دور جو مقابلو ڪري سگهي۔

    جڏهن انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حرف و نحو جا اصول وضح ٿيا ته سنڌي ڏاهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن دنيا جي ٻولين تان ڪيترائي موضوع ۽ مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي لکت واري رواج کي عام ڪرڻ شروع ڪيو، ڀلا هنن ائين ڇو ڪيو ۔۔؟؟؟ سبب صرف ۽ صرف سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لکت وڌائڻ هيو، بلڪل هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۽ ڪتابت وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪ ڪم الله جي شڪرن سان سنڌ سلامت جا دوست ڪن پيا، جن ۾ سليمان وساڻ جو نالو نه وٺڻ ناانصافي ٿيندو ۔۔۔

    آءُ اوهان سڀني سنڌ دوستن ۽ سنڌ سڄڻن کي دعوت ڏيانٿو ته دنيا ڀر جو علم سنڌي ٻوليءَ ۾ کڻي اچي انٽرنيت تي پيش ڪريو ته جيئن سنڌي ٻولي دنيا جي ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهي۔

    اميد ته دوست منهنجي هن گذارش ۽ عرض کي واڌيو سوچ سان ڏسندا ۽ هن فورم کي نج سنڌي فورم رهڻ ڏيندا ۔۔۔۔ لک قرب

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو۔
     
  10. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هن مضمون جو عنوان پڙهي ڪجهه دير لا دل اداس ٿي وئي۔
    مون سمجهيو ته شايد انتظاميا پاران سنڌ سلامت تي اردو ۾ سيڪشن شروع ڪيو پيو وڃي۔۔!!!
    مان ادا نثار ابڙو جي ڳالهه سان 100 سيڪڙو متفق آهيان۔ سنڌ سلامت هڪ نج سنڌي فورم آهي۔ خدارا ان کي سنڌي ۾ ئي رهڻ ڏيو۔ اردو يا ڪنهن به ٻي ٻولي جو مواد هن فورم ۾ ونڊ ڪري اسان سنڌ جي ڪهڙي خدمت ڪنداسين۔۔؟
    بقول ادا نثار جي مفيد ۽ ڪارآمد مواد کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪري عام سنڌي پڙهندڙ تائين پهچائڻ گهرجي، اهو ڪم سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لا به بيحد ضروري آهي۔منهنجي نظر ۾ اها هڪ وڏي قومي خدمت ٿيندي۔ باقي هر ٻولي جا پنهنجا پنهنجا فورم آهن۔ اردو ۾ ته ڳڻپ کان ٻاهر فورم نيٽ تي موجود آهن۔ ڪجهه اردو فورمن ۾ مون سنڌي سيڪشن به ڏٺا آهن، جيڪا هڪ تمام سُٺي ڳالهه آهي، پر اتي سنڌي کي هڪ علائقائي ٻولي يا مقامي ٻولي جي حثيت ڏنل آهي۔ اسان هتي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي هڪ عالمي معيار جي ٻولي بڻائڻ ۾ رُڌل آهيون، سنڌ سلامت ۾ هر موضوع ۽ هر طرح جو مواد موجود هجي ٿو، حالاتِ حاضره کان وٺي تازه ترين سائنسي معلومات تائين زندگي جي هر شعبي متعلق ويچار ونڊ ڪيا وڃن ٿا۔ ۔ سنڌ سلامت جا سيڪشن ان ڳالهه جا گواهه آهن ته هتي هر رڪن پنهنجي پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري رهيو آهي۔ اردو ٻولي جي شامل ٿيڻ سان هي عمل سست يا رڪجي سگهي ٿو۔ پو هر ڪو اهو ئي چاهيندو ته شارٽ ڪٽ ڪري اردو ۾ ئي مواد ونڊ ڪريان۔
    منهنجو سڀني دوستن ۽ ڀائرن کي مودبانه عرض آهي ته برا مهرباني سنڌ سلامت کي صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي جي خدمت لا رهڻ ڏيو۔۔
    سنڌي ٻولي سلامت رهندي ته سنڌ سلامت رهندي ۽ سنڌ سلامت رهندي ته اسان به سلامت رهنداسين۔
     
  11. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا مون سان به اها حالت ٿي ۽ جيئن ته ممتاز قريشي جو نالو ۽ هي لکيل هو ته اردو ۾ ڪجه سيڪشن ٿيڻ گهرجي منهنجو ته رت گرم ٿي ويو ۽ عجيب عجيب پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳم ته يار هي اسان جي دوستن کي ڇا ٿي ويو جو اردو جي پيا وڪالت ڪن جيڪا اسان جي ٻاٻاڻي ٻولي جي ازلي دشمن آهي ۔۔۔جلد جلد هي سائيٽ کولي پڙهيم ان کا پو ڪجه هوش آيو ته نه اسان جا دوست سنڌ سنڌي ماڻهن ۽ پنهنجي هن پياري نياري نماڻي نروار نمودار لاکيڻي لطيف جي ٻولي سا دوکو نه ٿا ڪري سگهن منهنجي سمجهڻ ۾ فرق آ۔۔۔دل خوش ٿي پو سوچيم ته جن دوستن هن پنهنجي سلوڻي سپڪ ٻولي کي انٽرنيٽ جي ٻولي بنايو انهن کان گهٽ ۾ گهٽ اهڙي اميد نه ٿي ڪري سگهجي پاڻ ئي پاڻ سانت ٿي ويم اسان جي دوستن کي گهرجي ته وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻولي جو استعمال وڌايون وڌيڪ سنڌي ۾ ويب سائٽون ٺاهيون وڌيڪ موبائيل ڪمپنين ۽ ڪمپيوٽر وارن سان گوگل وارن سان رابتو ڪري انهن کي ايم بي سنڌي جيڪا ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تي رکيل آهي جي معلومات ڏيون صرف اها ويب سائٽ لکي لنڪ موڪلي ڏيون ۽ استدعا به ڪريو پنهنجي موجودگي دنيا ۾ جيڪا لڳ ڀڳ 100000000 جي آهي جي ڄاڻ ڏيون مان پنهنجي سر ڪوشش ڪئي آ جنهن م ڊيل ،انٽيل موبيلنڪ ٽيلينار تائين ڪجه هي مواد موڪلڻ ۾ ڪامياب ويو آهيان پر سڀ دوست وڌ کان وڌ جڏهن انهن سان رجوع ڪندا ته شايد ڪاميابي پڪي آ ۔۔۔وڌيڪ وس جا مالڪ آهيو ۔۔۔۔ادا ممتاز ٿوري دير لا مان توهان سان پنهنجي پر ۾ ناراض ٿي ويو هوم پر ڀائو هاڻي ٿورا لک لائڪ ۔۔۔بس معاف ڪري ڇڏجو۔۔۔هاهاهاها
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    منهنجو خيال آ دوستن ادا عباس ڪوريجو جي ڳالهه سمجهي ئي ڪونهي۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين نيوز چينلس تي سياسي مباحثو هلي رهيو هو۔۔۔ پروگرام ۾ ايندڙ سياسي مهمان اردو ڳالهائي رهيا هئا۔۔۔ ميزبان پڻ اردو ۾ سوال ڪري رهيو هيو۔۔ اهو پروگرام منهنجي سڃاڻپ جي ڪجهه پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن پڻ ڏٺو۔۔ جڏهن انهن سان ملاقات ٿي ته انهن چيو ته اسان هميشه اهو سوچيندا هياسين ته سنڌي ڪالاباغ ڊيم پروجيڪٽ جي مخالفت رڳو ڪجهه قومپرست سياستدانن جي سياسي دڪانداري چمڪائڻ جي ڪري ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهو پروجيڪٽ ملڪ مان توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي ڪافي ايراضي کي ذراعت جي قابل بڻائي سگهي ٿو۔۔۔ پر جڏهن اهو پروگرام ڏٺو ته اصل خبر پئي ته ڪالاباغ ڊيم پروجيڪٽ ڪهڙي طرح سنڌ تباهي جو منصوبو آهي ۔۔۔
    سندن اهڙين ڳالهين مون کي ان ڳالهه تي به سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو ته جيڪڏهن اسان سنڌين جا اڙدو چينل هجن ته شايد اسان پنهنجو موقف کي ٻين تائين سولائي سان پهچائي به سگهون ۽ پنهنجي آواز کي دٻائيندڙن جي سامهون به بيهي سگهون۔۔۔
    منهنجي خيال ۾ ادا عباس اردو جي اهڙي سيڪشن جي اضافي جو ذڪر ڪري رهيو آهي جنهن ۾ رڳو اهڙي مواد کي جيڪو سنڌي ادب، ثقافت ۽ شخصيتن تي مشتمل هجي کي سنڌ سلامت تي سنواري سگهجي ته جيئن اڙدو پڙهندڙن تائين پڻ پنهنجي ڳالهه کي پهچائي سگهجي۔۔۔
    سندس ان مشوري جي اهميت بلڪل درست آهي ۽ ان سان اهڙو مواد گوگل سرچ انجن ۾ پڻ شامل ٿي ڳولا جي قابل بڻجي سگهي ٿو۔۔۔ بس رڳو اها ڳالهه رڪنن کي سمجهائڻ ڏکي آهي جو هو اردو سيڪشن ڏسندي ئي ان جي اهميت ۽ اصولن کي وساري ويهندا ۽ انٽرنيٽ تي پکڙيل اردو مواد کي ڪاپي پيسٽ ڪرڻ شروع ڪندا۔۔۔ نتيجي طور انتظاميه جيڪا اڳ ئي انتظامي ڪمن ۾ ڪافي سست آهي لاءِ هڪ وڌيڪ اضافي وزن درست مواد کي چونڊڻ ڏکيو ٿي پوندو۔۔۔
    مٿي صورتحال کانپوءِ ادا عباس ڪوريجو جن جي هن مشوري کي في الوقت رد ڪجي ٿو۔۔۔ اميد ته ادا عباس انتظامي مجبورين کي سمجهي چڪو هوندو۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    ادا سٍڄو ٻيڙو اونڌو لڳو پيو آهي۔۔۔۔۔ دوستن کي منهنجي ڳالهه بلڪل به سمجهه ۾ نه آئي آهي شايد۔ منهنجي چوڻ جو مطلب ذيشان رشيد بلڪل ٺيڪ طريقي سان سمجهيو آهي، اسان اردو ٻولي يا اردو فورم جي حمايت نه پيا ڪريون۔بلڪه سنڌ بابت اردو ۾ لکيل مواد شيئر ڪرڻ گهرون ٿا۔ مثال طور مون وٽ رني ڪوٽ، اروڙ، سيهوڻ، ڪوٽ ڏجي ۽ ٻين تاريخي شهرن بابت اردو ۾ لکيل مواد موجود آهي، ان کي ڪٿي شيئر ڪريان؟ اردو سيڪشن شروع ڪرڻ جو مقصد فقط اهو ئي هو۔
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    ان ڳالهه کي وڌيڪ سمجهڻ لا فقط ايترو چوندس ته اسان سنڌي دعوائون ته وڏيون وڏيون ڪندا آهيون پر حقيقت ۾ هوندو ڪجهه به ناهي، مثال طور اسان چوندا آهيون ته ڀٽائي دنيا جو عظيم شاعر آهي پر پنجاب جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ادب جي شاگرد کي اها به خبر مشڪل سان هوندي آهي ته ڀٽائي به ڪو شاعر آهي۔ شيخ اياز شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ڪيو تڏهن وڃي انهن کي خبر پئي ته ڀٽائي ڇا آهي۔ اهڙي طريقي سان سنڌ يا سنڌيت بابت جيستائين اسان پنهنجو ڪاز ٻين ٻولين ۾ دنيا آڏو نه آڻينداسين ته فقط هامون هڻندا رهجي وينداسين پر حقيقت ۾ هوندو ڪجهه به نه۔
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين محترم عباس ڪوريجو صاحب! ۔۔!!! ۔۔۔ ٻيڙو اونڌو بلڪل به ناهي: لڳي ٿو ته تفصيلي ڳالهائڻو پوندو ۔۔۔

    اوهان جي را جو احًترام ڪندي سنڌ سلامت تي هڪ سيڪشن ٻين ٻولين ۾ سنڌي مواد جي پيش ڪرڻ جو ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اها سختي هجي ته سنڌ بابت ۽ صرف سنڌ بابت مواد پيش ڪيو وڃي نه ڪي اردو ادب مان شاعري ۽ آکاڻيون پيش ڪيون وڃن۔ سيڪشن جو نالو ”سنڌ بابت لکيل ٻين ٻولين مان آندل مواد“ رکي سگهجي ٿو، پو اهو ڪهڙي به ٻولي ۾ هجي، اردو، انگريزي، عربي يا جرمن، اهو ڪم اسانجو دوست ذيشان رشيد ڪري وٺندو، ۔

    سنڌ سلامت جا 100 سيڪڙو ميمبر سنڌي آهن، هن فورم جو ڪو به اهڙو ميمبر ناهي جيڪو ٻي ٻولي سان تعلق رکندڙ هجي، انڪري اها گذارش ڪئي وئي ته ٻين ٻولين ۾ موجود مواد کي هن فورم تي ترجمو ڪري رکيو وڃي۔۔۔۔ جيڪڏهن قيمتي مضمون آهن ته انهن کي ڪجهه ترجمي سان يا حوالي جي طور تي ٻين ٻولين ۾ پڻ ونڊ ڪري سگهجي ٿو، ان ۾ ڪو اعتراز ڪون ٿيندو۔

    اوهانجي ڳالهه ته شيخ اياز جڏهن اردو ٻولي ۾ شاه کي ترجمو ڪيو ته پاڪستان جي ٻين ٻولين ڳالهائڻ واري کي خبر پئي، بلڪل صحيح چيو اوهان ۔۔۔ ان جو مقصد اهو ناهي ته سنڌ سلامت جت سڀ سنڌي ميمبر آهن انهن کي ٻي ٻولي ۾ مضمون پڙهايا وڃن، ۔۔۔۔ اوهان جن مضمونن کي هن فورم تي رکڻ گهرو ٿا، ڇا انهن موضوعن جو مواد سنڌي ٻولي ۾ موجود ڪون آهي؟ يا وري ائين ته ناهي ته ٻين ٻولين وارن سنڌ جي تاريخ تي سنڌين کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، انڪري سنڌين کي ٻي ٻوليءَ ۾ موجود مواد پڙهائي پنهنجي تاريخ کان واقف ڪيو وڃي؟؟؟؟ ائين هرگز به ناهي، سنڌ بابت سمورو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهي، عربن کان وٺي انگريزن تائين جو لکيل مواد سنڌيءَ ۾ موجود آهي۔

    ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌي ادب کي اردو ۾ يا ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري ٻين فورمن ۽ ادارن تي ونڊ ڪيا وڃن ته جيئن ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن کي سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ تاريخ جي ڄاڻ ڏني وڃي۔۔۔ اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي تاريخي موجود مواد کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري يا نئين تخليق ۽ تحقيق سان ليک يا مضمون لکي ٻين فورمن يا ادارن تائين پهچايون۔ اهو ڪم پڻ سنڌ جي خدمت جو اعلا مثال ٿيندو، جيڪڏهن اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسانجو اوهانکي سلام، اوهانجي نرڙ تي چميون ۔۔۔

    هن وقت عرب ٻولي ۾ صرف ۽ صرف عربي جو مواد پيش ڪيو وڃي ٿو، دنيا ڀر جا علم عربي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيا وڃن ٿا، ائين دنيا جون سڀ قومون دنيا ڀر جا علم پنهنجن ادارن ۾ پنهنجي ٻولي ۾ آڻي رهيون آهن، ۽ پنهنجا علمي مضمون ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪرائي دنيا جي ادارن تائين پهچائن ٿيون۔

    سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو اداروآهي جت سڀ رڪن سنڌي ڳالهائيندڙ آهن ۔۔۔ سنڌي ٻولي لا ڪيل ڪاوشن جو قدر ڪيو ويندو ۽ مضمون مقالا سنڌي ۾ آڻڻ کي ساراهيو ويندو، حوالي طور تي ٻين ٻولين مان کنيل مواد ڏيڻ تي ۡڪو حرج ناهي ۔۔۔ اوهان سنڌ سلامت کي پنهنجو سمجهي سنواري ۽ سينگاري سگهو ٿا۔

    هڪ عرض ته محنت ۽ مدد جي ضرورت ان جا تي ڪارائتي هوندي آهي جت انجي گهرج هجي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي علم کي اوهان دوستن جي سخت ضرورت آهي، ٻين ٻولين جي ادارن تائين پنهنجو مواد ترجما ڪري يا تخليق جي ذريعي پهچايو ۽ ٻين ٻولين جو مواد سنڌي ۾ آڻي سنڌي ادارن تائين پهچايو ۔۔۔

    سدا سرها رهو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  16. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    قبلا اوهان جون وضاحتون اکين تي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مڃان ٿو سنڌ سلامت تي سڀ سنڌي آهن، مڃان ٿو سنڌ بابت مواد سنڌين کان وڌيڪ ڪوبه سٺو ۽ مستند نٿو لکي سگهي۔ پر سيڪشن شروع ڪرڻ جو مقصد اهو هيو ته اسان جا ڪيترائي سنڌي ليکڪ تحقيقي مقالا اردو ۾ لکن ٿا جن جو موضوع سنڌ ۽ سنڌيت ئي آهي ۽ اهو مواد ضايع پڻ ٿي رهيو آهي، آصف رضا موريو لاڙڪاڻي جو نوجوان ليکڪ پڻ انهن مان هڪ آهي، جيڪو سنڌ جي شهرن، ڪردارن، جوڌن ۽ ثقافتي شين بابت اردو ۾ گذريل ڏهاڪي کان لکندو پيو اچي۔
    ان جي تحريرن جا موضوع مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان، ۽ ان جو ئي ورتل سائين عبد الماجد ڀرڳڙي جو اردو انٽرويو هن فورم تي شيئر ڪري چڪو آهيان۔ اهڙو ڳاڻيٽي کان مٿي مواد اڃا ان پيج جي اڏوهي کائي سگهي ٿي، مان چاهيان ٿو ان کان پهرين جو اهو مواد ضايع ٿي وڃي، سنڌ سلامت جي زينت بڻجي۔
    اوهان فرمايو ته اهڙو مواد اردو فورم تي رکجي يا اپلوڊ ڪجي۔۔۔۔۔ ادا سائين اگر گوگل سرچ انجڻ اهڙو مواد سنڌ سلامت تي ئي ڳولي ڏيکاري ته ان کان بهتر ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي۔
    اردو فورم وارن تي ڪهڙو ڀروسو؟؟؟ اهڙو قيمتي مواد ڊليٽ ڪري سگهن ٿا۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    دوستن جا رايا پڙهندي محسوس ٿي رهيو آهي ته عنقريب سنڌ سلامت تي هاڻ اردو ۽ ٻيون ٻوليون به شامل ٿي رهيون آهن۔۔!! :(
    ٻين دوستن جي ته خبر ناهي پر مونکي هن فورم جي سڀ کان وڏي خوبي اها ئي لڳي هئي ته هتي صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۾ ئي هر قسم جي ڄاڻ موجود آهي پر جڏهن سنڌ سلامت تي اردو ۾ به مواد پيش ٿيڻ لڳندو ته مان سمجهان ٿو هن فورم جي اها خوبي ختم ٿي ويندي۔
    دوستن کي گذارش ته سنڌ سلامت جا قانون هڪ ڀيرو وري پڙهي وٺن۔
    سنڌ سلامت جو مقصد پنهنجي مٺي زبان ”سنڌي“ کي دنيا جي هن ترقي يافته دور ۾ پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ پوري دنيا ۾ موجود سنڌين کي اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي هو پنهنجي زبان جي مٺاس سان محبت ورهائيندي ادبي، اخلاقي، تعليمي، معلوماتي، تفريحي، تاريخي ۽ سبق آموز ڄاڻ سموري دنيا ۾ موجود سنڌين تائين پهچائي سگهن۔۔۔۔
    اسان جو نعرو سنڌ ۽ سنڌيءَ جي پرچار ڪرڻ آهي۔۔۔ (حوالو)
    ڇا اسان پنهنجي ان نعري کان هٽي ته نه رهيا آهيون۔۔؟
    شيخ اياز شاهه جي رسالي کي اردو ڳالهائيندڙن لا ترجمو ڪيو۔ سنڌي ماڻهن لا نه !! پر سنڌ سلامت تي اردو مواد ونڊ ڪيو ويندو سنڌي ماڻهن لا۔!! عجيب منطق آهي۔
    سنڌي ليکڪ اردو ۾ لکن ٿا يا سڌي ادب اردو ۾ ترجمو ٿيندو رهيو آهي۔۔ان ڳالهه کان اختلاف نه آهي۔۔بلڪه ٿيڻ گهرجي۔۔دنيا کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌي ادب جو معيار ڪيترو بلند آهي، پر سنڌين آڏو اردو ۾ مواد پڙهڻ لا ونڊ ڪرڻ۔۔!! اها هڪ مڪمل الڳ ڳالهه آهي۔
    شايد دوست اهو چون ته هي سيڪشن اردو ڳالهائيندڙن لا ٺاهي رهيا آهيون۔انهن کان صرف هڪ سوال ڇا اردو ڳالهائيندڙن کي هي سيڪشن ايترو متوجه ڪندو جو هو هتي اچي پنهنجون تخليقون ونڊ ڪندا۔۔!! ياد رهي ته اڄ اردو ۾ نيٽ تي اڻڳڻيا فورم اڳ ۾ ئي موجود آهن۔
     
  18. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا دوستن جا ٻئي پاسا ٻڌڻ کا ن پو جيڪو ڪم سنڌ جي مفاد ۾ آهي سنڌي ٻولي جي مفاد ۾ آهي کي ڪرڻ گهرجي ۔۔۔هاڻي اهو ڪم ڪيئن ٿي ادا پنهنجي نج سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪريو ۽ ان کي هتي هن ڪمپيوٽر جي ٻولي ۾ لکجڻ ۾ ڪجه ئي سال ٿيا آهن ان کان اڳ ۾ اسان پريشان هئاسون ته هن موبائيل تي ڪيئن لکجي جنهن ۾ حليم بروهي جي راءِ ته سنڌي رومن ۾ لکي پورائو ڪجي سو اهو حال هو اسان جو پر ادا هاڻي الله الله ڪري هي سلوڻي ٻولي هن ڪمپيوتر تي لکڻي جهڙي ٿي آهي ۽ وري هڪ سٺو پيور سنڌي فورم طور هي سنڌ سلامت پيج هلي پيو ته دوستن کي اردو جي ڳڻتي لڳي وئي آهي اڙي منهنجا دوستو ان اردو جنهن طرح اسا جي هن سنڌي ٻولي کي نقصان ڏنو آ اهو ڪو سوچي به نه ٿو سگهي ۔۔۔هنن اردو بازارون ٺاهيون اردو فائونڊيشنس ٺاهيون اسان ته صرف سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪست بوڪ بورڊ ٺاهيو جنهن جو به ڇپايون ڪڏهن لاهور مان ته ڪڏهن ڪراچي مان پيون ٿين اسان جو ڏوه نه آهي سنڌ جا اڪٿردوست غير سنڌي جي پڇ لٽڪائو ٿي ذاتي مقصد وٺڻ ۾ ويرم نه لڳائندا آهن يار توهان جون لکڻيون پنهنجي ٻولي ۾ هجن جي ڪنهن کي پڙهڻو آ ته سنڌي سکي وٺي ۔۔۔اسان جا دوست جيڪي پنهنجن ٻارن کي انگلش ميڊيم ۾ پڙهائين ٿا سي هن ڌرتي کان پڪ اوپرا ٿيندا ويندا دشمن وڏو شاطر آهي اسان جو دماغ ۽ فن به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آ ۽ دل ئي دل ۾ پيا ان غير سنڌين جي پٺڀرائي ڪنداسين ۽ اهي ڀل اسان جا ازلي دشمن ٿيندا عمل ڪندا وڃن پر اسان مجال آ جو ڪو نه ڪو سبب منطق ڏيئي انهن جا ساٿاري ٿي بيهنداسين ۔۔۔ٿورن لفظن ۾ هي سنڌ جو فورم آ هتي صرف سنڌي جي موجودگي ۽ پرچا ر ئي سونهين ٿي باقي بحثن کي ڇڏيو ۔۔۔۔اسان جا 8 ٽي وِ چينل اهو چئي ته اشتهار نه ٿا ملن ان ڪري اردو ٿا پيش ڪريون ۔۔۔واه ڇا ته منطق آ ته پو هي سنڌي هجڻ ۽ سنڌ جي خدمت جو ڪوڙو ڊرامو بند ڪريو ۔۔۔انهننهزارن جي تعداد ۾ اردو چينلن ته هڪ ڪلاڪ يا 2 ڪلاڪ ڪو به سنڌي ۾ ڪو پروگرام نه ڪيو آ باقي اسان جا دوست هر خبر جي مباحٿي ۾ انهن غير سنڌين کي مدعو ڪري ڪري ٿڪجي ٿا پون ڪو ڪجه سنڌيت جو خيال به نه ٿو اچين ۔۔۔۔۽ موکي ته انوقت حيرانگي ٿي جڏهن دانشور امر جليل پسنديده راڳيندڙن ۾ محدي حسن نورجهان جو ته نالو کيون پر هن کان پنهنجا ڀلوڙ راڳي محمد يوسف جمن ،وحيدعلي عابدوپروين استاد منظور علي ۔۔۔سوين سنڌي راڳيندڙ زبان تي ئي نه آيا هي آ اسان جو رجهان رغبت لاڙو جيڪو سنڌ جو مهان اديب ا ته پو سادي سلوڻي سنڌي کي ڇا چئجي۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    دوستن جا رايا پڙها وضاحت سان سمجهايو ويو۔منهنجي خيال ۾ اردو جي باري ۾ سوچجي ئي نه ڪهڙي ضرورت آهي مان سائين نثارابڙو جي پهرين جواب ۽ ڊاڪٽر ممتاز قريشي صاحب جي راءِ جي ڀروپور حمايت ڪريان ٿو۔ سنڌ سلامت هڪ مڪمل سنڌي فورم آهي جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌ بابت اردو تان ڪو مواد ملي ٿو تو ان کي به سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري ۽ حوالو پيش ڪري۔ بقول سائين نثار جي ته
    هر قوم پنهنجي ٻوليء جي ترقيءق لاءِ ڪوشا آهي اسان کي به گهرجي ته ٻين ٻولين جو سٺو مواد سنڌيءَ ۾ لکي سنڌ سلامت تي پيش ڪريون۔ وڌيڪ انطاميه جي هي حوالو هڪ پڙهو
    اسان جو نعرو سنڌ ۽ سنڌيءَ جي پرچار ڪرڻ آهي۔۔۔ (حوالو)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    شابا
    شاباس پريا مڙس تون چڱا مليا ائين ادا اسان بس ڪيتي توبنهن باب نه لکو تُسان ڏي مرضي اسان بس ڪيتي۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو