شيخ اياز ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر : شيخ اياز

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي سرگزشت ۽ يادن تي مشتمل ڪتاب ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مسافر اوهان اڳيان پيش آهي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندو۔

    هي ڪتاب آنلائين ڪتاب گهر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔

    ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مسافر (جلد پهريون)
    __​
    ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مسافر (جلد ٻيو)
     
    23 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام بهترين ونڊ آهي۔ ڪتابن پڙهڻ سان ٽينشن ًگهڻو حصو ختم ٿيو وڃي۔
    ڊائون لوڊ ڪيو آهي۔ پڙهانس ٿو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    شيخ اياز جي آتم ڪٿا شيئر ڪرڻ لاء مهرباني اڱڻ جي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي! ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي.
    مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا، تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي.
    سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي.
    او وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان! سِج ويندو لهي، پيرَ ويندا ڊَهي.
    ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين، تون نه ميهارُ آهين، نه تو وَٽ مَهي.


    اسان جو پڙهندڙ شايدڪنهن به تخليقڪار بابت اهوڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن پنهنجي تخليقي عمل کي ڪيئن وقت ڏنو آهي،۽ پنهنجو ڪم ڪهڙين حالتن ۽لمحن ۾ هن تخليق ڪيو آهي
    منهنجي علم مطابق دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائنسدان، سياستدان سرڪاري ڪامورا، ۽ اداڪار پڻ پنهنجون آتم ڪٿائونلکندا رهيا آهن ۽گڏيل نموني اهي به گهڻيون پڙهيون وينديون آهن، سنڌي ادب ۾ به اسان جن ڪيترن اديبن پنهنجون پنهنجون آتم ڪهاڻيون لکيون آهن، مگر انهن جو انداز پنهنجو آهي، مگر سنڌ جي هن عظيم شخصيت ۽ شاعر شيخ اياز صاحب جيڪو آتم ڪهاڻي جو انداز اپنايو آهي اهو ڪجهه الڳ آهي،
    اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ڪنهن به ترتيب سان ناهي لکي، پر اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جو انداز هڪ مولوي واري واعظ جهڙو رکيو آهي، جيڪو هڪ بيان کان ٻئي بيان تائين ڪٿان کان ڪٿي نڪري ٿو وڃي۔۔ اياز جي آتم ڪهاڻي ۾ اياز صاحب نه پنهنجو احوال ترتيب سان ڏنو آهي نه وري پنهنجن دوستن عزيزن جو، بس آتم ڪهاڻي لکندو ويو آهي، شايد ان ڪري ته کيس اهيو ڊپ رهيو ته هاڻ مون وٽ ٽائيم تمام گهٽ آهي، سو آتم ڪهاڻي کي گهمائيندو ويو آهي۔
    اياز صاحب جي آتم ڪهاڻي جا چارئي جلد مون پڙهيا آهن، ۽ اياز صاحب انهن ۾ پنهنجا عيب ثواب به تمام گهڻا لکيا آهن، عشق محبت مذهب، ۽ عياشي وارن ڪمن جو به ذڪر ڪيو آهي، مذهب تي به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن،۽ وري اسلام ڏانهن موٽ کائڻ تي پنهنجي دوستن جي تنقيد جو به ڏک ڪڍيو اٿس۔ جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي هڪ دلچسپي پڻ ٿئي ٿي۔ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جا ڪجهه قصا پنهنجن هنن ڪتابن ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ـــــــــــــــــ ۽ ساهيوال جيل جي ڊائري ۾بيان ڪيو آهن۔
    حاصل مطلب اياز صاحب جون سوانح عمريون پڙهڻ لائق آهن۔۔۔مان وري به دوست محترم سليمان وساڻ صاحب کي سلام پيش ڪندس جو ههئڙا قيمتي ڪتاب اسان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري اسان تائين مفت ئي مفت ۾ مهيا ڪري ڏئي ٿو، جنهن لاء کيس آفرين هجي۔

    باقي اهيا هڪ حقيقت آهي ته اياز جهڙي شاعري سهڻي آهي اهڙو وري نثر سهڻو آهي۔سندس آتم ڪهاڻي جي مطالع مان اهيا چکي ريت پروڙ پوي ٿي ته اياز جو مطالعو تمام وڏو هو۔ جنهن جا عڪس سندس لکڻي مان ظاهر آهن، اياز صحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي لکندي سنڌ جي سورن جي ڳالهه به تمام سهڻي نموني ڪري ويو آهي۔۽ سنڌ جي عورت تي ٿيندڙ ظلم ۽ بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جي. روين جي به تمام سهڻي نموني ڳالهه ڪري ويو آهي۔جيڪا ڳالهه سندس شاعري ۾ به نظر اچي ٿي۔
    اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،
    مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.
    هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
    اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.
    هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،
    اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا.
    اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،
    تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا .
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    بيشڪ تمام گهڻا ڪتاب پڙهڻ جو ٽينشن لهي ويو آهي، گهڻو ڪري پراڻا ڪتاب مارڪيٽن ۾ ملن ڪونه پيا، جي ملن ٿا اهي به ويجهي دڪان ته نه، حيدرآباد، ميرپورخاص تائين جتي دوستن کي چئون ته چون اسان مصروف آهيون ڏسون ٿا ٽائم ملي ٿو ته وٺي ٿا اچون نه ته نه، وري ڪڏهن وڃڻ ٿئي به ته ٽائيم جو مسئلو ڪڏهن هڪ ڪتاب خريد ڪيو ٻيو وسري ويو




    هن ڪري سنڌ سلامت جي دوستن گهڻو ڪجهه موجهارو گهٽائي ڇڏيو آهي



    جس هجي سنڌ سلامت جي جاکوڙي ٽيم کي جيڪو پنهنجي ميمبر دوستن جو ايڏو خيال رکي ڪري اهڙا انمول ڪارناما سرانجام ڏئي رهيا آهن.



    اوهان جو پنهنجو

    سائل مهراڻ

    مٺي ٿرپارڪر
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پيارا سائل خوش هجو

    مان ان ڪوشش ۾ آهيان ته گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار ڪتابن جو آنلائين ذّخيرو سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آڻجي. ان ۾ اوهان جهڙن دوستن جو ساٿ به گهرجي. اميد ته هي فورم سنڌي ڪتابن جي سڀ کان وڏي ڊجيٽل لائبرري ثابت ٿيندو.
     
  7. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين سدا خوش هجو
    مون کان جيڪا مدد پڳي اوهان جي مدد ڪندس، مان پاڻ ڪوشش ۾ آهيان ته جئين سنڌ سلامت تي وڌ ۾ وڌ ڪتاب هجن ۽ دوستن کي ڪا تڪليف نه ٿئي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. جاويد علي

    جاويد علي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    33
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڌنڌو:
    پرئيويٽ اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    اسان جي دعا آهي ته شال الله تبارڪ وتعالي اوهان کي وڏي ڄمار ڏئي ۽ سنڌ جي نوجوانن جي اهڙي طرح مدد ڪندا رهو. زبردست سر.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي آتم ڪٿا ڪٿي ته ڀڄبو ٿڪ اسان لا هڪ بهترين مُشاهداتي تصنيف آهي وساڻ صاحب جي هن محنت تي کيس جس هُجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    اياز جي آتم ڪٿا لکڻ جي انداز کي مولوين وارو انداز چوڻ اياز جي ڏانءَ ۽ ڏات سان زيادتي آهي..هونئن ته هر هڪ کي پنهنجي راءِ جي اظهار جي آزادي آهي پر چوڻ جو مقصد اهو آ ته هيڏي وڏي شاعر کي مولوياڻي تشبيه سونهي ڪونه ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ادا وساڻ توهان کي جس هجي خاص طور تي هيڏي وڏي تعداد ۾ ڪتاب هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ تي.
     
    عبيد ٿھيم، سليمان وساڻ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا هن ڪتاب کي ٽيڪسٽ جي صورت ۾ به ڪتاب گهر تي رکجي :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو