سنڌ جا سڄڻو سلام ..........
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٻاونجاهه (52) پرتگالي ٻولي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.
اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست فهيم اختر ميمڻ جا جنهن هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ سان گڏ ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪليو آهي. پياري دوست عمران درويش سومري جا به قرب جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهي موڪليو. دوست رشيد سمون ۽ عبدالحفيظ لغاري جا به ٿورا جن ڪتاب بابت پنهنجي راءِ لکي موڪلي۔
ڪتاب مان ورتل ٽڪرو
” مون اهو سکيو ته دنيا کي به روح آهي، ۽ جيڪو ان روح کي سمجھي سگھي ٿو ته اهو هر شيء جي ٻولي سمجھي سگھي ٿو. مون اهو به سکيو ته ڪيترن ئي ڪيمانگرن پنهنجي تقدير حاصل ڪئي، ۽ هو دنيا جي ان روح، پارس جي پٿر ۽ آبِ حيات کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.“