• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الطاف شيخ جت جر وهي ٿو جال : الطاف شيخ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٽيونجاهه (53) سفرنامو جر وهي ٿو جال اوهان اڳيان پيش آهي. ملائيشيا جي ڪوالالمپور، پينانگ ۽ ٻين شهرن بابت هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خيرپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست آصف رضا نظاماڻي ڪئي آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


ڪتاب مان ورتل ٽڪرو:

ملئي ماڻهن ۾ ٽن جو انگ به خراب سمجھيو وڃي ٿو. ٽي شيون ڪنهن کي ڏبيون ته چوندو هڪ وجھي چار ڪري ڏي يا هڪ ڪڍ ٻه ڪري ڏي. ٻيو ته ٺهيو پر فوٽوءَ لاءِ ٽن ڄڻن جو بيهڻ به سٺي ڳالهه نه سمجي ويندي آهي. هڪ ڄڻو ماٺ ڪري پري ٿي ويندو. يا چوٿين کي سڏي وٺندو.




 
Back
Top