3142 اٽيچمينٽ ڏسو سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (56) اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نوجوان ڪهاڻيڪار عبد السلام ٿهيم جي لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب جون 2013ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. ٿورائتا آهيون نوجوان ليکڪ عبدالسلام ٿهيم صاحب جا ، جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
ڪهاڻي جي لغوي معناعون ته ڪجهه هي آهن ۔۔هڪ وڏو منگهڙت قصو ، حڪايت ، ڳالهه ، آکاڻي ، ذڪر ، رجوعات ، قِصو ، ڪَٿا ، وارتا ،داستان ، پٽاڙ ، بيان ، افسانو ، تذڪرو ، شب افسانو ، مگر ڪهاڻي آهي ڇا اچون ٿا ان پاسي، ڪهاڻي ادب جي هڪ اهم حصو آهي ڪهاڻي کانسواء ادب پڻ اڌورو آهي بي جان آهي بي مزي آهي۔ ۽ ان ادب جي به ڪا ڪهاڻي نه آهي جنهن ادب م ڪهاڻي جي صنف نه آهي۔ ادب ۾ استعمال ٿيندڙ ڪهاڻي جي تاريخ به اوتري قديم ۽ اوائلي آهي جيترو هي انسان۔ ڪهاڻي يا قصو افسانو انسان جي زندگي سان لازم ملزوم رهي ٿو، ۽ ڪهاڻي انسان جي سائي سان گڏ گڏ سفر ڪري رهي آهي، ۽ جئين انسان پنهنجو سفر ڪندو رهيو آهي اهڙي ريت هي ڪهاڻي به پنهنجو سفر جاري ۽ ساري رکيو آهي۔۽ انسان جو ساٿ ناهي ڇڏيو، جهڙي ريت هن انسان ترقي ڪئي آهي اهڙي ريت هن ڪهاڻي به پنهنجي سفر ۾ ترقي ڪئي آهي۔ ۽ وقت جي حساب سان ڪهاڻي ۾ به مختلف رنگ اچڻ لڳا، ۽ اهي ڪهاڻيون نه صرف خيالي قصا ۽ افسانه رهيا مگر انهن ۾ حقيقت جون نشاندهيون پڻ شامل ڪيون ويون ۽ هي ڪهاڻي پراڻي رنگ مان نڪري ڪري هڪ اهڙي رنگ ۾ اچي پير رکيو آهي جنهن سان معاشري ۾ ٿيندڙ نا انصافين ۽ ظلمن خلاف هڪ تحريڪ هلائي آهي،جيڪا هڪ مڃيل حقيقت آهي، اسان جي سنڌي ادب ۾ به تمام سٺيون ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون ۽ انهن ڪهاڻين ۾ سماج جي تمام براين کي وائکو پڻ ڪيو وڃي ٿو، ۽ سنڌي ادب ۾ جمال الدين ابڙو، امر جليل، نور الهده شاهه، بهترين ڪهاڻيڪار آهن ، انهن جي ڪهاڻي ۾ اسان جي معاشري جي هيٺئين طبقي سان ٿيندڙ نا انصافين کي عام ماڻهون جي اڳيان آندو ويو آهي، ۽ انهن جي انهيء انداز ئي انهن کي پنهنجي شخصيت ۾ منفرد حيثيت وارو بڻائي ڇڏيو آهي۔نور الهده شاهه ته حويلين ۾ ٿيندڙ غير فطري غير انساني حرڪتن کي به قلم بند ڪرڻ کان ناهي ڪيٻايو ۽ هق سچ جي راه جي راهي بڻي آهي۔ ۔ هون ته ڪنهن به ٻولي جو شاعر به هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هوندو آهي ۽ اهو پنهنجي شاعري ۾ پڻ ڪهاڻي پيش ڪندو آهي، جيئن اسان جي سنڌ جي شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح پنهنجي شاعري ۾ ڪهاڻيون پيش ڪيون آهن، ( جنهن تي ڪم ٿيڻ باقي آهي ڊاڪٽريت جي مقالي جي حساب سان ) مگر منهنجي خيال ۾ اڃان به سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي تي اهو ڪم ناهي ٿيو جيڪو ٿيڻ گهرجي، ان جو شايد سبب ساڳو آهي جيڪو اسان جي سنڌي ادب جي ٻين وصفن سان آهي ۽ ان جو قدر ناهي ڪيو ويو، ان جو ڪارڻ اسان جي ماڻهون جو ڪتابن کان پري رهڻ آهي، مون کي اهيا اميد آهي ته اسان جو نوجوان ڪهاڻي جي بهترين صنف تي محنت ، سچائي ۽ بيباقي سان ڪم ڪندو ته جيئن ڪهاني جي صنف ۾ جيڪي جهول آهن اهي ختم ڪيا وڃن، ته جيئن سماج ۾ هڪ نئون ذهن آڻي سگهجي جنهن سان تعليم عام ٿئي ۽ جهالت وهم وسوسه، توهم پرستي ۽ ذهني ڪمزوري کي ختم ڪجي۔ هي ڪتاباوسيئڙي ۾ جُڙيل آس به ان ڪڙي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو محترم دوست عبدالسلام ٿهيم صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان هن ڪتاب لاء به محترم سليمان وساڻ صاحب جا ٿورائتا آهيون جو ه هي ڪتاب به سنڌ سلامت جي سنڌ سلامت ڪتاب گهر واري سيڪشن ۾ آڻي ڪري سنڌي ادب جي خدمت واري ڪم ۾ واڌارو ڪيو آهي۔ اميد ته اسان جا دوست هن ڪتاب مان به لاڀ حاصل ڪندا۔
اصل ۾ ڪهاڻيون اسان جي معاشري جي ڪردارن تي ئي ٺهيل هونديون آهن، جيتوڻيڪ اسان جي هن نوجوان دوست کي اسان وڏن ليکڪن سان ڀيٽا ته ڪونه ٿا ڪري سگهون پر پوء به سندس ڪهاڻين جا ڪردار ۽ ڪهاڻيون اسان جي ئي آس پاس جا ڪردار ٿا لڳن۔ لک قرب پسند ڪرڻ جا