ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾

'تعارف' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2010۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾
    جئين تہ سنڌ سلامت وزٽ ڪيم تہ ڏاڍو وڻيو جنهن کان پوءِ باقائده رڪن بڻجي ويو آهيان سنڌ سلامت هڪـ صاف سٿري ادبي ،معلوماتي تفريحي ا وطاق آهي جيڪا هن وقت جي اهم ضرورت هئي مانواري رشيد سمون وڏي جاکوڙ جو ڪم ڪيو آهي جنهن ڪري پاڻ ۽ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ کيرون لهڻي اسان جون دعائون ساٿ هميشہ سانڻس رهندو ـ sindhsalamatsaathsal
    جئين تہ سنڌ سلامت ۾ تعارف جو سلسلو پڻ رکيو ويو آهي جنهن ۾ خود پنهنجو تعارف لکڻ مناسب ڪون ٿي لڳو! ڇوتہ انهي کي آئون پنهنجي نمائش ڪرڻ پنهنجو پاڻ پڏائڻ تصور ڪيان ٿو جيڪو مونکي پسند نہ آهي ـ تاهم سنڌ سلامت جي ڪجھ ساٿين فون ڪري ۽ ذاتي پيغامن ذريعي باربار چيو آهي تنهن ڪري ڪجھ پنهنجي باري ۾ لکان ٿوـ
    ـ عاجز منهنجو تخلص نہ پر اصل نالو پڻ اٿم ڇوتہ منهنجو ڏاڏو جيڪو هڪ شاعر هو جنهن جو تخلص عاجز هو جنهن جي وفات کان پوءِ منهنجي پيدائش تي وڏڙن کڻي منهنجو نالو عاجز رکيو مان هن وقت هڪ سماجي تنظيم ۾ ملازمت ڪندو آهيان جڏهن تہ ادب ۽ صحافت سان 20 سالن کان ڪم ڪيان ٿو هن وقت آواز سنڌي ٽي وي چينل ۾ ڪم ڪيان ٿو هيل تائين 400 کان مٿي مختلف موضوعن تي آرٽيڪل لکي چڪو آهيان جيڪي مون وٽ محفوظ آهن ڪافي گم ٿيل آهن ۽ اخباري خبرون، سروي اسٽوريون لا تعداد ڇپيل آهن ڪلاسڪـ ميوزڪ پسند آهي سنڌسلامت اوطاق پسند اٿم هاڻ انهي لاء مواد تيار ڪري رهيو آهيان مان شادي شده چار ٻارن جو پيءُ پڻ آهيان ـ
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾






    لله تعالي سائين جن کي خوش رکي
    آمينbhali kareaya
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾

    سائين محترم عاجز سمان صاحب، اسين خوشنصيب آهيون جو اسانجي هن ننڍڙي سٿ ۾ اوهانجهڙا سهڻا ساٿي هلي آيا آهن ۔۔۔ هن ساٿ جو سفر ادي رشيد سان گڏ ڪجهه دوستن شروع ڪيو هو ۔۔۔ سندن محنت ۽ سچائي ۽ سنڌ سان محبت جي جذبي، ڪيترن دوستن کي هن ساٿ ڏانهن ڇڪي اچي گڏ ڪيو آهي ۔۔۔ ماشاء الله سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان دوست گڏ ٿين پيا ۽ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جي بنياد تي معلومات جو سلسلو جاري آهي ۔۔۔
    جيئن ته هن اوطاق جي دوستن جو نعرو ئي آهي ”سنڌ سلامت ساٿ سلامت“ ۔۔۔ انڪري اسين سڀ سنڌ جي ڏکن سکن تي هڪٻئي کي کلندي روئاريندي، پنهنجا ڏک ۽ سک ونڊ ڪري رهيا آهيو ۔۔۔

    اوهان جهڙن دوستن مان پڻ رهبريءَ جي اميد آهي ۔۔۔ ڪڏهن ڪوسا ڪڏهن ٿڌا جذبا برداشت ڪندي، اسانجي ساٿ کي اڳ کان اڳري ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي اوهانجي ڪٽنب سميت شاد ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾

    ڀلي آئين ڀاءُ ! ورئين ڪهڙِيءَ واڍ کان؟
    جُتيءَ سُوڌو آءُ اسانجيءَ اوطاق ۾۔(تاجل بيوس)​

    اوٺِي جهل اُٺن کي، منهنجي مانِي کاءُ،
    اسان جِي اوطاق ۾ جُتيءَ سُوڌو آءُ،
    اجها مُرڪِي ماءُ، اِجهو مليو آجپو! (تاجل بيوس)​


    اسان جي امڪان ۾ ، نڪا حَدَ، لاحَدَ،
    ساميئڙن سرحد، اورانگِهي امڪان جِي ! (تاجل بيوس)​

    ادا عاجز سمان ڀلي ڀلي ڪري آيا، اسان جي محبتي اڱڻ تي دوست توهان تعارف کي پاڻ پاڏائڻ لکيوآهي، ڀلا خبرون چارون حال احوال نه اوربا ته هن اڱڻ جي محبتي ماڻهن کي ڪيئن خبر پوندي ته اسان جو جانيئڙو ڪهڙي پار کان آيوآ، سندس جيون، سڦل آهي ته ڪهڙي ڪارڻ آهي، جيڪڏهن لڙڪن لارون اٿس ته ڇو، جيڪڏهن ڪا وندر وروند اٿس ته اها ڪهڙي اٿس، اهڙيون ئي ڳالهيون ڳڻي، سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي تعارف جو شعبو اسان رکيو آهي هتي۔ خير دوست اسان توهان جي آجيان انهيءَ دُعا سان ٿا ڪريون ته سدائين سنڌ جي موتئي ۽ مُگري وانگر مهڪندا ۽ مُسڪرائيندا رهو۔ اسان کي توهان جي هر لکڻي، هر مفيد مشوري جو انتهائي بي صبري ءَ سان انتظار رهندو۔ هي ڪجهه گُل آهن جيڪي توهان جي آجيان واسطي سموري سنڌ سلامت پاران آهن
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾

    عاجز صاحب اوهان جو تعارف پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ڇوته اسان جي سٿ ۾ هاڻي اهڙيون شخصيتون پڻ اچي ويون آهن، جيڪي گهڻي عرصي کان سنڌي ٻوليءَ، ادب سان سلهاڙيل آهن۔۔۔ اميد ته اوهان کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ پڻ ملندو۔۔۔ جيئن ته هي سڄو ٿورو ادا رشيد سمون ۽ سائين نثار ناز ۽ نثار ابڙو جو ئي آهي جن جي مدد سان اسان پنهنجي محسن هستين سان ملي رهيا آهيون۔۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾

    ادا عاجز صاحب

    bhali kareayabhali kareayabhali kareayabhali kareayabhali kareaya


    ادا سائين اسان کي فخر آهي ته توهان جهڙا دوست اسان جي ساٿ ۾ اسان سان ساڻ آهن ادا پنهنجون ڪجهه لکيل آرٽيڪل وغيره شيئر ڪريو سنڌ سلامت تي ته جيئن مون سميت سڀ دوست اوهان جا لکيل آرٽيڪل پڙهي سگهن
    ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو پڻ انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾

    ادا ڀلا ڀاڳ اسان جا جو توهان جهڙو ساٿي سنڌ سلامت جي فورم تي مليو ۔ توهان جو تعارف پڙهيوسين ۽ دل باغ بهار ٿئي وئي۔ دعا آهي ته توهان جهڙا دوست سنڌ سلامت تي ايندا رهن ۽ سنڌ، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندا رهن۔ دوست الله تعاله توهان ۽ توهان جي ڪٽب قبيلي کي سادائين آباد ۽ سکيو ستابو رکي آمين۔
    ممتاز مصطفه وگهيو
    ڪراچي سنڌ
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪـجـھ پنهجـي بـاري ۾

    سائين محترم عاجز سمي صاحب کي ادي نثار ناز، سخاوت جا اڳلا سڀ رڪارڊ ڊاهيندي، گلن جا باغ پيش ڪيا آهن ۔۔۔۔ سائين عاجز صاحب واقعي قابل ۽ محترم شخصيت آهن ۽ سندن لکڻين جون ڪجهه ننڍڙيون جهلڪيون ته نظر آيون آهن ۔۔۔ اميد ته سائينءَ جن پنهنجي علمي خزاني مان خئير ڪڍندا ته جيئن اسانجهڙا دوست فيض حاصل ڪري سگهن ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو