بکر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    شمس العماء مرزا قليچ بيگ

    مسڪراهٽون  Englishسنڌي ۾۽ ئيء هوڻن تحرير جو آئڪانتوهان پنهنجي تحرير جفارسيءَ ۾ هن کي بهڪريا يا ڀڪر ڪري لکندا آهن ۽ انهيءَ جو اصل نالو فرسته آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ئي ڪونه هو. تڏهين الور (هاڻوڪو اروڙ) وڏو شحر هو. جڏهين اهو فٽو؛ تڏهين بکر آباد ٿيو ۽ پوءِ الور پاڻ انهيءَ جي ٻهراڙيءَ جو ڳوٺ ٿيو. پهرين پهرين سيد محمد مڪئي مشهدي اُتي آيو؛ جو سيد محمد شجاع جو پٽ هو ۽ جنهن جي ماءٌ مشهور شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي نياڻي هئي ۽ مڪي ۾ ڄائو هو. جڏهين هن پريندي اچي انهيءَ فرسته شهر ۾ پير پاتو؛ تڏهين فجر جو وقت هو؛ جنهن کي عربيءَ ۾ بُڪرٗ?ًﷺ?ة چوندا آهن. سيد لهڻ سان چيو ته جَعَل الَله بُڪَرتي في بُقعة المُبارڪ يعني خدا تعالى منهنجو صبح، هن برڪت واري ڳوٺ ۾ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ فرسته کي بڪره سڏڻ لڳا، جو پوءِ بکر سڏجڻ لڳو. اُتي جا سيد محمد مڪئيءَ جو اولاد آهن.

    ڪن جو چوڻ آهي ته لهڻ کان اڳي سيد محمد مڪئيءَ کان سندس ماڻهن پڇيو ته ”ڪٿي بار لاهيون؟“ چيائين ته ”جتي صبح جو ڍڳي جي رنڀ ٻڌو.“ ڍڳي کي عربي ۾ بقر چوندا آهن. انهيءَ هنڌ تي هنن اهڙو آواز ٻڌو ۽ اتي لهي پيا. انهيءَ کان پءِ ڳالهائڻ ۾ بکر ٿي ويو. اڪبر بادشاه جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاه ڦِٽل الور جي سِرن مان اُتي قلعو ٺهرايو ۽ سکر ۾ مينارو به جوڙايائين، ۽ اهو قلعو پوءِ نادر شاھ اچي ويران ڪيو. بکر جوقعلو پهرين پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو، جنهن اهو شحر ورتو. انهيءَ جي قبر گُجي ۾ آهي، جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. انهيءَ تي سنه 171 ؛ 787ع لکيل آهي. انهي4 مرمت وري شاه بيگ ارغون ڪئي، جنهن سيد ۽ ٻيا ماڻهو لڏايا.

    بکر ۽ ان جي آسپاس لوهري يا روهڙي سميت جيڪي مشهور ماڻهو ٿي گذريا ۽ جن جون قبرون اُتي آهن، تن مان ڪي مٿين (1) سيد محمد مڪئي ۽ (2*) حيدر حقانيءِ کان سواءِ هيٺ ڏجن ٿا: (3) شاه حاجي دريائي. انهيءَ جي نسبت ۾ چوڻ ٿو اچي ته انهيءَ هنڌ هڪڙي انڌي قلندر مڇي مارڻ لاءِ ڪنڍي وڌي هئي. هڪڙي صندوق ۾ ڪنڍي وڃي اٽڪيس. آخر اُها ڪڍيائين ته اکين کان سڄو ٿيو ۽ ڏسڻ لڳو. صندوق کوليائين ته انهيءَ ۾ هڪڙي لاش پيئي هئي. جا کڻي پوريائين. خواب ۾ هن کي معلوم ٿي ته انهيءَ فوتي جو نالو شاه حاجي آهي ۽ عرب مان هليو هو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي مرشد بهاءٌالدين جي پاسي ۾ دفن ٿئي. انهيءَ بزرگ جي قبر به اُتي درياه جي ڪنڌيءَ تي هئي. هن جي لاش به خدا جي قدرت سان اُتي اچي نڪتي. اهي ٻئي قبرون اُتي گڏ آهن. (4*) شاه مقصود، جنهن جو لقب ”موجود“ هوندو هو. انهيءَ جي قبر اُمرڪس جي هُن ڀر آهي. هر سال هر مهيني جي 14 تاريخ آچر جي ڏينهن ميڙو لڳندو آهي. انهيءَ رات چوندا آهن ته اُتي غيبي بازاريون لڳنديون آهن. هڪڙي ڀيري ڪنهن شخص انهيءَ غيبي بازار جي هڪڙي دڪان وٽ پنهنجي ترار گروي رکي. صبح جو بازار جو نشان ئي اُتي ڪونه هو. جڏهين انهيءَ مٿين حقيقت جي خبر پيس، تڏهين ٻئي مهيني تائين منتظر رهيو. جڏهين ٺهرايل رات آئي، تڏهين انهيءَ ساڳئي دڪان تي وڃي پنهنجي ترار ڇڏايائين. شاه مقصود جو ڀاءٌ حاجي غيب جي به اُتي قبر آهي. (5*) شيخ نوح ڀکري هڪڙو وڏو شيخ ٿي گذريو آهي، جو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد هو. بکر ۾ رهندو هو. (6) مير ابوالغيث بکر جي وڏن سيدن ۽ اميرن مان هو، نهايت پرهيزگار شخص هو. (7) مير ابوالبقا به بکر جي وڏن ساداتن مان هو. همايون بادشاه جڏهين اُتي آيو، تڏهين هو اُتي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ وڏي عزت حاصل ڪيائين؛ پر بکر جي ڪامورن انهيءَ ڳالھ ڪري هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو ۽ همايون کي هن جو ڏاڍو ڏک ٿيو.

    سنه 624ھ : 1227ع ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الدين محمد بن اسعد بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ ناصر الدين کي ڀڄائي ڪڍيو، جو درياه لنگهندي اتفاق سان ٻڏي مُئو. سنه 649ھ : 1251ع ۾ ناصر الدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏي ويو. سنه 696ھ : 1296ع ۾ سلطان علاءٌالدين جي حڪم پٺيان نصرت خان ڏهن هزارن ماڻهن سان بکر ۾ آيو ۽ مخالف قومن کي امري مڃايائين ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. سنه 720ھ : 1320ع کان پوءِ سگهوئي سلطان غياث الدين تغلق شاه دهليءَ جي بادشاه سنڌ ۾ سومرن جي فساد جو ٻڌي خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو. سنه 752ھ : 1351ع ۾ جڏهين فيروز شاه دهليءَ جو بادشاه ٿيو، تڏهين ٺٽي ۾ سورمن کي شۡڪست ڏيئي موٽي بکر ۾ اچي ويھ ڏينهن رهيو ۽ مَلَڪَ رُڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري اتي رکيائين ۽* اخلاص خان لقب ڏنائينس *۽ مَلڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان يا مالي حاڪم مقرر ڪيائين. 772 ھ : 1370ع ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ پهرين بکر وٺي پوءَ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏي ويو. سنه 755ھ : 1354ع ۾ ڄام اُنڙ سمي اچي بکر ورتو ۽ دهليءَ جي بادشاه سلطان علاءٌالدين جي حڪم سان مَلڪ تاج الدين ڪافوريءَ اچي بکر ورتو. جڏهين مرزا پير محمد تيمور خاني بکر ۽ آسپاس جي فسادين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو، تڏهين بکر جي شهر جا ماڻهو ڀڄي ويا؛ پر اتي جي سيدن جي منت آزيءَ تي هن انهن کي معافي ڏني. ڄام نظام الدين يا نندو سنه 896ھ : 1490ع ۾ ٺٽي کان بکر آيو ۽ اتي هڪ ورهيه اچي رهيو ۽ فسادي قومن کي سيکت ڏنائين.


    بکر جو جزيره نما قلعو، بکر ۽ روهڙيءَ جي درميان، نديءَ جي وهڪري جي وچ ۾ چُن جي ٽَڪرين جي هڪ ڪڙي آهي، جي هت سنڌو نديءَ کان گذر ڪن ٿيون، ۽ ڏکڻ طرف اٽڪل پنجاه ميلن ۾ وڃن ٿيون. هي ظاهر آهي ته اٺين صديءَ جي وچ ڌاري، سنڌو نديءَ پنهنجو پراڻو رستو وساري، الور کي اُجڙ ڪري، ٽڪرين جي قطار کي هتان (بکر کان) اچي ڪَٽيو. پر بکر وٽ پختيءَ زمين کاڌ کان نديءَ جي پاڻيءَ جو مقابلو ڪيو ۽ بکر جو مقام پسگردائيءَ جي حاڪمن لاءِ تمام اهم ۽ مرڪزي ثابت ٿيو. بکر ڪئين ٻيٺ ٿيو، سکر کان ڳچيءَ ڌرتيءَ طرح ڪيئن ظاهر ٿيو، ان جو علم ناهي.
    ”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفته الڪرام“ ۾ بکر جو قديم نالو ”فرسته“ آهي. مشهور مورخ ائبٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته بکر عربن جي ڪاھ وقت يا فتح وقت تاريخ جي صفحن تي نمودار نه آهي. ”چچنامو“ يا عربي سندون ان جو حوالو نٿيون ڏين. غزنوي سلطانن جي ڏينهن ۾ به هن جو ذڪر نه آهي. تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ بکر جو نالو ڪن پيو آهي. اڪبر جي دور ۾ هي گاديءَ جو هنڌ هو. ”تاريخِ معصومي“ مان بکر جي سرسبز ڳوٺن، شهرن جي معلوميت ٿئي ٿي. جڏهن بکر جو اسان تي تسلط ٿئي ٿو، سڄي هند جي قطعي ۾ هن جي هاڪ آهي. هي ڪڏهن به فتح ڪري نٿو سگھجي. اهڙو ڪوبه رڪارڊ ڪونهي ته هن قلعي کي غزني، غوري، يا دهليءَ جي تغلق حاڪن سر ڪيو. ٺٽي جي قبضي وقت شاھ بيگ ارغون بکر هڪڙي عهدنامي تحت هٿ ڪيو، *۽ هن جي وقت ۾ بکر ۾ ڪيئي ويڙهيون ٿيون. ڌاريجن سيدن کان بکر وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي؛ 1540ع ۾ سلطان محمود جي خلاف هن کي ڪاميايءَ سان پنهنجي هٿ ۾ رکيو.

    سر ائبٽ جو مذڪور احوال درست نه آهي. اسين بکر جي تاريخي حيثيت ظاهر ڪريون ٿا، جنهن مان معلوم ٿيندو ته غزنوي حاڪمن کان وٺي بکر صفحهء تاريخ تي چٽو لکيل آهي.

    سن 417ھ : 1026ع ۾ سلطان محمود غزنويءِ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي. پهرين بکر وٺي، پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو. سن 1226ع ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير، نظام الدين الملڪ محمد بن اسعد، بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ ناصر الدين قباچه کي ڀڄائي ڪڍيو، جو درياھ لنگهندي اتفاق سان ٻڏي مئو. 1251ع ۾، ناصر الدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ **۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ويو. 1296ع ۾، سلطان علاءٌ الدين جي حڪم پٺيان نصرت خان 10 هزارن ماڻهن سان بکر آيو، ۽ مخالف قومن کي ماري مڃايائين، ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. 1320ع کان پوءِ سگھو ئي سلطان غياث الدين تغلق، دهليءَ جي بادشاھ، سنڌ ۾ سومرن جي فساد جو ٻڌي، خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو. 1251ع ۾ جڏهن فيروز شاھ دهليءَ جو بادشاھ ٿيو، تڏهن، ٺٽي ۾ سومرن کي شڪست ڏيئي، موٽي بکر ۾ اچي ويھ ڏينهن رهيو، ۽ مَلڪ رڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري اُتي رکيائين ۽ ”اخلاص خان“ لقب ڏنائين، ۽ مَلڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان يا مالي حاڪم مقرر ڪيائين. 1370ع ۾ فيروز شاھ وري به بنگال فتح ڪرڻ کان پوءِ بکر ۾ آيو، ۽ اتان وري ٺٽي ۾ ويو. 1354ع ۾ ڄام انڙ سمي اچي بکر ورتو، ۽ دهليءَ جي بادشاھ سلطان علاءٌ الدين جي حڪم سان مَلڪ تاج الدين ڪافوريءَ اچي بکر ورتو. جڏهن مرزا پير محمد تيمورخاني بکر ۽ آسپاس جي فسادين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو، تڏهن بکر جي شهر جا ماڻهو ڀڄي ويا؛ پر اتي جي سيدن جي منت آزيءَ تي هن انهن کي معافي ڏني. ڄام نظام الدين يا ندو سن 1490ع ۾ ٺٽي کان بکر آيو، ۽ اتي هڪ ورهيه اچي رهيو ۽ فسادي قومن کي سيکت ڏنائين. 1520ع ۾ ڄام فيروز سمي جي وقت ۾ مرزا شاھ حسن سنڌ ۾ آيو. انهيءَ وقت ڌاري بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن بغاوت ڪئي. مرزا شاھ حسن اتي آيو. سلطان محمود خان اڳي ئي بغاوت بند ڪري وٽس آيو. مرزا شاھ حسن الور مان سرون ڪڍائي قلعي جي مرمت ڪرائي، ۽ انهيءَ زمين ۾ پنهنجن اميرن ي وهاريائين *۽ پوءِ ٺٽي مان ٿي گجرات ڏانهن ويو. سن 1524ع ۾ مرزا شاھ حسن اچ ۽ ملتان ورتو، ۽ ملتان جي حاڪم سلطان حسين لانگاھ سان ملتان ۽ بکر جي حد مقرر ڪيائين. ٻئي سال ۾ هن ملتان به وٺي مرزا بابر کي ڏنو ۽ پوءِ بکر ۾ آيو. سن 1542ع ۾، همايون بادشاھ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ اتان ٿر ڏانهن روانو ٿيو. ٻئي سال ۾ بخشو لانگاھ بکر تي ڪاھي آيو، پر شڪست کائي موٽي ويو. 1555ع ۾ مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي، پر مرزا نااميد ٿي موٽي ٺٽي ويو. سگھو ئي پوءِ ارغون ماڻهو مرزا عيسى کان رنج ٿي سلطان محمود خان وٽ آيا ۽ بکر ۾ رهي پيا. سن 1568ع ۾، مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت ۾، سندس ننڍو ڀاءُ جي برخلاف شامل ٿيو، ۽* فساد ڪيائين، ۽ مرزا باقيءَ اچي شڪست ڏيئي ڀڄايس. سن 1574ع ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي، اڪبر بادشاھ ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو، ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان مير عدل ۽ اعتماد خان آيا، ۽ پوءِ مسند علي خان بهادر ۽ راجا پرمانند گڏ مقرر ٿي آيا؛ پوءِ نواب محمد صديق خان مقرر ٿي آيو. 1587ع ۾ بکر نواب اسماعيل قلي خان کي جاگير طور مليو، *۽ هن جو پٽ رحمان قلي بيگ بکر ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ اها جاگير شيرويه سلطان کي ملي، جو نشئي هو. تنهنڪري 1589ع ۾ بکر وري به نواب محمد صديق خان کي جاگير ٿي مليو. انهيءَ سال ۾ نواب خانخانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ هن کي وٺي بادشاھ ڏانهن ويو. مرزا غازي بيگ بادشاھ وٽان ٿي بکر ۾ آيو، جو خسرو خان چرڪس تي اتي فساد ڪيو هو، جنهن کي نيٺ هندو خان پڪڙي وٺي ويو. اڪبر بادشاھ جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاھ ڦٽل الور جي سرن مان اتي قلعو ٺهرايو، ۽ سکر ۾ منارو به جوڙيائين. اهو قلعو پوءِ نادر شاھ اچي ويران ڪيو. 1647ع ۾ جڏهن نواب مغل خان دهليءَ جي بادشاھ شاهجان پاران ٺٽي حاڪم هو، تڏهن ٺٽو ۽ بکر ۽ سيوهڻ شاهزادي اورنگزيب کي ملتان جي بدران جاگير ٿي مليا. دارا شڪوھ ۽ اورنگزيب جي وچ ۾ جا تخت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائي لڳي، ان ۾ بکر وڏو حصو ادا ڪيو. بکر دارا شڪوھ ورتو، ۽ هڪ وينس جي رهاڪو نڪولا منوڪي جي هٿن ۾ دارا شڪوھ جي پاران ڪمانڊ هئي. هن ويڙھ جو دلچسپ احوال منوڪيءَ پنهنجي ڪتاب ”اسٽوري آف دي مغلس“ ۾ ڏنو آهي. سن 1667ع ۾ سيد عزت خان، جهن کي عزت پير چوندا هئا، ۽ جو بکر جو فوجدار هو، سو ٺٽي جو نواب مقرر ٿي ويو. سن 1736ع ۾ بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي. جنهن کي ”خدا يار خان“ لقب مليو. انهيءَ ڌاري شاهزادو محمد معزالدين به بکر ۾ آيو، ۽ انهيءَ سال ۾ ميان نور محمد کي بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽو، يعني ساري سنڌ ملي. ٻه ورهيه پوءِ، جڏهن نادر شاھ آيو، تڏهن انهيءَ به ميان کي قائم ڪيو ۽ ”شاھ قلي“ جو خطاب ڏنائينس. وري جڏهن ٽالپر سنڌ جا حاڪم هئام تڏهن، مير نصير خان جي ڏينهن ۾، انگريز سرڪار، 1838ع ڌاري، بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر لاءِ اڌارو ورتو، جو لشڪر شاھ سجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو. 1842ع ۾ وري انگريزن ميرن سان عهدنامو ڪري، بکر، سکر، روهڙي، ٺٽُ ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا. پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن کٽي، تڏهن بکر ۾ توبخاني جي بارود رکڻ جو بندوبست ڪيائون.

    بکر جي زمين تي ڪيترائي درويش ۽ الله وارا ماڻهو پيدا ٿيا. جنن مان شاھ حاجي خان دريائي، شاھ مقصود، شاھ قطب الدين صاحب گھڻا مشهور آهن.
     
  2. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    واه سائين واه جهانداد ڇاته شيئرنگ آهي
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب مٺا
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    زبردست جهانداد مٺا تمام بهترين
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ڀلا هاڻي جهانداد جي شيئرنگ آهي ڪا گهٽ ڳالهه ٿوري آهي
    الله سائين خوش ڪندس
    آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو