امر جليل جي سنڌي ٻولي سان مذاق

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2013۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اڄ نھايت ڏکوئيندڙ احساسن ۾ ھي ونڊ ڪجي ٿو تھ اسان جو ناميارو دانشور ليکڪ جنھن کي سنڌي ھجڻ جو شرف حاصل ھو ھن دنيا ۾ سنڌي نھ رھيو آھي پنھنجي پراڻيون لکڻيون ۽ وابستگيون دريا ۾ اڇلائي لالچ لوڀ جي آسري ۾ سنڌي ٻولي سان ٽڪراءَ ۾ اچي اردو دادن ٿي پنھنجي ھستي مستي 5000 ھزار سالن جي تاريخ سان مذاق پيو ڪري ۽ سنڌي چينل سنڌ ٽي وي تان پنھنجو پروگرام ڪلاس روم ۾ اردو ۾ بڪواس پيو ڪري اڙي دادا تنھنجو سنڌي ٻولي ڪھڙو ڏوھ ڪيو جو ھڪ ڌاري ٻولي ۾ ويٺو ٽيڪا ٽپڻي ڪرين ...۽ ڪنھن سان مخاطب آھي ھڪ سنڌي چينل تي پروگرام ڪندي ھي 10 ڪروڙ سنڌي آبادي کي ڏس ڏيندي ڏيندي پاڻ ڏس پتو ڀلجي وئين ..دادا اردو کا ڪنھن کي ائتراز نھ آھي پر يار پنھنجن سان پنھنجي سلوڻي ٻولي ۾ ڳالھائڻ ڪھڙو ائيب آھي ۽ ھي اسان جا سنڌي چينل جيڪي 8 کن آھن ۽ انھن جا تھ ھزارين چينل آھن ....تون ڪنھن کي ٻڌائڻ ٿو گھرين تون پنھنجن سان پنھنجي سنڌي ٻولي ۾ ڳالھائڻ گوارا نھ ٿو ڪرين ...حيف ھجي تنھنجي ان دانشمندي تي جتي نواز جڏھن من موھن سنگھ سان ڳالھائي ٿو تھ ھو انجي ٻولي پنجابي ۾ ھڪجھڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ پنجابي ۾ ڳالھائي ٿو ..توکي ھن ھٿ راڌو بنايل سياست دان جيترو بھ عقل نھ آھي حيف تنھنجي ھوشيارپ ۽ ڏاھپ تي....جي عمر جي ان حصي ۾ پڳا آھيو جنھن ۾ ڳالھائڻ تي پابندي ھوندي آ يا اجايا سجايا گفتا پيا نڪرندا آھن تھ ان کي ماٺ ڪرائي ويھاري ڇڏبو آھي ....
    ٻيو ھن عمر ۾ سنڌي ٻولي کي نقصان ڏيڻ کا بھتر ھو تھ گھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ بستري تي خاموشي اختيار ڪريو ھا پر دادا توھان جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي ڪھاڻين ۾ صرف وڏيري جي دشمني جيڪا منھنجي انھن ھندستانين جي مفاد ۾ ھئي تي ھزارين ڪھاڻيون لکيون ۽ ڪپڙن پائڻ ۾ بھ سنڌي چوائس کي نطر انداز ڪندڙ سخض جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي ...جنھن تي ايڏو غير سنڌي ٻولي جو اثر ٿيندو سوچو بھ نھ ھيو سين ...پنھنجي ڏات کي ڪيترن پيسن ۾ وڪيو اٿئي جي چئين ھا تھ اسان چندو ڪري توھان کي ڏياري موڪليون ھا...
    ھا سنڌي چينلس تي سنڌي پروگرام ڪري ڏيکارڻ سنڌي قوم سان وفاداري آ پر جي ڪو انھن پيراميٽرس کان ھٽي ڪري ڪجھ ٻيو ڏيکاريندو تھ ھو سنڌ سان غدار چئبو ۽ سنڌ سان ويساھ گھاتي چئبي ......ڇو تھ ھي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جا چينل آھن ۽ انھن تي اخلاقي طور سنڌي پيش ڪرڻ ھڪ فرض آ ....... قومي فرض آھي.......

    ھي ديس دروھي غدار ٿيو
    آ دشمن سنڌ جو يار ٿيو
    پنھنجي ٻولي ٻوليندي
    ھن کي اڄ آ آر ٿيو
    دشمن کان بھ وڌ واڌيرو
    سنڌ تي ھن جو وار ٿيو
    ڪين جو ٻولي سنڌي ٻولي
    پو لعنت جو حقدار ٿيو
    آ ڏات وڪاڻي ذات وڪاڻي
    آ ڏاھپ کي اڄ ڏار ٿيو
    ڀورا ڀورا ڀونءِ ڪري ٿو
    ڪين اڃا شرمسار ٿيو
    پر ديس دروھي غدار ٿيو....
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    شاباس! واه جوان ڇا ته لکيو اٿئي، هوند جي امر جليل صاحب کي اهڙي ”عظيم“ سوچ جي خبر پئي ته، اهو ساري زندگي سنڌي ٻولي تي لکيل اُملهه مواد ته صرف ۽ صرف پڇتائي۔
    افسوس اٿم ته اردو ۾ پروگرام ڪرڻ تي امر جليل جهڙي صوفي صفت انسان کي اهڙا عجيب عجيب لقب ڏنا اٿو، جو مون کي پڙهڻ کان پوءِ ايترو ڏُک پيو ٿئي جو جيترو به افسوس ڪجي اهو گھٽ آهي۔ هو بار بار چوندو رهندو آهي ته آئون اردو ۾ اُن ڪري پروگرام ڪندو آهيان، جو ڪو اردو ڳالهائيندڙ اُن ڳالهه کي سمجهي ته سنڌ ۽ اُن ۾ رهندڙ سنڌين سان ڪهڙا مسئلا آهن۔ پر اُن ڪڏهن شايد اهو سوچيو به نه هوندو ته اسان جي قوم جا فرزند سندس باري ۾ ڪيترا عظيم رايا رکندڙ آهن۔

    سائين منهنجا ڪجهه دوست سمنجهدا آهن ته سنڌي چينل ڪهڙو غير سنڌي ڏسندو هوندو جو امر جليل صاحب اُردو ۾ پروگرام ڪندو آهن اُن خيال سان ته من اُهي سمجھن، واقعي به ائين آهي ته غير سنڌي ورلي ڪو سنڌي چينل لڳائيندو هوندو، ۽ امر جليل جو ڪو ورلي ئي پروگرام ڏسندو هوندو۔

    پر هاڻ اُهو ضروري ناهي رهيو ته رڳو ٽي وي تي ويهي ئي پروگرام ڏسجي، فيس بُڪ، فُورمز، يوٽيوب، ويمو، ٽُوئيٽر، ۽ ٻيا ڪيترا ئي ويسلا آهن جن جي ذريعي فِلمون، پروگرامز، وغيره ڏسجي سگھن ٿا۔ مون ته سمجھو هو ته ڪو دوست اِن موضوع ته بحث ڪندو ته امر جليل صاحب جي اُردو پروگرامن کي غير سنڌين تائين ڪيئن پهچائيجي، ڪيئن امر جليل صاحب جي اِن سوچ کي پاڻي ڏجي ته غيرسنڌين کي سنڌ جي مسئلن کان اُجاگر ڪجي، پر افسوس ائين ڪرڻ بدران مورڳو امر جليل صاحب کي اهڙا عظيم لقب ڏنا ويا۔۔۔۔

    بهتر ته اهو هُجي ها، ته توهان پاڻ امر جليل صاحب جي اُردو ۾ ڪيل پروگرامن کي ونڊ ڪريو ها، فيسبوڪ ته ڪو پيج ٺاهيو ها، جنهن ۾ امر جليل جا پروگرام ونڊ ڪريو ها، اُردو گروپس ۾ امر جليل جا پروگرام ونڊ ڪريو ها، يو ٽيوب، ويمو، ڊيلي موشن ته توهان خاص امر جليل جا پروگرام ڪيل وڊيوز ونڊ ڪريو ها ته جئين امر جليل صاحب جي پروگرامن کان ۽ امر جليل جهڙي اديب کان اُردو سمنجهدڙ به واقف ٿين ها۔۔

    پر ائين اسان ٿوڙئي ڪنداسين، ڪير ايتري محنت ڪري، وڊيوز کي اِڊٽ ڪري، اُهي وڊيوز اداري کان هَٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پوءِ مختلف ويبسائيٽس تي ونڊ ڪري اهڙو ڪم اسان ٿورئي ڪنداسين اِن ۾ ته محنت آهي، کوجنا ڪرڻ آهي، جيترو سولو لڳي پيو ايترو سولو ناهي، انتهائي گھڻي محنت ڪرڻ کان پوءِ ائين ٿي سگھي ٿو۔
    پر تنقيد ڪرڻ ۾ ڇاهي؟ وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ! ڪو ننڍڙو آرٽيڪل لکي وٺبو۔
    فيسبُڪ، فورمز، ٽوئيٽر، يا کڻي ڪنهن اخبار واري اداري ڏانهن موڪلي ڇڏيو، بس صرف اڌ ڪلاڪ ته لڳائڻو آهي!
     
    21 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امر جليل هميشه سچي کري ڳالهه ڪندو آهي۔ هو منافق ناهي، هن جي ڳالهين ۾ سچ ۽ صرف سچ هوندو آهي، اهو سچ هاڻي اسان کان برداشت نه ٿو ٿئي۔ اسان سنڌي قوم هاڻي تعريفن ٻڌڻ ۽ واهه واهه ڪرڻ وارا ئي رهجي ويا آهيون۔

    ڀلا جي امر جليل وڏيرن خلاف لکي ٿو ته ڇا هو غلط ٿو لکي؟ ڇا اسان جي سنڌ کي برباد ڪرڻ ۾ وڏيرن جو هٿ ناهي؟

    امر جليل ته اردو ڊراما به لکندو رهيو آهي ۔۔۔ امر جليل ته اردو اخبارن ۾ به لکندو رهيو آهي پر ها هن سڀ کان وڌيڪ سنڌي ۾ لکيو آهي۔ هو اردو ۾ ڳالهائي ٿو ته ڇا ٿو چوي؟ هو سنڌي ۾ ڳالهائي ٿو ته ڇا ٿو چوي؟ يار اوهان سندس ڳالهيون ته ٻڌو ۔۔۔۔ باقي اجائي الزام تراشي ۽ ڪردار ڪشي سٺي نه لڳي۔
     
    22 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليم رند

    سليم رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2012
    تحريرون:
    136
    ورتل پسنديدگيون:
    409
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪنده ڪوٽ سنده
    ادا سائين امرجليل سنڌ درتي جو سرمايو آهي هن تي ائين الزام تراشي ڪرڻ سهي ناهي ڪنهن جي به دل آزاري ٿي سگهي ٿي
    رهي ڳاله سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ، ته پڪ سان چوان ٿو ته امرجليل توهان ۽ اسان کان وڌيڪ قومپرست ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ واسين سان پيار محبت ڪندڙ آهي
    جيڪي 65 سالن ۾ سنڌي ڪون سمجهي سگهيا آهن اخر انهن کي ڪنهن طرح ته سمجهائڻو آهي پيارا هن ۾ اعتراض ڪرڻ جو ڪو به ڳاله ڪون آهي
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. دوست محمد ڌامراه

    دوست محمد ڌامراه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محترم دائودپوٽه صاحب اوهان جهڙن جلد باز ماڻهن جي ڪري اسين اڄ به بدنام آهيون۔۔ توهان جي سوچ مان لڳي ٿو ته توهان چاهيو ٿا ته سنڌ جي تاريخ ثقافت تهذيب ۽ تمندن جي باري ۾ سنڌين کان علاوه ڪير به ڄاڻي نه سگهي۔۔ سائين منهنجا۔۔۔ پهنهجي سوچ کي مخصوص نه بلڪه وسيع رکو۔۔۔ ايترو جلدي ڪنهن جي خلاف بنه سوچڻ جي غداري جا لقب نه ڏيو۔۔۔ افسوس ٿو تي توهان جي سوچ تي۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    رسول بخش صاحب جي تحرير تي حيراني آهي ، امر جليل جون سنڌي ٻولي لا خدمتون وسري ويون فقط اردو ٻولي ڳالهائڻ تي سندن ايتري توهين ۔۔۔۔۔۔۔افسوس ٿيو پڙهي ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سمجهه عطا فرمائي۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هر دوست سان سهمت آهيان به ناهيان به۔ هر سڄڻ جي هڪ ڳالهـ وزنائتي آهي ته ٻي وري هلڪي آهي۔
    ڪجهـ ايئن محسوس ٿئي پيو ته امرجليل به ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کان ڊڄڻ شروع ڪيو آهي۔ علي احمد بروهي به ڊڄي ويو هو۔ ۽ اهڙا ڪئي نالا آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي تي رهندي ڪري ڊڄن ٿا۔ ان جا سبب ڪئي ٿي سگهن ٿا۔ شايد، ڌارين جي ڌاڙي ۾ مون پڪ سڃاتا ها پنهنجا ها۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڪجه ته ***** ڪريو توهان جهڙن جلد بازن جي ڪري اڄ ڪامريڊ سوڀو سخت بيمار آهي باقي امر رهيو آهي ان کي به ڏيو صدما ماري ڇڏيوس
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڪامريڊ سوڀو 90 سالن جي عمر ۾ بيمار نه رهندو ته پهلواني ڪندو ڇا ؟؟
     
  10. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    امر جليل اسان جي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهي۔ سندس مخالفت ۾ ادا رسول بخش جا خيال پڙهي بيحد ڏک ٿيو۔ اگر سنڌي ماڻهو جو اردو ۾ لکڻ ۽ اردو ۾ ڳالهائڻ ڏوهه آهي ته پو اسان کي سچل سرمست، شيخ اياز، رسول بخش پليجو ۽ ڪيترن ئي ٻين سنڌي اديبن کي به ڏوهي چوڻو پوندو۔۔!!
    پنهنجي موقف کي ڌارين قومن آڏو پهچائڻ جو ڀلا ٻيو ڪهڙو ذريعو آهي۔۔؟
    سنڌي چينلز جي ذريعي اسان سنڌ ۽ سنڌين جي اهم مسئلن کي نهايت آساني سان هر ماڻهو تائين پهچائي سگهون ٿا۔ ان ڳالهه ۾ ڪا به سچائي نه آهي ته سنڌي چينلز صرف سنڌي ماڻهو ئي ڏسن ٿا۔ مون کي ذاتي طور خبر آهي ته اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد سنڌي گيت ۽ سنڌي ڊراما وڏي شوق سان ڏسندو آهي۔
    نفرت ڪنهن ٻولي يا ڪنهن قوم سان نه ڪبي آهي۔ ۔اسان کي اردو ڳالهائيندڙ انهن ماڻهن سان شڪايتون آهن جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان دشمني وارو رويو رکن ٿا، جيڪي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، جيڪي شهرن ۾ سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪريو ويٺا آهن۔ جيڪي سنڌين کي جاهل ڳوٺاڻو ۽ ڄٽ سمجهي ساڻن ناروا ورتا ڪن ٿا۔ سنڌين سان هتڪ آميز ۽ گهٽيا سلوڪ ڪرڻ جائز سمجهن ٿا پر دوستو هر قوم ۾ خراب ۽ سُٺا ماڻهو هوندا آهن۔
    بيشڪ اسان جي سنڌي چينلز کي پهرين اهميت سنڌي ٻولي کي ئي ڏيڻ گهرجي پر ان کانپو اردو جو ئي نمبر اچي ٿو۔
    امر جليل پاران اردو ۾ پروگرام ڪرڻ سان سنڌي ٻولي کي ڪو نقصان ته نه پهچي رهيو آهي۔ بلڪه سندس ڪيل ادبي خدمتن کي ڏسندي اسان کي ته اها اميد رکڻ گهرجي ته پاڻ سنڌين جو موقف زياده موثر انداز ۾ اردو ڳالهائيندڙن تائين پهچائيندا۔ ڇو جو امر جليل اها اهليت رکي ٿو۔
    اسان کي پنهنجن اديبن جي ايئن توهين ڪرڻ نه گهرجي۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    توهانجي تحرير ۾ ئي اسانجو جواب آهي۔
    بيشڪ اسان جي سنڌي چينلز کي پهرين اهميت سنڌي ٻولي کي ئي ڏيڻ گهرجي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪٿان کان شروع ڪريان ۽ ڪيئن دوستن کي سمجهايان ته جي پاڻ کي سنڌي قوم جو فرد ٿا سمجهو ته پو ان جا ڪهڙا سبب آهن ته ڪو به سنڌي آهي اهو ان ڪري آهي ته هو سنڌي ڳلهائي ٿو سنڌي پڙهي ٿو سنڌي لکي ٿو ائين ته دنيا ۾ ڪئي قومون ٻيون به آهن ۔۔۔تهذيب تمدن ٻولي ماڻهو ڌرتي اهي اهي شيون آهن جيڪي هڪ قوم ۾ هونديون آهن ۔۔ڪڏهن ڪڏهن دوست چوڻ شروع ڪندا آهن ته ڇا اسان سنڌي هڪ قوم آهيون ٿابت ڪيو آ۔۔۔مون وٽ جواب اهو هوندو آ ها سنڌي هڪ قوم طور پاڻ کي هن دنيا ۾ ٿابت ڪيو آ جو اڄ 5000 سال کان وڏ عرصو گزرڻ جي باوجود پنهنجي هستي وجود کي قائم رکندا پيا اچون ۔۔۔۽ انشاالله تا قيامت دائم قائم رهنداسين۔۔ڳاله شخصيتن جي نه آهي پر وجود تي وار جي آهي پنهنجي ٻولي سنڌي کي جيترو اردو ٻولي نقصان ڏنو آهي اهو ڪنهن ٻي ٻولي نه ڏنو آهي ۔۔۔اچڻ سان 1947 ۾ 350 اسڪول سنڌي پرائمري جا بند ڪري اردو پرائمري ۾ تبديل ڪيا ويا ان تي مهنجي محترم ڪڏهن به افسوس نه ڪيو پر سنڌ جي وڏيرن جي پويان پيل آهي جيڪي اسان جي ئي خمير مان جڙيل هڪ سگهاري قوت آهن جن جي ذهن جي اگر اوسر ڪجي ته هوند انهن ٻين قومن وانگر هي به ساڳي سٿ ۾ شامل هجن ها دشمن انهن کي موقي پرست بنائڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ اسان جا محترم اديب دانشور به انهن جي پويان ڪات ڪهاڙا کڻي بيهي رهيا ۽ انهن کي هن م سنڌي سگهاري معاشري ۾ اڪليلو ڪيو ويو ۽ اهو دشمن پنهنجي مرضي منشا سان سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندو رهيو ۽ مزا ماڻيندو رهيو۔۔۔وڌيڪ ان موضوع تي ڪنهن ٻي وقت پورو لکبو سچ سچ لکبو ته ڪير غلتي ڪري رهيو آهي۔۔۔
    جي۔۔۔۔ منهنجا پيارا دوساتو توهان سڀن کان وڌيڪ مان امر جليل جو موتقد هيم پر مونکي سنڌ سنڌ ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جو وجود مجبور ٿو ڪري ته مان هر ان عمل جي مخالفت ڪريان جيڪو انهن ٽنهي جي موافق نه هجي ۔۔۔ها اردو اخبار ۾ اردو ۾ ڪهاڻيو يا اردو ۾ ڊرامه لکڻ تي تنقيد نه پئي ٿي ۔۔۽ اسان جا دوستو هڪ سنڌي سڏائيندڙ چينل جنهن تي سنڌي ۾ پروگرام ڪرڻ هڪ اخلاقي فرض آهي تي هڪ سنڌي ماڻهو اردو ۾ ويٺو ڳالهائي سو به هڪ دانشور هڪ ليکڪ ته عجيب ٿو لڳي ته اسان ڪيڏانهن وڃون پيا ڇا اسان سنڌي ٻولي ڇڏي اردو ۾ ڪنورٽ ٿي وچو يا جيڪي غلتي سان اردو ماڻهو پيدا ٿيو آ ان کي سنڌي ۾ تبديل ڪريون يا هتان ان کي تڙي ڪڍون ۔۔۔منهنجا سڀئي مان وارا دوستو معاف ڪجو دنيا ۾ انهن جا دانشور ٻين ٻولين جا ڪتاب تخليقون پنهنجي ٻولي ۾ ته ٽرانسليٽ ڪنديون آيون آهن ته جيئن انهن جا ماڻهو اهو سڀ علم پرائين جيڪي هو نه ٿا پڙهي سگهن پر اسان جا دوست ٻين کي ٻڌائڻ علمي اهميت ڏيکارڻ شايد گهرن ٿا جنهن جي ڪا خاص ضرورت نه آهي پنهنجن کي اڻايون اگهايون ٻڌائي ڏاهپ جا ڏس ۽ گس ڏيکارڻ جي اشد ضرورت آهي ۔۔۔۔وڃايل وقار حاصل ڪيئن ڪجي نه ڪي ٻين کي انهن جي ٻولي ۾ درس ڏيڻ جي ضرورت آهي هڪ سنڌ هڪ نظام هڪ ماڻهو ڪيئن پيدا ٿيندو جڏهن هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ هڪ سوچ وارا هڪ لوچ وارا ماڻهو هوندا سنڌ ۾ ان شي جي ضرورت آهي ڇو ته غير ملڪي ڪٽڪن جا ڪٽڪ آيا ۽ ايندا رهن ٿا انهن کي روڪڻ جا دڳ ڪير ٻڌائيندو ۔۔۔جي اسان جا دانشور به هيڻا ٿي ڪنارا ڪش ٿي غير سنڌي ٻولي ۾ غلت روايتون ويٺا وجهندا بيشڪ مونکي دوستو برو ڀلو چئو گار گند ڏيو پر ٻيلي سنڌ جو هڪ مهان قوي شيخ ايازجو به سائين جي ايم سيد ۽ قوم پرستن ڪجه وقت بائيڪاٽ ڪيو هو ۔۔ان جي سببن تي وڃي جانچي ڏسو ۔۔۔هتي رسول بخش اهميت وارو نه آهي پر سنڌ سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتي اتم آهن ان سان ڪو به ويساه گهاتي ڪندو اهو ڪيڏو به وڏو ماڻهو هجي ان کي وائکو ڪبو۔۔۔۽ وائکو ڪريو اسان جي معيار جي پرک صرف سنڌ سنڌي ماڻهو ۽ هي سلوڻي سنڌي ٻولي آهي ۔۔۔ها ڪنهن اردو اخبار ۾ لکي ڪنهن انگريزي اخبار ۾ لکي ۔۔۔ڪو اعتراض نه آهي پر اهو سنڌي ميڊيم ۾ سنڌي ماڻهو جي ڳاله ٻيلي سنڌي ۾ ڪري جيڪو سونهين ٿو باقي ٻين ٻولين جو مواد به سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۔۔۔۔۔پنهنجي هستي جو انڪار نه گهرجي پر واڌ ويجه گهرجي استعمال گهرجي جنهن سان لياقت علي خان جي اولاد ڏاڍا ويڌن ڪيا آهن جي ٿورڙي سمجه رکو ٿا۔۔۔وري ٻي نموني سمجهايان ته سنڌ ۾ سنڌي سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ سونهين ٿو ۽ ٻين صوبن وارن سا اردو ۾ ڳاله ڪجي ته ڪو هرج نه آهي پر هڪ ٿيڻ لا سنڌي سنڌي ۾ ڳالهائڻ ۽ پنهنجن نسلن کي سنڌي ۾ پڙهائڻ وقت جي ضرورت آهي نه ته ائين نه ٿي ته چون( هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌين جي ٻولي۔۔۔۔۔۔الله نه ڪري) وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا محترم سائين امر جليل جهڙي عظيم شخصيت جي باري ۾ اهڙي تنقيد پڙهي ڪري تمام گهڻو ڏک ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔، ادا سنڌ جو هي واحد عالم اديب ڏاهو ۽ دانشور آهي جيڪو ڪنهن حد تائين قول ۽ فعل ۾ ثابت قدم رهيو آهي ورنه اسان جا اديب ته ايمانداري جا وڏا وڏا ليڪچر ڏيندا آهن پر هوندا وڏا ڪرپٽ آهن ۽ انهن پنهنجن پنهنجن ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي،جيڪا ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ڪنهن به ٻولي ۾ حقيقتن کي عوام جي سامهون آڻڻ ئي اصل جهاد آهي۔ جيڪو ڪم تمام ڏکيو ڪم آهي، اهو به هن دور ۾ جتي هر طرف مفاهمت جي نالي تي منافقت لڪل آهي،
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    امر جليل جي ڪيترن گفتن تي بلڪل اعتراض آهن پر يار هو هرو ڀرو اهڙو ڪونهي ته ڪو، ڪنهن کان ڊڄي ڪري پنهنجي ٻوليءَ يا قوم سان (حقيقت ۾ پاڻ سان) ڪنهن به قسم جي غداري جو مرتڪب ٿئي۔۔۔۔نه يار هرگز نه۔۔
    اوهان کي بلڪل سندس اردو ڳالهائڻ ڏکيو لڳو هوندو، پر ۔۔۔۔۔
    منهنجا دوست۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان کي ڇا لکجي۔۔۔!!!!!!!؟؟؟؟؟؟
    يار! اسڪولي ٻار به هيءَ ڳالهه بخوبي ڄاڻي ٿو، ته ٻولي ڳانڍاپي ۽ پنهنجي مقصد جي ڳالهه ان ٻوليءَ سان منسلڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جو اهم ذريعو آهي۔ اوهان ته اک ٻوٽ هجڻ جي حد ڪري ڇڏي۔
    اوهان پنهنجي لکت جي ذريعي نه صرف امر جليل پر سندس ٽي وي پروگرام سان سلهاڙيل هر شخص جي نيت ۽ سندس قومي ڪارگذاريءَ کي باقاعده معترضه قرار ڏنو آهي۔
    ڀاءُ تڪڙ ۾ ڪو اهڙو ڪم نه ڪجي جو بعد ۾ پڇتائڻ جو به موقعو نه ملي۔ هونءَ به ڪنهن کي پوريءَ طرح پرکڻ کان پهرين سندس واسطي ڪائي راءِ قائم ڪرڻ انتهائي ناانصافي ۽ اياڻائپ آهي۔ وڌيڪ اوهان پنهنجي مرضيءَ جا مختار آهيو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    ادا توهان جيڪو به امرجليل جي باري ۾ لکيو آهي اهو سراسر غلط آهي ڇو جو سنڌي ، اردو يا انگريزي لکڻ جهڙو امرجليل لکي ٿو اهڙو ڪو به نه ٿو لکي ڇو ته هڪ قلم ئي آهي جيڪو سڀ ڪجهه برداشت ڪري ٿو اسان قلم جي نوڪ کي جٿي به رکو اها اتي ئي لفظ لکندي پوء چاهي اهو اردو هجي يا انگريزي ان ڪري جٿي اسان لکنداسين اهو قلم اشارن جو منتظر هوندو آهي ان ڪري آئون چوان ٿو ته امرجليل اردو لکي يا سنڌي ان ۾ هڪ لکيڪ جو حق آهي اگر اسان چاهيون ته هن ويب سائيٽ تي سنڌي اکرن جي اشارن تي اردو به لکي سگهو ٿا ۽ انگريزي به لکي سگهو ٿا اهو اسان جي هٿ ۾ آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    سائين امر جليل جون سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لا خدمتون املهه آهن، ان لا اهڙا خيال سونهن نٿا۔ ​
    هي فورم سنڌي آهي، سنڌي ٻولي کي انٽرنيشنل (بين الاقوامي) سطح تي متعارف ڪرائي ٿو۔​
    ڪا به ٻولي نفرت لائق نه هوندي آهي۔اردو اسان جي ملڪ جي ٻولي آهي، پاڪستان ۾ ڳالهائيدڙ سڀ ٻوليون اسان جون آهن، جيئن اسان کي سنڌي هجڻ تي فخر آهي، اسان چاهون ٿا ته ٻين ٻولين وارا به اسان جي ڳالهه اسانجو پيغام سمجهن ان لا انهن تائين پهنجو پيغام پڄائڻ لا اسانکي ٻيون ٻولين اچڻ به کپن ته اسين انهن ٻولين ۾ ٻين کي پنهنجي ڳالهه سمجهائي به سگهون۔​
    ان لا جيڪڏهن امر جليل صاحب اردو ڪو پروگرام ڪري ٿو ته پو اسان کي ان جي نيت تي ڀروسو ڪرڻ کپي ايتري جلدبازي ۾ ان جهڙي قدآور شخصيت کي غدار قرار ڏيڻ نه صرف ان سان پر سنڌ سان به نانصافي آهي۔اهو صحيح آهي ته اسان جي سنڌي چينلن کي سنڌي کي اوليت ڏيڻ کپي پر ان جو مطلب اهو هر گز نه اهي ته اسين باقي ٻولين ۾ ڳالهائڻ يا لکڻ صفا ڇڏي ڏيون۔ اهو به پڻ درست آهي ته اسانجي سنڌي ٻولي سان ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون، پر ڇا اسان کوه جي ڏيڏر وانگر بس صرف سنڌ کي سڄي دنيا سمجهي ويٺا رهنداسين۔​
    ادا اسان کي انهن ڳالهين کان نڪرڻو پوندو، جيئن اسان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري سگهون۔​
    ااوهان ڏسو ته اردو جا ڪيترا چينل آهن، انٽرنيٽ تي ڪيترا فورم آهن، ان ڪري اسان کي اهڙيون ڳالهون ڇڏي سنڌ ۽ سنڌي لا عملي ڪم ڪرڻ کپي، امر جليل جهڙا ماڻهون اسان جو سرمايو آهن انهن جي قدر ڪريون ۽ اسان به سنڌي ادب کي ٻين ٻولين تائين پهچايون اردو فورمن ته وڃي اتي به پنهنجي ڳالهه پڄايون۔​
    ٻيلي پنهجو پاڻ کي ائين دنيا کان ڌار نه ڪريون۔​
    اهڙي ريت ٻين کي اسان سنڌين جي ثقافت ۽ سنڌي جي خبر ڪيئن پوندي۔​
    جهڙي طرح توهان چاهو ٿا ته اسان جا ليکڪ ڪنهن ٻي ٻولي ۾ نه لکن ته پو اسان جون ڳالهيون اسان جو ادب ٻين تائين ڇا ٻين ٻولين وارا پهچائيندا؟​
    امرجليل لا اهڙا خيال پڙهي مونکي حقيقت ۾ ڏک ٿيو۔​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    ادا اهو ساڳيو بحث اردو جو سيڪشن شروع ڪرڻ جي تجويز وقت به ٿيو هو ته اسان سنڌي آهيون اردو سان اسان جو ڇا وڃي؟؟ ڪير سمجهائي ان قوم کي ته يار اهي اديب دانشور چاهي ڪهڙي به ٻولي ۾ لکن يا ڳالهائن، ڳالهه سنڌ جي ئي ڪندا آهن۔ سنڌ کي پنهنجو موقف رکڻ لاءِ هن وقت 5 اردو ۽ 2 انگريزي ٽي وي چينلز جي اشد ضرورت آهي۔ ان ڪري اسان جا اهي دانشور اردو ۾ مخاطب ٿي اوهان کي اهو احساس پيا ڏيارن۔ سمجهو خدارا سمجهو!!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد

    ادا عباس۔۔۔۔مان توهان سان متفق آهيان۔
    پنهنجو موقف ٻين قومن تائين پهچائڻ جا مختلف ذريعا هوندا آهن۔ ميڊيا، اخبارون ان مقصد جي پورائي لا بهترين وسيلو آهن، ڇو جو انهن جو آواز ، انهن جي پهچ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن تائين هجي ٿي۔
    مٿي ادا گل سومرو جو ڪمنٽ به بيحد متاثر ڪندڙ آهي۔
    جيڪڏهن امر جليل صاحب اردو جو پروگرام ڪري ٿو ته پو اسان کي ان جي نيت تي ڀروسو ڪرڻ کپي ايتري جلدبازي ۾ ان جهڙي قدآور شخصيت کي غدار قرار ڏيڻ نه صرف ان سان پر سنڌ سان به نانصافي آهي۔اهو صحيح آهي ته اسان جي سنڌي چينلن کي سنڌي کي اوليت ڏيڻ کپي پر ان جو مطلب اهو هر گز نه آهي ته اسين باقي ٻولين ۾ ڳالهائڻ يا لکڻ صفا ڇڏي ڏيون۔ اهو به پڻ درست آهي ته اسانجي سنڌي ٻولي سان ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون، پر ڇا اسان کوهه جي ڏيڏر وانگر بس صرف سنڌ کي سڄي دنيا سمجهي ويٺا رهنداسين۔۔!!!

    باقي سنڌ سلامت جو پليٽ فارم ان مقصد لا قطعي مناسب نه آهي، ڇو جو سنڌ سلامت جي پهچ اردو ڳالهائيندڙن تائين نه آهي۔
    اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ سلامت جو مقصد صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ڪرڻ ، سنڌ ۾ رهندڙ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين تائين سنڌي ادب کي پهچائڻ آهي ته جيئن ڪمپيوٽر ۽ انٽر نيٽ وسيلي سنڌي ٻولي کي زندهه ۽ آباد رکي سگهجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڏاڍي ڏک سان ٿو لکڻو پوي ته جن به سڄڻن هن بحث ۾ حصو ورتو آهي انهن مان صرف هڪ اڌ رسول بخش دائود پوٽو ، جي لکڻي پڙهي آهي باقي سڀني سڄڻن چَمڪي تي بندوقن جا ٺڪاءَ ڪڍيا آهن، مسئلو ايترو آهي ته جي ڪنهن سنڌي اڱڻ تي يا اوطاق تي وڃي ڪري ڪنهن ڌارين ٻولي ۾ ڳالهائجي ته اها شرم جهڙي ڳالهـ آهي۔ سڀ ٻوليون ۽ رنگ الله سائين جي هئڻ جون نشانيون آهن، ڪنهن به ٻولي جو انڪاري ڪنهن به رنگ جو انڪاري نه ٿو ٿي سگهجي باقي پسند پنهنجي پنهنجي هوندي آهي۔ جي امر جليل صاحب سنڌين جو مسئلو اردو ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪنهن اردو ٻوليءَ جي ٽي وي چئنل تان وڃي پيش ڪري ، ڪو به مخالفت نه ڪندو۔ جنگ اخبار جو پراڻو لکاري آهي، اتي ڇو نه ٿو لکي ؟؟؟ پي ٽي وي تي جيترا به ڊراما نشر ٿيا آهن انهن ۾ به سنڌي لکارين کي مانائتي موٽ ملي آهي۔ انهن ڊرامن ذريعي سنڌي اديبن ڇو نه پيغام پهچايو ؟؟؟ اتي سنڌي ثقافت کي ذليل ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهيا، جنهن جو پوءِ اعتراف نورالهديٰ شاه ۽ قادر جوڻيجو به ڪيو هو۔ آڱرين ڳڻڻ جيترا سنڌي ٽي وي چئنل تان به ڌاري ٻوليءَ ۾ پروگرام نشر ٿين ته پوءِ سنڌي چئنلن کي ڇو واڌارو ڏجي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو