اڄوڪو ڏينهن 15 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

'آڪٽوبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 15 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    15 آڪٽوبر 1918ع شاعر کيئل آڏواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1927ع اداڪاره سرلا جيسنگهاڻي (ڪراچي / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1931ع سائنسدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر ابوالڪلام جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1935ع شاعر نادر شاهه فراق (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1939ع اسڪالر ڊاڪٽر حيدر ٻرڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1943ع شاعر غلام مصطفى مشتاق (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1959ع سياستدان غلام قادر چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1959ع صحافي ڊاڪٽر اسد انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1965ع سياستدان صداقت علي جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1966ع سگهڙ اياز جوڳي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1968ع شاعر ۽ ليکڪ معشوق ڌاريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1968ع صحافي ارباب چانڊيو (قنبر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1971ع صحافي ۽ ڪالم نگار اسد چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1973ع اديب، شاعر ۽ امرتا ميگزين جي ايڊيٽر فقير محمد ڍول جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1974ع شاعر بابر سڪايل جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1975ع صحافي نظام شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1978ع صحافي محمد رمضان چوهاڻ (پٿورو) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 آڪٽوبر 1978ع شاعر نويد ناز ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    15 آڪٽوبر 1567ع بزرگ سيد رڪن الدين مطلوي جو انتقال ٿيو.
    15 آڪٽوبر 1657ع سنڌ جي سپهه سالار ميان شاهل محمد ڪلهوڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
    15 آڪٽوبر 1942ع سگهڙ نوح پنهور جو لاڏاڻو ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 15 آڪٽوبر جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 آڪٽوبر 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    , ناميارو اديب ۽ شاعر مشهور رسالي “امرتا“ جو ايڊيٽر محترم فقير محمد ڍول صاحب
    فقير محمد اسان جي سنڌ جي نامياري لوڪ فنڪار ڍول فقير مرحوم جا فرزند آهن سندن جنم 15 آڪٽوبر 1973ع تي ٽنڊي الهيار م ٿيو. .ادبي دنيا ۾ فير محمد ڍول جي نالي سان مشهور معروف آهن. ساڻن منهنجي پهرين ملاقات 07 مارچ سائين محمود مغل صاحب جي ڪتاب “محبتن جا ٻه ناوليٽ“ جي مهورت جي موقعي تي ٿي. پاڻ جنهن محبت سان پيش آيا . سندن اها سدائين ياد رهندي. پهرين ملاقات م ائين محسوس ڪيم ته اسان هڪٻئي ڪو سالن کان سڃاڻون ٿا. ڪافي عرصو اڳ هڪ مضمون پڙهيو هئم “شخصيت تي نالي جو اثر“ اها ڳاله فقير محمد ڍول سان ملاقات م حقيقت جي روپ م ڏٺم. فقير محمد جو مزاج . انداز فقيراڻو . نماڻو. جنهن وڏائي تر جيتري به نه!
    ته ڍول لفظ جي معني ا آهي محبوب. پرين. پيارو. اهو محبت جو رنگ به سندس شخصيت م نمايان ۽ نروار نظر آيو.
    فقير.محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ ٻه اهي
    پياريون دلبر شخصيتون آهن جن ٽنڊي الهيار ۾ هاڻوڪي دؤر م انقلاب آندو آهي.
    پچار رسالي کان شروعات ڪياؤن. جنهن جا ڪافي پرچا سندن ادارت م شايع ٿيا. وري نئين “امرتا“ رسالي سان ٻيهر شروعات جنهنجا تقريبن 100 کان وڌيڪ پرچا شايع ٿي چڪا آهن. هن قافلي سرواڻ فقير محمد ڍول رهيو آهي آهي ته سندس ٻانهن ٻيلي فقير محمد انڙ.
    واه جي جوڙي آهي الله کين بد نظر کان بچائي.
    فقير محمد ڍول جو وڏو ڪارنامو “امرتا“ رسالي جي 100 نمبر حضرت شاه عبد اللطيف پٽائي جي فن ۽ فڪر تي مشمتل ڪتاب جي صورت م“شاه عبداللطيف“ نمبر شايع ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي. ان کان ڪتابن جو وڏو تعداد شايع ڪرڻ ۾ فقير محمد ڍول جو وڏو ڪردار آهي. جنهن تي کيس خراج تحسين پيش ڪجي ٿو.
    ٽنڊي الهيار وڏي عرصي کان آيل ادبي ماٺار کي به هن ئي شخصيت ٽوڙيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوالهيار کي ٻيهر فعال ڪري. هر هفتي باقاعدي گڏجاڻيون ڪرڻ اهم ادبي شخصيتن کي ادبي سنگت جي پروگرامن جي صدارت ڪرائڻ فقير محمد ڍول جو ئي ڪارنامو آهي. ا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو