اڄوڪو ڏينهن 24 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

'آڪٽوبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    24 آڪٽوبر 1775ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ۽ بئنڪر فضل سليمان قاضي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1938ع گلوڪار ڪالا هزاري (ڪراچي / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1950ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ ليکڪ اعجاز علي خواجه (ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1958ع اداڪاره ديا لالچنداڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1965ع سياستدان صداقت علي جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
    24 آڪٽوبر 1971ع شاعره روبينه ابڙو (ڳيريلو) جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    24 آڪٽوبر 1905ع سياستدان ٽهلرام کيمچند (ٺٽو) جي ديهانت ٿي.
    24 آڪٽوبر 1935ع سياستدان تيونمل ڏيپچند (سکر) جي ديهانت ٿي.
    24 آڪٽوبر 1986ع اسڪالر شيخ سومار (بدين) جي وفات ٿي.
    24 آڪٽوبر 2000ع شاعر زخمي چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو.
    24 آڪٽوبر 2014ع لاڙ سان تعلق رکندڙ نامياري محقق، اديب ۽ شاعر محمد سومار شيخ جي وفات جو ڏينهن آهي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 24 آڪٽوبر جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 آڪٽوبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    (لاڙ جي عظيم دانشور اديب شاعر محقق
    شيخ محمد سومار جي ورسيءَ (24 آڪٽومبر 2015) جي مُناسبت سان کيس عقيدت و احترام سان ڀيٽا طور)
    ساروڻِيُون ــــــــــــــــــــــ تاثر
    (تحرير : صاحبڏنو شيخ)
    ”سَــــرَ ۾ سارينَئي آءُ اُڏامي هنجڙا ،
    متان مارينَئي ، پاريهڙي پَهه ڪري!“
    جنهن لاڙ جي وک وک کي تاريخ جي ورقن ۾ آڻي
    امر بڻائي ڇڏيو
    لاڙ جو کاهوڙي ۽ جاکوڙي شيخ محمد سومار
    جنهن پنهنجي ذات پات کان هٽي ڪري سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي.
    سنڌي ادب ٻولي ۽ تاريخ کي جيڪي رنگ روپ ڏنا ان ڪري اڄ به کيس ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ زمانن تائين جيستائين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو وجود آهي کيس سارِيو ۽ ڳايو ويندو ” لاڙ عجائب گهر “ جي باني هُئڻ ۽ بدين ضلع جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب لکي لاڙ جي ثقافتي ميلي لڳرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري لاڙ جي ساڃاه
    وندن جي دلين تي راڄ ڪندڙ شيخ محمد سومار گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هُئڻ سان گڏ گڏ ڪيترن ئي گُڻن سان مالا مال هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ هو جو ڏات جي ڏيهه ۾ فصاحت ۽ بلاغت جا واهڻ واهيندڙ ان عظيم انسان جو خال ڪو به ڀري نه سگهيو آهي سموري لاڙ سموري سنڌ جي وستي وستي واهڻ واهڻ هن جي ڏانوَ جي لازوال خوشبو اڄ به موجود آهي 24 آڪٽومبر 1986تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويل پُرڪشش شخصيت جي مالڪ شيخ محمد سومار پنهنجي زندگي جا سمورا لمحا لاڙ جي ادب ثقافت کي مُتعارف ڪرائڻ لاءِ نڇاور ڪري ڇڏيا.
    سندس انهن نڇاور ڪيل لمحن کي لاڙ واسي ادب ثقافت سان لاڳاپيل سموريون ڌُريون اڄ به هن جي پورهئي تي کيس جس ڏين ٿيون.
    هو هڪ شفيق پيءُ
    هڪ شفيق دوست
    هڪ بهترين استاد
    هڪ بهترين تاريخدان مُدبر
    ۽ اعليٰ دانشور
    ڀلوڙ شاعر
    سدا مُرڪندڙ چهري تي هميشه اعليٰ ظرف
    انسان هو.
    جنهن کي ياد ڪندي اڄ اسان جي اکين ۾ لُڙڪ تَري اچن ٿا.
    هن جي زندگي سندس ئي هن شاعريءَ جو هڪ عڪس هُئي:
    ”جوڳ منهنجو اعليٰ آهي
    جوڳين جهڙو جوڳ ،
    روڳ تنهنجو ادنيٰ آهي .
    روڳين جهڙو روڳ“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو