سنڌين کي پاڪستان ۾ شامل رکڻ لاءِ ماحول بهتر بڻايو وڃي: آمريڪي ڪانگريس ميمبر

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    واشنگٽن (ع آ نيوز) : پاڪستان ۾ انساني حقن جي خراب صورتحال ۽ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين جو معاملو آمريڪي ڪانگريس ۾ پهچي ويو آهي. ڪانگريس ميمبر براڊ شرمين آمريڪي دوري دوران وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي مذهبي انتهاپسندي روڪڻ، جبري گم شدگيون روڪڻ،سنڌي هندو ڇوڪريون اغوا ڪري جبري مذهب مٽائي شادي ڪرڻ جي روڪٿام جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌين کي خوف آهي ته رياستي ڏاڍ ۽ سماجي اڻ برابرين جي ڪري سندن ٻولي، ثقافت ۽ سماجي قدرن کي خطرو آهي.براڊ شرمين وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي چيو آهي ته مون کي پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي سخت ڳڻتي آهي. انساني حقن جي عالمي اصولن تحت توهان کي گذارش ٿو ڪريان ته مذهبي انتهاپسندي ۽ عدم برداشت روڪڻلاءِ اثرائتا قدم کڻو. جبري گمشدگين جو سلسلو روڪيو ۽ سنڌين کي پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ ماحول بهتر بڻايو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هندن، عيسائين ۽ احمدين سميت سڀني مذهبي اقليتن جي حفاظت لاءِ تڪڙا قانوني قدم کنيا وڃن. خاص طور تي مون کي سنڌي هندن بابت سخت ڳڻتي آهي. گذريل ڏهاڪي ۾ انهن اقليتي برادرين خلاف تشدد جا خوفناڪ واقعا ٿيا آهن. انتهاپسند غير مسلم ۽ مسلمان اقليتن خلاف نفرت جو کليو اظهار ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ اغوا، مذهبي جبري تبديلي ۽ ڇوڪرين جي شادي تي به سخت ڳڻتي آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ جبري گم شدگين ۽ غير قانوني حراست جي ٻين صورتن کي به روڪيو وڃي. انساني حقن جي تنظيمن سنڌي سياسي ڪارڪنن سميت غير قانوني گرفتارين جا سوين ڪيس نوٽ ڪيا آهن. انهن ڪاررواين سان ماڻهن جو قانون تحت ڪارروائي جو حق غصب ٿئي ٿو. گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسن جي جاچ ڪرائي حراست ۾ وٺندڙن خلاف شفاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ٿيندي. ڪانگريس ميمبر براڊ شرمين خط ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌين جي سماجي ۽ سياسي خدشن کي سهڻي نموني حل ڪيو وڃي. سنڌين جي پاڪستان جي وفاقي حڪومت ۽ سڪيورٽي فورسز ۾ جوڳي نمائندگي ناهي. سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي جبر جو نشانو بڻايو ويندو آهي. ڪيترن ئي سنڌين کي خوف آهي ته سندن ٻولي، ثقافت ۽ زندگي گهارڻ جو طريقو رياستي جبر ۽ سماجي اڻ برابرين جي ڪري خطري ۾ آهي. هن چيو ته پاڪ، آمريڪا ناتن جي بهتري لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪندو رهندس.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا هي ڪهڙو منصف آهي جهنهن جي ڪانگريس ۾ هي مامرو پهتو آهي هي وري ڪنهن ٻئي معاملي کي رنگ ڏئي هن خطي ۾ اسن کي استعمال ڪرڻ ٿو چاهي هن کان شر جي اميد سواءِ ٻي ڪا اميد ناهي ۔
    وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڏاڏل صاحب توهان جي ڳالهه سان اتفاق ٿا ڪريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔هنن مان چڱائي جي اميد رکڻ پاڻ سان دوکو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    يار ڀلا ڪو پنهنجي لا چار چنڱا اکر به نه چوي ڇا؟؟؟ آمريڪا جيڪر اسان سنڌين جي سرڪار کي پارت ڪري ٿو ته ان ۾ سازش وري ڪٿان اچي وئي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو