سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [FLASH="width = 837 height = 350"]http://www.notcelebrity.co.uk/flashcontent/flashHeader.swf?thename=Sindh Salamat[/FLASH]​

    سنڌ سلامت جا سڄڻو۔۔۔
    اهو ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته 15 اپريل 2009 تي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سجايل هن سائيبر اوطاق کي هڪ سال ٿيڻ وارو آهي ان دوران سنڌ سلامت تي ايندڙ لا تعداد ڏکيائون۔۔ مونجهارا ۔۔۔ مسئلا ۽ پريشانيون آيون پر اهو توهان ساٿين جو ساٿ، همت ۽ بهترين سهڪار ئي هيو جنهن سان ڪا به رڪاوٽ سنڌ سلامت کي پنهنجي سفر کان روڪي نه سگهي ۔۔۔

    سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو۔۔۔ ان دوران سنڌ سلامت فورم ڪافي مشڪلاتن کان به گذريو۔۔۔۔ ڪافي دوست آيا ۽ وري پنهنجين مجبورين جي ڪري ساٿ ڇڏي به ويا۔۔۔ ڪي دوست ته ناراض ٿي ويا ۽ منٿ ۽ معزرت کي به نظر انداز ڪري ويا وري واپس نه آيا۔۔۔۔ ڪو وقت اهڙو به آيو جو خوبصورت خواب وارو سپنو هٿن مان ٿي ويو۔۔۔ فورم پنهنجو مختصر سفر ڪري بند ٿيڻ تي پهتو ۔۔۔۔۔ پر۔۔۔۔۔۔ اهي توهان جهڙا محبتي ۽ ساٿ نڀائيندڙ ساٿي ئي هئا جن همت افزائي جاري رکي ۔۔۔ ۽ سفر کي منزل طرف روان دوان رکڻ ۾ سهڪار ڪيو ۔۔۔ جتي ڪافي دوست دنيا جي ڀيڙ ۾ گم ٿي ويا ۽ پنهنجين مجبورين ڪري سندن غير حاضري طويل کان طويل ٿيندي وئي ۔۔۔ اتي ڪافي نوان ۽ سرگرم دوست به آيا جن ساٿ ڏئي اسان جي سفر کي آسان بڻايو۔۔۔

    اڄ هيٺ انگن اکرن تي نظر وجهڻ سان سنڌ سلامت فورم سرخرو ٿو ٿئي ته ان هڪ سال جي سفر ۾ اسان جي سفر ۾ هزارين مهمانن سان گڏ فور تي 500 رجسٽرڊ رڪن، 3000 موضوع ۽ 20000 تحريرون مڪمل ٿي چڪيون آهن۔۔ جنهن کان پوءِ اهو ٻڌائڻ ۾ ڪا به هچڪچاهٽ نه ٿي ٿئي ته سنڌ سلامت دنيا جو وڏي ۾ وڏو سنڌي فورم آهي۔۔۔
    اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو توهان جي ساٿ سان۔۔۔ ۽ اڳتي به توهان کان اهڙي ساٿ جي اميد رکجي ٿي۔۔۔

    فورم کي سنڌ سلامت جي سالگره تي اپڊيٽ ڪيو ويندو ۽ نئين پوشاڪ زيب تن ڪئي ويندي۔۔۔ ان کانسواءِ توهان جي مشورن ۽ صلاحن تي عمل ڪندي فورم کي وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت بڻايو ويندو۔۔۔ ان لاءِ سمورن ساٿين کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجا قيمتي رايا موڪلين ته جيئن پنهنجي هن سائيبر اڱڻ کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي۔۔۔
    سنڌ سلامت توهان جي ڀرپور موٽ جو منتظر رهندو۔۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
    salamatsindh@gmail.com
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔

    سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ ۽ ان جا ذيلي ادارا ”ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ريسرچ سينٽر“ ۽ ”سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) “ هن قومي سٿ ۾ هر وقت، ڏينهن رات، جھڙ، گرمي، سياري، بهار ۾ پنهنجي وِت اندر رهي ڪري اوهان سان سهڪار ۾ ذهني ۽ جسماني طور شامل آهي ۽ رهندي. الله سائين شل سنڌ سلامت جو ٻيو سال به اهو موچارو ۽ سوڀارو ڪري. آمين ثُم آمين
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔

    سائين سنڌي هڪ اهڙي زبان آهي جنهن جا انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ ٿورا رهيا آهن ۽ جيڪي انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا انهن مان به ورلي ڪي اوهان جهڙا چند دوست آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ترويج ۽ انٽرنيٽ تي ان جي واڌاري لاءِ سوچن ٿا۔۔۔ انهن ڳالهين کي مد نظر رکندي هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ 500 ميمبر ۽ 22000 تحريرن واري فورم هڪ انقلابي ۽ حيران ڪن سنڌي ويب سائيٽ آهي۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔

    سهڻا رشيد صاحب، اسانکي 15 اپريل جو بيچيني سان انتظار آهي ته جيئن ان نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ سنڌ سلامت کي ڏسي سگهجي ۔۔۔

    هڪ چوڻي آهي ته ”نيت صاف مراد حاصل“ اوهانجن ڏکين پيچرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان مان پار پوڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔ ان مان خبر پئي ته اوهانجو ۽ اوهانجي ساٿين جو ارادو نيڪ هو ۽ قومي جذبي سان ڪم ٿيل هو ۔۔۔ انڪري ئي اوهان مشڪل مان پار پيا آهيو ۔۔۔

    الحمد الله هاڻ سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ سٺا دوست آهن ۽ جنهنجا ساٿي سٺا، سچا ۽ وفادار هجن ته انجي ”ٻيڙي لڏڻي پر ٻڏڻي ناهي“ ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌين جي هن اوطاق کي هلائڻ ۽ سنڀالڻ وارا سڀ ساٿي سهڻا ۽ سچا آهن ۔۔۔

    ادا سائين ان پوري سال ۾ ڪافي دوستن پاران وقت وقت تي ڪجهه رايا ايندا رهيا آهن جن ۾ گهڻي فرمائش چاٽ روم جي رهي آهي ۔۔۔ اسانجون ادڙيون ۽ ادا چاهن ٿا ته کين سنڌي فورم به هجي ۽ سنڌي ڪچهري ڪرڻ لئه ڪا اوطاق پڻ ته ”ٻه ته ٻارنهن“ ۔۔۔ اميد ته اسانجي اها فرمائش ضرور پوري ڪندا ۔۔۔ ان سلسلي ۾ ادي چانڊوڪي ۽ ادي شاهده ۽ بختاور جن ڪوشش ڪري اردو لنڪ تي سنڌي چاٽ روم ٺهرايو آهي، جنهن تي مون پڻ چڪر هنيو آهي ۔۔۔ سٺو ڪم ٿيل آهي ۔۔۔ بلڪل ساڳي تتبع تي جي هن فورم تي به اهڙي اوطاق هوندي ته سٺو لڳندو ۔۔۔

    اسانجون دعائون، نيڪ خواهشون ۽ وس آهر خدمتون حاضر آهن ۔۔۔ بس دعا ڪريو ته صحت ۽ عمر ساٿ نڀائي ۔۔۔

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔

    ادا رشيد اوهان کي سنڌ سلامت جي پهرين سالگره تي اڳواٽ لک لک واڌايون هجن ادا توهان ۽ ٻين ساٿين جيڪا محنت ۽ جاکوڙ سان هي اوطاق ٺاهي آهي سچ پڇو تہ هڪ بهترين درس گاه کان گهٽ نہ آهي هتان اسان کي روزانہ نئي ڄاڻ ملي ٿي سڀ ساٿي اهڙي فورم کي سهيڙڻ تي کيرون لهڻو سان هاڻ پندرهن تاريخ جو شدد سان اوسيڙو آهي جنهن ۾ اوهان نواڻ آندي آهي "
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔

    سائين عبدالرشيد اوهان کي هن عاجز طرفان پڻ ايڊوانس ۾ لک لک مبارڪون هجن جو اوهان جي محنت ۽ محبت سان هي فورم ٿورڙي وقت ۾ هن عظيم الشان منزل تي پهتو جتي پهچڻ جو ڪافي دوستن کي وهم گمان به نه هو ليڪن سائين نثار جن جي ڳالهه وانگر ته نيت خالص ته مراد حاصل ان ڪري اوهان جڏهن ته ڪو ذاتي مفاد نه بلڪ قوم جي ڀلائي لاء هي ڪار خير سرانجام ڏنو ان ڪري اوهان جي ساٿ ۾ سائين نثار ابڙو جهڙا اديب سائين ناز جهڙا پيارا سرويچ شاعر سائين ابوواصف ۽ ابوزين جن جهڙا ڪمپيوٽر فيلڊ ۾ ماهر سائين ڊاڪٽر عبدالقيوم جهڙا اسلامڪ مفڪر مقصد ته هر فيلڊ جا ماڻهو هن ساٿ ۾ شامل آهن اها حقيقت ۾ وڏي فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي سڀ دوست به انڪري شامل ٿيا آهن جو انهن جي دل ۾ به قومي خدمت جو جذبو ڪار فرما آهي اسان جي دعا آهي ته سنڌ سلامت جو اڱڻ شال دن دگني رات چوگني ترقي ڪري ۽ اهڙن املهه هيرن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو رهي جن جي دل ۾ فقط قوم جي اصلاح ۽ ترقي جوجذبو سمايل آهي ۔ الله تعالي توهان کي ۽ سنڌ سلامت جي سمورن دوستن خاص ڪري سرگرم ۽ تعاون ۾ هر وقت پيش پيش ساٿين کي سلامت رکي ۔ فورم متعلق جيڪا اوهان جي سوچ هوندي يقينا تسلي بخش هوندي ڪجهه فونٽ عربي سپوٽنگ لاء عرض ڪيو هو سو به مهيا ٿي چڪو آهي ڪجهه وڌيڪ بهتري ان ۾ ايندي هڪ اڌ فونٽ هيڊنگ لاء خوبصورت هجڻ جي صلاح عرض آهي اگر ممڪن هجي وڌيڪ وري ٻين دوستن جي راء به قابل احترام آهي۔ سڀني جي صلاح سان ڪم بهتر ٿيندو انشآء الله ۔
     
  7. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔ ( سو مچ وڏي شيءِ آهي)

    ڏات وڏي شيءِ ناهي
    پر سچ وڏي شيءِ آهي
    ۽ جو سچ مچائي مچ
    سو مچ وڏي شيءِ آهي ـ ايازـ

    سنڌ سلامت جي پهرين ورسي جون مبارڪون ادا رشيد ۽ سنڌسلامت جي سموري سٿ کي هجن ۽ اهو ساٿ هميشہ سلامت رهي انهي سموري سٿ جون لک مهرنانيو ن جنهن سچائي سان ساٿ نڀائيندي سنڌ سلامت لاء وقت بوقت معياري ڄاڻ فراهم ڪندا رهيا آهن ـ انهي ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ آهي تہ مون جڏهن بہ ڪا معلومات سنڌي حوالي سان حاصل ڪرڻ لاءُ گوگل تي سرچ ڪئي آهي تہ گوگل هميشہ مون کي سنڌ سلامت جو ڏس ڏيندي اهو ٻڌايو آهي تہ اها ڄاڻ سنڌ سلامت تي موجود اٿو ـ اها ڪا معمولي ڳالھ نہ آهي لڳي ٿو تہ انٽر نيٽ جي دنيا ۾ سنڌ سلامت سنڌي سائٽن ۾ سڀني کان اڳ ڀري آهي انهي جو هڪ سبب اهو آهي تہ سنڌ سلامت جا سب ساٿي سچا ۽ مخلص آهن اگر اسان جي سنڌ جا تمام ليڊر قوم پرست اڳواڻ ائين سنڌ سان سچا هجن تہ سنڌ کي ڪڏهن ڪوسو واه بہ نہ لڳي ۽ سنڌ سورن جي نہ هجي ـ سنڌ سلامت تي جيڪا بہ ڳالھ پڇجي ٿي انهي جو بروقت جواب ملي ٿو واقعي هر تحرير تي نظر آهي ادا نثار ناز ۽ نثار ابڙو رشيد سمون ۽ٻيا ساٿي هر تحرير پڙهي انهي جو جواب تہ ضرور ڏين ٿا اوهان سڀني لاءُ دعاِئون شل هميشہ شاد آباد هجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت ـ
    جاڳ ڀٽائي گھوٽ، سنڌڙي ٿي تو کي سڏي،
    مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ،
    اَچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري ڇڏيون
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت سالگره۔۔۔۔ ( سو مچ وڏي شيءِ آهي)

    ڀيڻ سمون صاحبه ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته ادا عبدالرشيد مونکي هڪ پيغام ذريعي اهو سنيهو ڏنو هو ته سر اسان آزمائش طور سنڌ سلامت کي هڪ دوست جي هلندڙ فورم تي لانچ ڪيو آهي، جڏهن صرف مشاهدي طور تي سنڌ سلامت جي انهي آزمائشي فورم تي پهتس ته دل کي روڪي نه سگهيس بغير ڪنهن سوچڻ جي پنهنجي تخليق ڪيل هڪ نڪور شاعري ۽ تعارف انهي آز مائشي فورم تي لکي ويٺس، ٿوري دير کان بعد ادا رشيد سمون جو ٽيلي فون آيو کلندي چيائين ته سر نثار توهان ته پنهنجي ونڊ کي فوري آزمائشي سنڌ سلامت تي ورهائي ڇڏيو حالانڪه اڃان ڪنهنجي به ڪا لکڻي يا تخليق کي سنڌ سلامت تي ان وقت جي حساب سان اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڪانه هُئي۔ اهي ڏينهن ياد ڪندي دل کي تمام گهڻي فرحت ۽ سڪون ملندو آهي، پندرهن اپريل اجها آئي ڪا آئي،
    ڪنول پاڙون پاتار ۾ ڀنور ڀري آڪاس
    ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس
    تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا (شاهه سائين)​

    ساري دنيا جي سنڌين کي توهان سميت دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت جي پهرين سالگره جون کوڙ ساريون مُبارڪون، سنڌ ڌرتي جو هي وسندڙ چمن سدائين شاد ۽ آباد رهي، سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي ميمبر هميشهه مُرڪون ورهائيندا رهن، ساري دنيا جا سنڌي خوش کان خوش حال هُجن۔ (آمين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو