سنڌ سلامت جو تالو ۽ انتظامي اختيارات جو استعمال

'ڏوراپن جو ڏيهه' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2013۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسلام عليڪم سنڌ سلامت جي انتظاميه کي۔
    عرض احوال ته سنڌ سلامت تي اگر ڪو اهڙو موضون هلي پوندو آهي، جنهن کيانتظاميه( جن وٽ سنڌ سلامت جي ڪنهن موضون کي بند ڪرڻ وغيره جا اختيار هونداآهن ) ڪجهه سبب جي ڪري وڌيڪ هلڻ پسند ناهي ڪندي ته ان کي مجبورن تالو هنيون ويندو آهي۔ ۽ تالي هڻڻ کان پوءڪو به ميمبر ان ۾ وڌيڪ لکي ڪو نه ٿو سگهي۔ سواء انتظاميه جي۔مگر هت هن ڀيري ائين ناهي ٿيو۔ ان جو مان سبب پڇي سگهان ٿو۔ مان به هن سنڌ سلامت جو پراڻو ميمبر آهيان۔جيتوڻيڪ ڪجهه ڳالهيون سچ چوڻ جي ڪري مان هن سنڌ سلامت جو منظورِ نظر ميمبر ٿئي نه سگهيو آهيان۔ مگر ان هوندي به مان ميمبر ته آهيان.
    تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
    يزيد سان محبت يا نفرت؟ فيصلو اوهان تي۔۔وارو موضون جڏهن اسان جي دوست محترم سائين ممتاز قريشي صاحب جن مٿان الفاظ لکي ڪري ختم ڪيو هو ته ان موضون کي سنڌ سلامت جي انتظاميه تالو هنيو هو. ............. مگر ان تالي هڻڻ کان پوء اسان جي دوست محترم عاشق سولنگي صاحب جي هڪ پوسٽ لڳل آهي جنهن ۾ مون کي ئي مخاطب ڪيو ويو آهي ، جنهن کان پوء وري انتظاميه ميمبر محترم سائين سليمان وساڻ صاحب جن جي به پوسٽ لڳل آهي. جڏهن ته تالو هٽائڻ جا اختيارات صرف سنڌ سلامت جي انتظاميه وٽ آهن. ۽ محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جي ته خبر آهي ته ان پنهنجا (انتظاميه جي ميمبر جي حيثيت ۾ )اختيارات استعمال ڪندي. اهيا پوسٽ لڳائي آهي.. مگر مون کي محترم دوست عاشق سولنگي واري پوسٽ تالي لڳڻ کان پوء شامل ٿيندي ڪجهه عجيب ٿو لڳي. ۽ سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڪٿي هي سنڌ سلامت جي انتظاميه ڪو ناني ويڙهو ته نه آهي؟ ڇو جو هت من پسند ماڻهون کي پنهنجا اختيارات استعمال ڪندي، ان کي واهه ڪڍي ڏني وڃي ٿي، بنسبت نا پسند ماڻهون جي............. ساٿيو پوء ته فيس بڪ بهترين فورم آهي جنهن تي هر هڪ کي فڪري هڪ جيترو حق حاصل آهي، پوء اهو ڪهڙي به فڪر جو ماڻهون هجي۔

    سنڌ سلامت جا ساٿيو. ۽ سنڌ سلامت جي انتظاميه وارا ساٿيو.وڌيڪ موضون کي ڏسڻ لاء هت لنڪ ڏجي ٿي جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان پاڻ ڏسي ڪري پنهنجي دل جو فيصلو ڏئي سگهو ٿا. پوء اهو دل جو ڏنل فيصلو توهان ڀلي سنڌ سلامت جي فورم تي ڏيو يا نه ڏيو. مگر فيصلو ڪجو ضرور. جيڪو حق هر ڪنهن دوست کي حاصل آهي..

    يزيد سان محبت يا نفرت؟ فيصلو اوهان تي۔۔.

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي جذبن کي ٿڌو رکن ۽ ٿڌي ذهن سان هر پوسٽ لکن۔ جذباتي ٿيڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ايڏو جذباتي به نه ٿجي۔

    دوست ممتاز وگهيا صاحب اوهان کي عرض ڪندو هلان ته جڏهن مان پوسٽ لکي هئي ان وقت تائين تالو لڳل ڪونه هو ۔۔۔ تڏهن ئي مان دوست ذيشان رشيد کي ٽئگ ڪيو هو ته هو هن موضوع کي تالو لڳائي۔

    ٻيو ته عاشق سولنگي جي پوسٽ به مونکان اڳ جي آهي ۽ مان ممتاز قريشي ۽ عاشق سولنگي جي ڪمينٽس کانپوء ئي موضوع بند ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي۔

    پيارا دوست ممتاز مان ڪافي ڏينهن کان هڪ ٻي ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته اوهان جا جواب يا موضوع گهڻو ڪري اختلافي ۽ مذهبي ڇيڙ ڇاڙ وارن موضوعن ۾ اچي رهيا آهن، جڏهن ته اهو ممتاز وگهيو گم ٿي ويو آهي جيڪو سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا، سنڌ جي تحقيق، سنڌ جي تمدن ۽ ٻين بهترين موضوعن تي پنهنجا ليک موڪليندو رهندو هو ۽ اسان سڀ سندس موضوع دلچسپي سان پڙهندا رهيا هئاسين۔

    اها منهنجي ذاتي سوچ آهي ان کي انتظاميه جي سوچ نه سمجهجو۔

    سدا خوش هجو
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سر ممتاز يزيد واري قصي کي ختم ڪيو، جيستائين موضوع ۾ تحرير موڪلڻ جي ڳالھ آھي ته مان اُھا تحرير تڏھن موڪلي ھُئي جڏھن موضوع کوليل ھُيو، ڪوبه ناني ويڙھو نه آھي ادا ھتي، باقي اوھان چئو ته اُٺ جي سواري مونکي پسند آھي ته بلاشڪ سٺي ڳالھ آھي باقي ڪابه اھڙي ڳالھ نه آھي، يزيد کي مڃڻ يا ان سان محبت ڪندڙن کان به اسان نفرت ڪندا آھيون تبرو اسان ڪندا آھيون پر ادا اسان مذھبي اختلاف ۽ نفرت نه ٿا چاھيون اوھان معزز ۽ اسان جا وڏا آھيون۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا سليمان وساڻ صاحب ممتاز قريشي جي پوسٽ کان پوء مون پاڻ تالو لڳل ڏٺو آهي۔ اگر ڪير نه ٿو مڃي ته ان کي ڇا ڪجي۔منهنجو ڪم هو جيڪا مون شڪايت ڏٺي ان کي نوٽ ڪرايو۔ ۽ شڪايت نوٽ ڪرائي سگهجي ٿي۔ ۽ اهيا سنڌ سلامت جي فورم جي قانوني آزادي آهي۔ رهي ڳالهه ته ڪنهن کي پسند نا پسند ڪرڻ جي ته سائين اهو هر ڪنهن جو حق آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ڀاء سليمان وساڻ ۽ ڀاء عاشق سولنگي صاحب اگر ڪو ٻيو پنهنجي فڪر جي حساب ساب ڪو مضمون لکي يا ڪنهن مضمون سان اختلاف ڪري ته اهو درست آهي باقي هي ممتاز وگهيو ڪري ته اهو درست نه آهي۔ ائين ڇو؟
    ڀاء سليمان وساڻ مان اهو ئي ساڳو ممتاز علي وگهيو آهيان، سنڌ، سنڌي ٻولي سان محبت ڪندڙ ۽ پنهنجي وس آهر ان جي خدمت ڪندڙ۔۔پر ڀاء مذهب به اسان جي زندگي جو حصو آهي ۽ مذهب جو رنگ اسان سڀني ۾ آهي۔ پوء ڪنهن تي ڪهڙي فڪر جو ته ڪنهن تي ڪهڙي فڪر جو۔۽ اهو هر ڪنهن کي حق آهي۔۔۔۔۔۔۔ادا سليمان وساڻ صاحب توهان پاڻ کي ئي ڏسو۔ سابقه اختلافي مذهبي مضمون توهان پاڻ پڙهندا به اچو پيا ۽ پسند نا پسند به ڪندا پيا اچو۔( جنهن جو ثبوت توهان جي پسند نا پسند جي صورت ۾ ان اختلافي مضمون ۾ موجود آهي ۔) توهان صرف پنهنجي ڪا تحرير پوسٽ (تحريري جواب ) نه پيا لڳايو باقي حصو ته توهان پاڻ به ان مذهبي اختلافي مضون ۾ وٺو پيا ۽ اهو به دلچسپي سان۔ پوء ڀلي توهان ان ڳالهه کي مڃون يا نه مڃون، اهو توهان تي ٿا ڇڏيون۔اهڙي ريت ڪجهه ٻيا به دوست هئا۔ جن کي به پسند نا پسند واري سيڪشن مان ڏسي سگهجي ٿو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوست ممتاز وگهيو صاحب۔۔۔ تنقيد ڪرڻ سان اصلاح جا کوڙا پهلو نڪرندا آهن۔۔۔ سڀ کان پهريان ته پنهنجي دلي جذبن جي اظهار ڪرڻ جي مهرباني۔۔ يقينن ان سان توهان دل ۾ آيل شڪايت نما الجهن ٻاهر ڪڍي ورتي هوندي۔۔۔
    سنڌ سلامت تي ايندڙ هر موضوع چاهي اهو معلوماتي هجي، ثقافتي هجي يا وري مذهبي موڪلڻ جي کليل اجازت آهي۔۔۔ بس ان ڳالهه جو خيال رکڻ انتظاميه جو ڪم آهي ته ڪنهن دوست جي دل آزاري نه ٿئي۔۔ اسان لاءِ سنڌ جي انسائڪلوپيڊيا ممتاز وگهيو به اهم آهن ته حقيقتن جي کوجناء ڪندڙ ڊاڪٽر ممتاز قريشي پڻ قابلِ احترام آهن۔۔۔ ۽ نه رڳو اهي ٻئي دوست پر سنڌ سلامت جي سفر جا سمورا ساٿي محترم آهن۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن ڪو پنهنجن عقيدت جي بنياد تي تند ۽ تيز لفظن کي لکندي ڪنهن دوست جي عزت مجروح ڪري وجهي ته انتظاميه ان کي روڪڻ پنهنجو فرضِ اول سمجهي ٿي۔۔۔
    هتي هوئن ته انتظامي رڪن کي ڪنهن به موضوع بشمول اختلافي موضوعن ۾ پنهنجو تبصرو موڪلڻ جي اجازت آهي جيڪا انتظاميه بجاءِ سندس ذاتي راءِ سمجهڻ گهرجي پر جيئن ته ان تي انتظاميه جو ليبل لڳل هوندو آهي ان ڪري هو پنهنجا فرض سامهون رکندي احتياط کان ڪم وٺندو آهي۔۔۔ باقي اختلافي موضوعن کي ڏسڻ هن جي ذميواري ۾ شامل هوندو آهي۔۔۔ جيڪڏهن پسند کان سواءِ ناپسند ڪرڻ جو بٽڻ هجي ته يقين سمجهو ته ڪافي موضوعن ۾ سڀ کان ناپسند ڪندڙ انتظامي رڪن ئي هجن جو انهن کي فورم جي قانونن کان علاوه رڪنن جي عزتِ نفيس وڌيڪ عزيز آهي۔۔۔
    خير توهان مٿي جنهن موضوع جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ان سميت سمورا موضوع ڪنهن رڪن جي درخواست ڪرڻ تي بند نه ڪيا ويندا آهن بلڪه اهي اظهار آزادي تحت تيسين جاري رکيا ويندا آهن جيسين انتظامي رڪن سمجهي ته هاڻي موضوع تڪرار جي انتها تي پيو پهچي ۽ ان کي تالو لڳائڻ ضروري آهي۔۔۔ ۽ هوئن ته موضوع کي تالو لڳائڻ جا اختيار سمورن انتظامي رڪنن کي آهن پر اڪثر اهڙا اختيار صرف مان ئي استعمال ڪندو آهيان۔۔۔
    ڪنهن به موضوع کي بند ڪرڻ وقت انتظاميه طرفان موضوع ۾ تالو لڳائڻ جو مناسب جواز ڏيڻو هوندو آهي۔۔۔ توهان جي ڏسيل موضوع کي ممڪن آهي ته ڪنهن انتظامي رڪن تالو به لڳايو هجي پر جڏهن کيس مناسب جواب ۽ سبب لکڻ جو وقت نه مليو هجي ته موضوع ٻيهر کولي ڇڏيو هجي۔۔۔ جنهن کي توهان نوٽ ڪري ورتو هجي۔۔ ڇو ته جيئن توهان کي وقت گهٽ هوندو آهي اهڙي طرح انتظامي رڪنن کي به وقت گهٽ ملندو آهي۔۔۔
    آخر ۾ هڪ گذارش به ته جيڪڏهن ڪو موضوع انتظاميه طرفان بند ڪيو ويو هجي ته ان کي آخري فيصلو سمجهيو وڃي ۽ اهڙي موضوع کي ٻيهر کولڻ جي ڪوشش نه ڪجي۔۔۔ ها جيڪڏهن جواب ڏيڻ ضروري هجي ته رڪنن کي ذاتي ڪچهري ۾ موڪلجي ٻي صورت ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ جي سنڌسلامت جي ڪوشش به بيڪار ويندي۔۔۔
    بحرحال اميد ته هن تفصيلي جواب مان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جو انتظاميه ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جو ارادو نه ٿي رکي ۔۔۔ ۽ هن موضوع کي به تالو لڳائڻ ۾ حق بجانب آهي۔۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو