ڪجه مشورا مگسي پاران

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪجه مشورا مگسي پاران
    ادا عبدالرشيد سمون صاحب!
    ادا عامر ضياء چارڻ صاحب!
    ۽ٽيم جي ٻين سڀني دوستن کي مون پاران لک لک واڌايون۔
    هي ناچيز ٻارنهن سالن کان انٽرنيٽ هلائيندو پيو اچي لڳ ڀڳ 150 فورمن جو ميمبر به آهي ۽ ڪجه پنهنجا فورم ۽ ويب سائيٽ به سنڀالي پيو۔
    اصل ۾ ڪافي ٽائيم کان سوچي پيو ته سنڌيءَ ۾ ڪو فورم تيار ڪري پر اها بازي سنڌ سلامت کٽي وئي۔هاڻي هن ناچيز کي پنهنجو فورم ٺاهڻ وسري ويو ۽ سنڌ سلامت کي ئي پنهنجو فورم سمجهي ٿو۔
    ان لاءِ ڪجه رايا پيش ڪرڻ چاهيندو مشورن جو مقصد اهو ناهي جو هن فورم ۾ خاميون آهن بلڪه پنهنجي فورم کي سينگارڻ لاءِ ۔

    1 ادا عامر کي عرض ته سنڌي پيڊ جي ڪنهن به بٽڻ تي مائوس رکجي ته اهو شارٽ ڪٽ شو ڪري۔ مطلب اسان بٽڻ تي مائوس سان ڪلڪ ڪري لکي ته وٺون ٿا پر اها خبر ڪيئن پوي ته ڪي بورڊ سان ڪئين لکجي۔
    2 سينئر ميمبر کي (رڪنن جي فهرست) ڏسڻ جي اجازت ڏني وڃي۔
    3 سينئر ميمبر کي ٻين ميمبرن جي پروفائل کي ڏسڻ جي اجازت ڏني وڃي۔
    ميمبرن کي ڦوٽو(اويٽار)هڻڻ جي اجازت ڏني وڃي۔
    4 (تحرير جو آئڪان) ۽ مسڪراهٽون سنڌيءَ ۾ تيار ڪجن۔
    5 لوڪيشن جو ترجمو اوهان (مقام) ڪيو آهي مقام لفظ سنڌي نه آهي سنڌيءَ ۾ مقام قبر کي به چوندا آهن۔ان جو ترجمو ڪري (هنڌ) لکيو وڃي۔
    6 (وي بولٽن 3.6.8 ورجن) کي (وي بليٽن) لکيو وڃي۔
    7 فورم تي ڪنهن به صورت ۾ سيريل نمبر ،ڪريڪ يا ڪي جين وغيره شيئر ڪرڻ جي اجازت نه ڏجي۔
    8 فورم تي پراڻو ٽائيم هلي رهيو آهي نئون ٽائيم رکجي ته بهتر ٿيندو۔
    9 ٽاپ ٽين يا ٽاپ5 اسٽيٽس جو آپشن کوليو و ڃي جنهن ۾ ٽاپ پوسٽر،ٽاپ تحريرون،ٽاپ ميمبر وغيره هجن۔
    10 ڪنهن به ميمبر جي تحريرن ج تعداد 1000 ٿي وڃن ته ان جي باري ۾ اعلان ڪجي ته فلاڻي ميمبر 1000 تحريرون پوريون ڪيون آهن۔


    ستت ئي وڌيڪ مشورا به ڏبا انشاءالله
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ادا مگسي صاحب شل جڙيا هجو اوهان پهنجي قيمتي مشورن سان نوازيو اوهان جا لک ٿورا ادا اوهان جو پهريوم مشورو ادا عامر سان مربوط آهي اهي اهي ئي ان جو جواب ڏيندا

    سينئر ميمبر کي (رڪنن جي فهرست) ڏسڻ جي اجازت ڏني وڃي۔
    ادا فورم سيڪورٽي ڪي مد نظر رکندي ڪري رڪنن جي فهرست کي بند ڪيو ويو آهي ۽ اها بند ئي رهندي

    ۽ سينئر ميمبر کي ٻين ميمبرن جي پروفائل کي ڏسڻ جي اجازت ڏني وڃي۔

    جي ادا اها جي اجازت نه آهي ته ان کي ايڪٽو ڪري ٿا وٺون

    ميمبرن کي ڦوٽو(اويٽار)هڻڻ جي اجازت ڏني وڃي۔

    جي ادا اها اجازت آهي بس جي آئي اف فارميٽ کا سواء اويٽار لا تضوير لڳائي سگهجي ٿي پر وري به ان کي مان چيڪ ڪيان ٿو ڇو ته مون ته اوٽار هيو آهي مان سمجهان ٿو ته اهڙي طرح سڀني کي اجازت آهي ڇو ته يوسر جي اويٽار لڳايڻ سان اڃان به فورم ۾ سونهن ايندي اها يقيني ڳاله آهي

    4 (تحرير جو آئڪان) ۽ مسڪراهٽون سنڌيءَ ۾ تيار ڪجن۔

    ادا انهن کي تيار ڪرڻ ۾ ڪجه وقت لڳندو اها سوچ واقعا تمام سٺي آهي اسان ان جي طرف بلڪل متوجه نه هئاسي انشاء الله جيڪي اسان وٽ ڪجه مسڪراهٽون آهن في الحال انهن کي لڳائي ٿا ڇڏيون ۽ جيڪڏهن اوهان وٽ ڪجه مسڪراهٽوه آهن ته اسان کي ضرور ڏجو

    5 لوڪيشن جو ترجمو اوهان (مقام) ڪيو آهي مقام لفظ سنڌي نه آهي سنڌيءَ ۾ مقام قبر کي به چوندا آهن۔ان جو ترجمو ڪري (هنڌ) لکيو وڃي۔

    جي ادا ان جي ڀرف توجه لاء مهرباني ان کي هاڻي ئي درست ڪري ٿا ڇڏيون

    6 (وي بولٽن 3.6.8 ورجن) کي (وي بليٽن) لکيو وڃي۔

    اوهان جو اهو به قمتي مشورو آهي ان باري ۾ غور کان پوء فيصلو ڪيو ويندو ڇوته وي بلٽن ڪمپني جا ان باري ۾ ڇا قاعدا آهن هڪ دفعو ٻيهر ڏسڻو پوندو ڇو ته اسان جو لائسنس تي اثر پئجي سگهي ٿو قانون جي مخالفت جي صورت ۾ مهنجو ووٽ اوهان جي مشوري کي ئي آهي خير وري به تحقيق لازمي آهي

    ۽ ادا اوهان جا جيڪي ٻيا مشورا آهن اهي به تمام سٺا ۽ قابل توجه آهن جن ۾ ڪجه فورم جي سونهن ۽ فورم جي قاعدي ۽ قانون جي باري ۾ آهن انهن ته به انشاء الله جلد ئي عمل ڪيو ويندو
    ادا واقعا هي فورم اسان سڀني سنڌين جي جان آهي ۽ اوهان ايتري محبت سان هتي اچو ٿا ۽ محنت ڪيو ٿا يقينن اها قابل داد آهي مهرباني اوهان جي قيمتي مشورن جي اسان کي مزيد رهنمائي جو انتظار رهندو تاڪه اوهان دوستن جي رهنمائي تحت ئي فورم ڪي بهتر بڻائي سگهجي مهرباني مٺا
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جا مشورا بهترين آهن انهن تي 80 فيصد عمل ٿي چڪو آهي باقي به وقت سان ٿي ويندو۔ مشورن ڏيڻ جي مهرباني
     
  4. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا همٿائڻ لاءِ اوهانجي مهرباني سنڌ سلامت لاءِ مسڪراهٽون تيار ڪري رهيو آهيان۔
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا مگسي توهان جا مشورا تمام بهترين آهن، اميد ته توهان ادا علي علي جي جوابن مان متفق ٿي ويا هوندا۔
     
  6. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    shal judy hujeen
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو