1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سلام يا حسين عليه السلام۔۔۔۔

'اسلام زنده باد' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2013۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]
    جنهن کان الله تعالى ناپاڪي کي پري ڪري ڇڏيو ۽ کيس پاڪ بڻايو۔۔۔
    جنهن سان محبت رکڻ کي اهلِ ايمان جي لا لازم قرار ڏنو ويو۔۔۔
    جنهن سان صلح يا جنگ کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ سان صلح ۽ جنگ قرار ڏنو۔۔۔۔
    شريعت، طريقت، تهذيب ۽ علم جا چشما جنهن جي گهر مان نڪتا۔۔۔۔
    جنهن جي والدين ۽ خود سندس جي تربيت به پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن پاڻ ڪئي۔۔۔
    جنهن جا وڏا اهڙا هجن جيئن حسين عليه السلام جا هئا۔۔۔۔
    جنهن جي اولاد اهڙي هجي جيئن حسين عليه السلام جي هئي۔۔۔
    ڇا اُن جي دل مال ۽ شوڪت جي محبت ۾ ملوث ٿي سگهي ٿي۔۔۔؟
    ڇا اُن جا قدم شريعت جي خلاف اٿي سگهن ٿا۔۔؟
    ڇا اُن جا هٿ باطل جي بيعت ڪري سگهن ٿا۔۔؟
    ڇا اُن جو سر مبارڪ آمريت جي آڏو جُهڪي سگهي ٿو۔۔؟
    ڇا اهڙو شخص وقت جي تقاضائن کان بيخبر، حالتن جي نزاڪت کان اڻ ڄاڻ ٿي سگهي ٿو۔۔؟
    حقيقت ته اها آهي ته ان جو موقف ئي برحق ۽ ان جو قدم ئي مناسب ترين هو۔۔۔!!
    باطل پرستن هڪ ظلم ته ڪربلا ۾ ڪيو پر ان کان وڌيڪ ظلم اهو به ٿي رهيو آهي ته سندس شخصيت، خدمتون ۽ سندس قرباني جي باري ۾ وسوسا پيدا ڪيا پيا وڃن۔۔!! امام حسين عليه السلام جي عّظيم الشان قرباني کي دنيا جي لالچ ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش سمجهايو پيو وڃي۔۔!!
    محرم جي مناسبت سان هن موضوع ۾ امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي واقعي تي قرآن، حديث ۽ تاريخ مان ورتل معلومات ذريعي دوستن کي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔۔انشاالله۔
     
    22 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,186
    ورتل پسنديدگيون:
    2,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    امام حُسين عليه السلام جي ٻن فرمانن جو ترجمو اوهان جي بارگاه ۾ پيش ٿو ڪجي
    خدايا تون ڄاڻين ٿو ته منهنجو قيام (جهاد) نه سلطنت لاءِ آهي ۽ نه ڪي حصولِ دولت جي لاءِ آهي، بلڪه اسان ته دين جي معاملات کي پيش ٿا ڪرڻ چاهيون ، ۽ تنهنجي شهرن جي اصلاح ڪرڻ ٿا چاهيون، ۽ تنهنجي مظلوم بندن لاءِ امن و امان قائم ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ اهو ٿا چاهيون ته تنهنجي فرضن ۽ سنتن تي عمل ڪيو وڃي۔

    منهنجو خروج نه ته ڪنهن خود پسندي نه اڪڙ نه فساد ۽ نه ئي ظلم لاءِ آهي۔ آءُ ته صرف پنهنجي نانا جي امت جي اصلاح لاءِ خروج ڪيو آهي۔ آءُ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ پنهنجي جد محمد رسول الله ۽ پنهنجي بابا علي ابن ابي طالب عه جي سيرت تي هلڻ ٿو چاهيان۔
    وسلام
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    امام حسين عليه السلام پنهنجي ذات ۾ هڪ اُمت هئا۔۔!!
    امام حسين عليه السلام جي شخصيت ڪربلا جي شهادت جي حوالي سان ڪافي مشهور آهي۔ ان سان عام ماڻهن ۾ اهو تصور اُڀري ٿو ته کين رڳو نسبي شرف حاصل هو ۽ ڪربلا جي اتفاقي حادثي سان امام حسين عليه السلام کي شهرت ملي آهي۔ انکان علاوه حضرت امام حسين عليه السلام ۾ ٻيون ڪي خاص خوبيون ڪو نه هيون پرحقيقت ان جي برعڪس آهي۔
    • امام حسين عليه السلام 5 شعبان 4 هجري ۾ پيدا ٿيا هئا۔ سندن وڏو ڀا امام حسن عليه السلام رمضان 3 هجري ۾ پيدا ٿيو هو۔پاڻ سڳورن جي ظاهري وفات ربيع الاول 11هجري ۾ ٿي هئي۔ اهڙي طرح ٻئي ڀائر پنهنجي پنهنجي زندگي جا 6 ۽ 7 سال سڌو سنئون حضور جن جي زير تربيت رهيا۔
    • ٻنهي جي ڪنن ۾ اذان رسول الله صلي الله عليه واله وسلم جن پاڻ ڏني هئي۔
    • ٻنهي ڀائرن پاڻ سڳورن صلي الله عليه واله وسلم جن جو لعاب مبارڪ چوسيو هو۔
    • ٻنهي ڀائرن جو نالو پاڻ سڳورن صلي الله عليه واله وسلم جن خود رکيو هو۔
    • ٻنهي ڀائرن کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه واله وسلم جن مسلسل پنهنجين دعائن ۾ شامل رکيو هو۔
    • ٻنهي ڀائرن جي پاڻ سڳورن صلي الله عليه واله وسلم جن اهڙي نگراني رکي هئي جو حضرت ابو هريره رضي الله تعالى کان روايت آهي ته جڏهن به کجورن کي لاٿو ويندو هو ته ماڻهو صدقي جون کجورون حضور صلي الله عليه واله وسلم جن جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئا۔ هڪ ڀيري پاڻ سڳورن وٽ کجورن جو ڍير رکيل هو، امام حسن ۽ امام حسين عليه السلام انهن کجورن سان کيڏڻ لڳا، انهي دوران هڪ ( امام حسن ڪما في الصحيح بخاري) کجور کڻي وات ۾ وڌي، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن کين ڏسي ورتو ۽ پاڻ سڳورن اها کجور سندن وات مان ڪڍي فرمايو: ڇا تو کي خبر ناهي ته آلِ محمد صدقو نه کائيندا آهن۔! (صحيح بخاري)
    • ٻنهي ڀائرن کي پاڻ سڳورا صلي الله عليه واله وسلم ڪِرڻ کان ۽ ڌڪن کائڻ کان بچائيندا هئا۔
    • ٻنهي ڀائرن کي رسول الله صلي الله عليه واله وسلم جن هميشه پاڻ سان ڀاڪر ۾ رکندا هئا، کين چمندا هئا، سونگهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته اهي ٻئي منهنجي دنيا جا مهڪندڙ گل آهن۔
    • امام حسين عليه السلام کي خاص طور تي پنهنجو لعاب مبارڪ چوسائڻ جو ئي فيض هو جو مستقبل ۾ ان زبان سان اهڙو حق جو ڪلمو ادا ٿيو جنهن جي مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي۔
    امام حسين عليه السلام حديثون روايت ڪن ٿا۔۔۔
    6،7 سال جي عمر اهڙي آهي جنهن ۾ اگر ٻار ذهين ۽ خداداد صلاحيتن سان هجي ته ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو۔
    • مسند احمد ۽ سنن ترمذي ۾ حضرت امام حسين عليه السلام روايت ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه آله وسلم جن فرمائين ٿا۔
    البخيل من ذڪرت عنده فلم يصل علي
    بخيل اهو آهي جنهن وٽ منهنجو ذڪر ٿئي، پو مون تي صلوات نه موڪلي۔
    • مسند احمد ۾ حضرت امام حسين عليه السلام کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو۔۔
    من حسن اسلام المر ترڪه مالا يعنيه
    حسين مسلمان اهو اهي جيڪو لايعني ڪم کي ترڪ ڪري ڇڏي۔
    هلندڙ۔۔۔
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]
    [​IMG]
    ابراھيمؑ ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.
    الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس.
    (سورت النحل 120،121)
    مٿين قرآني آيت ۾ بيان ڪيل خوبيون الله تعالى پنهنجي خليل حضرت ابراهيم عليه السلام لا بيان ڪيون آهن، جيڪڏهن هزارين سالن کانپو الله تعالى هڪ فرزندِ ابراهيم ۾ به اُهي ئي خوبيون پيدا فرمائي ان کي ابراهيم جي سنت جو شاهد بڻائي ڇڏي ته ان تي ڪهڙي حيراني۔۔!!
    حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ذات ۾ هڪ اُمت هئا، الله جا فرمان بردار هئا، الله جي نعمتن جا شڪر گُذار هئا، الله تعالى کين چونڊيو هو ۽ صراط مستقيم تي هلايو هو۔ ڪربلا جي ميدان مان ته امام حسين عليه السلام ٍجي شخصيت جو سج اُڀريو هو۔
    [​IMG]
    حضرت امام حسين عليه السلام جي جواني حضرت علي ڪرم الله وجه جي زيرِ نگراني۔۔۔۔
    رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ظاهري وفات کانپو ٻنهي ڀائرن جو ننڍپڻ ۽ جواني جو عرصو حضرت علي ڪرم الله وجه جي زيرِ نگراني گذريو۔ان عرصي دوران ٻئي ڀائر نهايت ذوق شوق سان ديني ۽ دنياوي علم حاصل ڪندا رهيا۔ شمائل ترمذي ۾ هڪ روايت آهي ته امام حسن عليه السلام فرمائين ٿا ته مون پنهنجي مامي هند بن ابي هاله رضي الله تعالى عنه کان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جو حليو مبارڪ پڇيو، هند رضي الله تعالى عنه وڏي چاهه سان پاڻ سڳورن جي تفصيل بيان ڪئي ۽ مون کي ڏاڍو اشتياق هو ته مان ان جي زبان سان ٻُڌان۔ (روايت ۾ ان جي تفصيل موجود آهي) امام حسن عليه السلام فرمائين ٿا ته مون (پنهنجي علمي اڳڀرائي خاطر) ڪجهه عرصو اها روايت (پنهنجي دل ۾) لڪائي رکي۔ پو مون اها حديث حسين کي ٻُڌائي ته مون کي خبر پئي ته حسين مون کان پهرين اها تفصيل ماما کان پڇي چڪو هو ۽ ان کان علاوه بابا سائين کان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو گهر ۾ تشريف آڻڻ، ٻاهر تشريف کڻي وڃڻ ۽ روزمره جي زندگي گُذارڻ جا سڀ طريقا پڻ معلوم ڪري چڪو هو۔(شمائل ترمذي)
    هن روايت مان اها به خبر پئي ٿي ته الله تعالى ننڍپن کان ئي امام حسين عليه السلام کي اڳڀرائي ۽ فراست سان نوازيو هو۔
    امام حسين عليه السلام علم ۽ تقوى جي ماحول ۾ اکيون کوليون ۽ سندن پرورش به ان ماحول ۾ ئي ٿي۔ علم جو باب سندن گهر ۾ هو انڪري فطري طور تي پاڻ پنهنجي دور جا شريعت، طريقت ۽ حقيقت جا امام هئا۔
    [​IMG]
    سڀ اصحابي سڳورا امام حسين عليه السلام جي تعظيم ڪندا هئا۔۔۔
    جيتوڻيڪ امام حسين عليه السلام عمر جي لحاظ کان سڀني اصحابي سڳورن کان ننڍا هئا، ان جي باوجود سڀ اصحابي سڳورا سندن تعظيم ۽ احترام ڪندا هئا ۽ سندن اخلاق ۽ ڪردار کي تحسين جي نظر سان ڏسندا هئا۔ حضرت ابو بڪر رضي الله تعالى عنه، حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنه ۽ حصرت عثمان رضي الله تعالى عنه امام حسين عليه السلام جي بيحد عزت احترام ۽ تعظيم ڪندا هئا۔ (البدايه والنهايه)

    ڇا امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام اصحابي هئا۔۔؟
    عظمت اصحابه پنهنجي جڳهه تي هڪ حق آهي پر بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو عظمتِ اصحابه جي ڳالهه ڪري حضرت امام حسين عليه السلام جي شخصيت کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ حقيقت اها آهي ته حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام به اصحابين ۾ شامل آهن، پو انهن تي اعتراص ۽ تنقيد ڇو۔۔۔!!!؟؟
    ڪجهه محدود سوچ وارا ۽ گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو وري اها ڳالهه به چوندا آهن ته اصحابي اهو آهي جيڪو عاقل، با شعور ۽ بلوغت ۾ پاڻ سڳورن جي صحبت ۾ رهيو هجي ۽ تاريخ مان اها ڳالهه ثابت آهي ته رسول الله صلي الله عليه واله وسلم جن جي ظاهري وفات وقت امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام تمام ننڍي عمر ۾ هئا انڪري اهي اصحابي جي رتبي ۾ داخل نه آهن۔
    امام بخاري اصحابي جي تعريف ۾ بيان ڪن ٿا ته۔۔
    من صحب النبي صلي الله عليه وآله وسلم اور آه من المسلمين فهومن صحابه
    (صحيح بخاري)
    جيڪو نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن جي صحبت ۾ رهيو يا پاڻ سڳورن جي زيارت ڪئي ۽ هجي به مسلمان ته اهو اصحابي آهي۔
    ٻين لفظن ۾ ايمان جي حالت ۾ جنهن به پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن کي ڏٺو، پو ويجهي کان ڏٺو هجي يا پري کان، ننڍي عمر ۾ ڏٺو هجي يا وڏي عمر ۾ يا نابينا هجي پر پاڻ سڳورن جي محفل ۾ شريڪ رهيو هو ته اهو اصحابي سمجهيو ويندو۔
    انڪري سڀني مسلمانن کي مڃڻ گهجري ته امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام به اصحابي آهن۔ اگر ڪنهن کي امام بخاري جي ان وضاحت تي به اعتراض هجي ته ان کي وڌيڪ سمجهائڻ محال آهي۔ ان کان علاوه ياد رهي ته امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام کي پاڻ سڳورن جي صحبت جي شرف سان گڏوگڏ حديثون روايت ڪرڻ جو به شرف حاصل آهي۔
    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]
    امام بخاري ڪتاب العلم ۾ هي باب قائم ڪيو آهي۔۔
    باب متي يصح سماع الصغير
    مطلب ته گهٽ عمر واري ٻار جو ٻُڌڻ ڪڏهن صحيح قرار ڏنو وڃي؟
    ان باب ۾ امام بخاري محمود بن الربيع رضي الله تعالى عنه جي هي روايت ذڪر ڪئي آهي:
    مونکي نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اها ڳالهه ياد آهي ته پاڻ ڏول مان پاڻي ڪڍي منهنجي منهن تي گرڙي ڪيائون، مان ان وقت پنجن سالن جو هئس۔ (صحيح بخاري)
    امام بخاري جو مقصد هي آهي ته گهٽ عمر وارو ٻار اگر سمجهدار آهي ته ڀلي اهو 5 سالن جو ڇو نه هجي، ان جو ٻُڌڻ معتبر ۽ ان جي روايت قبول ڪري سگهجي ٿي۔ امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جو عقل، فهم ۽ شعور ڪنهن تعريف جو محتاج نه آهي۔پاڻ سڳورن جي وفات وقت امام حسن عليه السلام جي عمر سوا ست سال ۽ امام حسين عليه السلام جي عمر ساڍا ڇهه سال کان وڌيڪ هئي، ان جي باوجود جوانانِ جنت جي سردارن جون روايتون محدثين صحيح تسليم ڪيون آهن ۽ انهن پنهنجن مجموعن ۾ نقل ڪيون آهن۔ سڀ کان وڌيڪ روايتون امام اهلِ سنت احمد بن حنبل رحمته الله عليه پنهنجي مسند ۾ روايت ڪيون آهن۔
    [​IMG]
    ڇا حضرت امام حسين عليه السلام جي مصيبتن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي۔۔۔؟
    ڪجهه دوستن جي نظر ۾ محرم ۾ڪربلا جي اندر اهلِ بيت رسول، حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي پهچندڙ مصيبتن جو ذڪر ڪرڻ درست نه آهي۔انهن کي هيٺين روايت پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي۔
    هڪ روايت جيڪا ڪربلا جي واقعي سان به تعلق رکي ٿي۔
    امام ابن ماجه رحمته الله عليه پنهنجي سند سان سيده فاطمه بنت الحسين کان ۽ اها پنهنجي والد گرامي امام حسين عليه السلام کان روايت ڪري ٿي ته نبي پاڪ جن فرمايو ته جنهن کي ڪا مصيبت پهچي پو جڏهن کيس پنهنجي مصيبت ياد اچي ۽ هن انا الله وانا اليه راجعون پڙهي ورتو، چاهي اها مصيبت ڪيترو به پهرين آئي هجي ته الله تعالى ان کي اوترو ئي اجر عطا فرمائيندو جيترو مصيبت جي ڏينهن عطا فرمايو هو۔
    (سنن ابني ماجه)
    محرم ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه السلام تي جيڪا مصيبت اچڻي هئي ۽ ان مصيبت سان نه صرف اهلِ بيت پر سڄي امت متاثر ٿيڻي هئي ۽ ان مصيبت جو ذڪر ڏينهن، مهينا ۽ سالن تائين نه پر قيامت تائين ٿيڻو آهي، انهي پس منظر ۾ امام حسين عليه السلام جي زبان سان رسول الله جو هي فرمان مستقل نبوت جي دليل به آهي۔
    مصيبت جي وقت جيڪي انا الله وانا اليه راجعون پڙهندا آهن، اهي قرآن پاڪ جي روشني ۾
    [​IMG]
    اُنھن تي سندن پالڻھار وٽان مھربانيون ۽ ٻاجھ آھي، ۽ اِھي ئي سڌيءَ واٽ وارا آھن.
    (سورت البقره 157)
    رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو جيڪو مؤمن مصيبت جي موقعي ته پنهنجي ڀا سان تعزيت ڪري ٿو ته الله تعالى قيامت جي ڏينهن کيس عزت و ڪرامت جو لباس پارائيندو۔
    (سنن ابنِ ماجه)
    قرآن پاڪ ۽ حديثن مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن جي مصيبتن جو ذڪر ڪرڻ انهن جو احساس ۽ ڏک ظاهر ڪرڻ عين هدايت آهي ۽ ان سان دنيا ۽ آخرت ۾ رحمتون ۽ ڪرامتون حاصل ٿين ٿيون ته پو حضرت امام حسين عليه السلام جيڪي اهلِ بيت رسول آهن انهن جي ۽ انهن جي گهر وارن، سندس ساٿين جي مصيبتن جو ذڪر ڪيڏو نه وڏو اجر رکندو هوندو۔۔۔!!
    [​IMG]
    هلندڙ۔۔۔۔۔۔​
    (امام حسين ۽ واقعه ڪربلا مان انتخاب)
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,186
    ورتل پسنديدگيون:
    2,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    ماشاء الله بهترين سائين ۔
    وسلام
     
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    نبين جي تاريخ جي سڀ کان وڏي قرباني۔۔۔!!!!
    [​IMG]
    هر دور ۾ حق جا سڀ کان وڏا علمبردار نبي سڳورا ئي رهيا آهن ۽ حق جي خاطر هميشه وڏيون وڏيون قربانيون به نبين ۽ سندن اهلِ بيت پاران ڏنيون ويون آهن۔ ڪڏهن انهن محترم خاندانن جو محاسبو، ڪڏهن معاشي تڪليفون، ڪڏهن وطن کان نيڪالي، ڪڏهن ذهني اذيتون ۽ ڪڏهن جانين جو نذرانو۔۔۔!! نبين جي سڄي تاريخ انهن قربانين سان ڀري پئي آهي۔
    پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن ۽ سندن اهلِ بيت اسلام جي بهتري ۽ ان جي جياپي خاطر هر قسم جي قرباني ڏني آهي۔
    جانين جي جيتري وڏي قرباني پاڻ سڳورن جي اهلِ بيت ڏني، اها اگر سمجهجي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن خود ڏني ۽ نبين جي سڄي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي۔۔۔!!
    سيدنا حمزه رضي الله تعالى عنه جي دردناڪ شهادت جو مثال ڪير ڪٿان آڻيندو ۽ سيدنا جعفر وانگر شهيد ٿي طيار جو اعزاز ٻيو ڪنهن کي ملندو۔۔!! اهي شهادتون ڪفر ۽ شرڪ جي مقابلي ۾ هيون۔
    ظلم ، بربريت ۽ ملوڪيت جي مقابلي ۾ پهرين ڪوفي شهر ۾ حضرت مسلم بن عقيل رضي الله تعالى عنه ۽ ان کان پو ڪربلا جي سرزمين تي اهلِ بيت رسول ۽ سندن ڪيترن ئي جانثارن جنهن انداز سان شهادت پيش ڪئي اها وسارڻ جهيڙي نه آهي۔
    شهدا ڪربلا جون عجيب ڳالهيون۔۔۔۔
    • مٺي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي مهڪندڙ گلن کي بُکيو ۽ اُڃايل رکي شهيد ڪيو ويو۔۔!!!
    • اهلِ بيت رسول کي شهيد ڪرڻ کان پو گهوڙن کي سندن پاڪ جسمن مٿان ڊوڙايو ويو۔۔۔!!!
    • شهادتن ۾ عمر رسيده بزرگ، ڳڀرو جوانن سميت ٿڃ پياڪ ٻار به شامل آهن۔۔۔!!
    • عجيب ڳالهه اها به آهي ته اهي شهادتون انهن جي هٿان ٿيون جيڪي ايمان جي دعوى ڪندڙ هئا۔۔۔!!! جيڪي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن تي درود پرهندا هئا۔اهڙي طرح ان قرباني ۾ جسماني شهادتن کانسوا ذهني اذيت به شامل آهي۔۔!!
    شهدا ڪربلا ۾ شامل اهلِ بيت جو درست تعداد۔۔!!
    مختلف ڪتابن ۾ حضور جن جي اهلِ بيت جي جاني قرباني پيش ڪندڙن جو تعداد مختلف بيان ٿيل آهي۔ جيڪو 27 کان 30 تائين آهي۔
    نبين جي سڄي تاريخ ۾ ايتري گهڻي تعداد ۾ خاندان نبوت جي فردن جو شهيد ٿيڻ نٿو ملي۔۔!!
    سانحه ڪربلا ۾ شهادت جي رتبي تي پهچندڙ اهلِ بيت جا نالا ۽ سندن تعداد
    حضرت علي ڪرم الله وجه جا 8 فرزند
    1۔ امام حسين بن علي
    2۔ عباس بن علي
    3۔ جعفر بن علي
    4۔ عبدالله بن علي
    5۔ عثمان بن علي
    6۔ محمد بن علي
    7۔ ابوبڪر بن علي
    8۔ ابراهيم بن علي
    امام حسين جا 3 فرزند
    9۔ علي بن حسين (علي اڪبر جي نالي سان مشهور آهن)
    10۔ علي بن حسين ( علي اصغر جي نالي سان مشهور آهن)
    11۔ عبدالله بن حسين
    امام حسن عليه السلام جا 3 فرزند
    12۔ ابوبڪر بن حسن
    13۔ عبدالله بن حسن
    14۔ قاسم بن حسن
    عبدالله بن جعفر بن ابي طالب جا 2 فرزند
    15۔ عون بن عبدالله
    16۔ محمد بن عبدالله
    عقيل بن ابي طالب جا 4 فرزند
    17۔ جعفر بن عقيل
    18۔ عبدالرحمان بن عقيل
    19۔ عبدالله بن عقيل
    20۔ مسلم بن عقيل (پاڻ ڪوفي ۾ شهيد ٿيا)
    مسلم بن عقيل جا 2 فرزند
    21۔ عبدالله بن مسلم
    22۔ عبدالرحمان بن مسلم
    ابو سعيد بن عقيل جو فرزند
    23۔محمد بن ابي سعيد
    رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو مولي القوم من انفسهم ( مشڪوات مع مرقات4،69 عن الترمذي، النسائي،ابي داؤد) يعني قوم جو مولى ( آزاد ڪيل غلام) انهن ۾ ئي شامل هوندو آهي۔ اهڙي طرح هي ٻه غلام به شهيدِ اهلِ بيت ۾ سمجهيا وڃن ٿا۔
    24۔سليمان بن زرين (غلامِ حسين)
    25۔ منحج بن سهم ( غلام حسن)
    امام حسين جو رضاعي ڀا
    26۔ عبدلله بن بقطر الحميري
    رضي الله عنهم اجمعين
    امام زين العابدين بن علي بن حسين (بيماري جي سبب کان) ، حسن بن حسن بن علي ۽ عمر بن حسن بن علي کي ڪمسن هجڻ ڪري شهيد نه ڪيو ويو ۽ الله تعالى انهن جي وسيلي سان ئي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي نسل جاري فرمائي۔
    حضرت حسن بصري رحمته الله عليه فرمائين ٿا ته:
    امام حسين سان گڏ سندن اهلِ بيت جون 16 اهڙيون شخصيتون شهيد ڪيو ويون جنهن جي مثال ان وقت ڌرتي تي موجود نه هئي۔
    هڪ وضاحت:
    دوستو۔۔مون وٽ هن وقت جيڪي تاريخي ڪتاب موجود آهن انهن ۾اهلِ بيت جا اهي ئي نالا مبارڪ ذڪر ٿيل آهن جيڪي مٿي لکيا ويا آهن۔
    پر ڪربلا جي هڪ سي ڊي ۾ هنن شخصيتن جا مزار مبارڪ به ڏيکاريل آهن۔

    27۔ ابراهيم بن مسلم بن عقيل بن ابي طالب
    28۔ محمد بن مسلم بن عقيل بن ابي طالب

    ان کان علاوه محمد رضا جي لکيل ڪتاب الحسن و الحسين جي محقق ڊاڪٽر احمد ابوالشباب ڪتاب جي صفحي نمبر 134 جي حاشيي ۾ شهدا ڪربلا ۾ هيٺين نالن جو به ذڪر ڪري ٿو۔ اهڙي طرح انهن چئن شخصيتن کي شامل ڪرڻ سان شهدا اهلِ بيت جو تعداد 30 ٿئي ٿو۔

    29۔ عمر بن علي بن ابي طالب
    30۔ ابوبڪر بن حسين بن علي

    تاريخي ڪتابن ۾ شهدا ڪربلا جي نالن ۽ تعداد ۾ گهٽ وڌائي آهي، مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ته تحقيق ۽ جستجو سان درست نالا ۽ تعداد ونڊ ڪريان پر اگر ڪنهن دوست کي ان ۾ تصحيح ڪرڻي هجي ته اجازت آهي۔
    [​IMG]
    شهدا ڪربلا ۾ شامل نالا ۽ اسان لا غور و فڪر۔۔۔!!!
    دوستو شهدا ڪربلا جا نالا اسان جي سامهون آهن۔ انهن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه جي فرزندن ۾ ابوبڪر ۽ عثمان آهن۔۔!! ۽ سندن هڪ فرزند جو نالو عمر به آهي۔ (المرتضى:286) امام حسن جي فرزندن جا نالا ابوبڪر ۽ عمر آهن، امام حسين جي هڪ فرزند جو نالو ابوبڪر آهي۔۔۔!!
    يا الله هي ڪهڙي حقيقت آهي۔۔؟
    اسان جي آس پاس موجود ماڻهو ته اهو سمجهندا آهن ته اهلِ بيت ۽ اصحابي سڳورن ۾ عداوت هوندي هئي، اهي پاڻ ۾ اختلاف رکندا هئا، اهي هڪ ٻئي سان نفرت ڪندا هئا۔۔۔!!!
    اڄ به اصحابي سڳورن سان نفرت ڪرڻ وارا اهي ماڻهو انهن محترم شخصيتن جي نالن کي ٻُڌڻ به پسند نٿا ڪن پر حضرت علي ڪرم الله وجه ، حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي اولاد جا نالا انهن خليفن جي نالن تي رکيا آهن۔ ڇا ڪو دشمن جو نالو پنهنجي اولاد تي رکي سگهي ٿو۔۔۔؟
    ڪجهه ٻيون تاريخي حقيقتون۔۔۔۔
    حضرت علي ڪرم الله وجه حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالى عنه جي بيوه اسما بنت عميس سان نڪاح ڪيو هو ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالى عنه جي پُٽ محمد جي پرورش به ڪيائون۔ حضرت علي ڪرم الله وجه پنهنجي نياڻي سيده اُمِ ڪلثوم جو نڪاح سيدنا عمر فاروق رضي الله تعالى عنه سان ڪيو هو ۽ فتني وارن ڏينهن ۾ امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام حضرت عثمان غني رضي الله تعالى عنه جي گهر جي حفاظت خاطر پهري تي به بيهاريا هئائون۔ (تاريخِ اسلام جا مختلف ڪتاب)
    انهن حقيقتن مان واضح نتيجو اهو ٿو نڪري ته اصحابي سڳورن ۽ اهلِ بيت رسول جي وچ ۾ عداوت، نفرت جون ڳالهيون دشمنانِ اسلام پاران ڦهلايل آهن ته جيئن انهن ٻنهي سان محبت رکندڙ پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهن ۽ مرندا رهن۔۔!!

    هلندڙ۔۔۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سفرِ حسين عليه السلام مڪي پاڪ کان ڪربلا تائين۔۔۔۔۔
    [​IMG] [​IMG]
    حضرت امام حسين عليه السلام مڪي پاڪ کان 3 ذوالحج تي روانه ٿيا (ڪجهه روايتن مطابق 8 ذوالحج)۔ رستي ۾ هڪ شاعر مليو۔ ان کان ڪوفي جو حال پڇيائون۔
    ان شاعر جواب ڏنو: ڪوفين جا دل توهان سان گڏ آهن پر انهن جون تلوارون يزيد سان گڏ آهن۔
    حضرت امام حسين جڏهن 3 ذوالحج تي روانه ٿيڻ لڳا ته سندن خدمت ۾ درخواست ڪئي وئي ته ڪجهه ڏينهن اڃا مڪي پاڪ ۾ گذاريو پر امام حسين عليه السلام جي سامهون رسول الله جو اهو ارشاد هو ته مان ڏسي رهيو آهيان ته مڪي جي حرم جو تقدس قريش جي هڪ شخص جي سبب کان پامال ٿي رهيو آهي، اُن شخص جي وجه کان مڪي ۾ رت وهي رهيو آهي۔
    حضرت امام حسين عليه السلام جن فرمايو ته ممڪن آهي ته مڪي ۾ يزيدي فوج منهنجي گرفتاري لا حملو ڪري ۽ اسان جا حامي دفاع ۾ تلوارون کڻن ۽ اهڙي طرح منهنجي موجودگي جي سبب کان ئي حرمِ ڪعبه ۾ رت وهي ۽ مان نٿو چاهيان ته پنهنجي پياري ناني جي ارشاد جو مصداق بڻجان۔
    [​IMG]


    حضرت امام حسين عليه السلام جن حج جي ڏينهَن کان پهرين ئي مڪي پاڪ کان روانگي اختيار فرمائي ۽ ان شاعر جي گفتگو ٻُڌڻ باوجود اڳتي ڪوفي ڏانهن وڌندا رهيا۔
    رستي ۾ حر بن يزيد تميمي مليو جنهن کي ابنِ زياد هڪ لشڪر ڏئي موڪليو هو ته جتي به امام حسين ملي ته کيس ڪوفي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي ۽ ڪوشش ڪري مون ڏانهن وٺي اچو۔
    حر چيو: حسين ابنِ علي توهان کي خبر پئجي وئي هوندي ته توهان جي سفير مسلم بن عقيل کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ ڪوفي ماڻهو بيوفا ثابت ٿيا آهن۔ اهي توهان جي اطاعت کان ڦري ويا آهن۔ حالات سازگار نه آهن۔ مونکي ٻُڌايو توهان جو ڇا خيال آهي؟ ڇو جو مونکي حڪم آهي ته مان توهان کي ابنِ زياد وٽ وٺي هلان۔
    حضرت امام حسين عليه السلام قافلي وارن سان مشورو ڪيو ۽ اهو طئي ڪيائون ته في الحال ان ميدان ۾ ترسڻ گهرجي۔
    امام حسين جنهن ميدان تائين پهتو هو ان ميدان جي کين خبر نه هئي ته اهو ڪهڙو ميدان آهي۔ اهو دريا فرات جو ڪنارو هو، پاڻ ان خيال سان اتي ترسڻ جو سوچيائون ته پاڻي ويجهو آهي ڪجهه آساني ٿيندي۔اهو ڏينهن پهرين يا ڪجهه روايتن موجب ٻين محرم جو ڏينهن هو۔
    حضرت امام حسين عليه السلام جن ساٿين کان پُڇيو ته هي ڪهڙو ميدان آهي؟ ان جو نالو ڇا آهي؟ انهن ٻُڌايو ته هن ميدان جو نالو ڪربلا آهي۔
    بس اتي ئي خيما لڳائي ڇڏيو، اها ئي اسان جي سفر جي آخري آرامگاهه آهي۔
    ڪربلا جو ٻُڌي حضرت امام حسين عليه السلام کي حضور جن جا اهي فرمان ياد اچي ويا جيڪي پاڻ سڳورن ڪربلا جي متعلق فرمايا هئا۔ (انهن جي تفصيل ڪنهن ٻئي موضوع ۾ ونڊ ڪئي ويندي۔)
    حضرت امام حسين عليه السلام پاڻي کي ڏسي ڪربلا جي ميدان ۾ خيما لڳرايا هئا پر افسوس انهن ظالمن اهلِ بيت رسول کي پاڻي کان به محروم ڪرڻ جو منصوبو بڻائي ڇڏيو۔۔۔!!!
    • ڪربلا ۾ عمرو بن سعد به هڪ وڏي لشڪر سان گڏ ابنِ زياد جي طرفان امام حسين جي قتل جو منصوبو کڻي اچي پهتو۔
    • 8 ڏينهن عمرو بن سعد ۽ ابنِ زياد جي قاصدن کي اچڻ وڃڻ ۾ لڳا۔ ڪجهه مذاڪرات ۽ ڳالهيون ٻوليون به ان دوران هلنديون رهيون۔
    • ابنِ زياد جڏهن اهو سمجهيو ته عمرو بن سعد امام حسين کي قتل ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي ته ان شمر ذي الجوش کي لشڪر ڏئي روانو ڪيو ۽ چيو ته عمرو بن سعد جيڪڏهن حيل حجت کان ڪم وٺي ته ان کي معزول ڪري لشڪر جي قيادت تون سنڀالي وٺج۔
    • جڏهن شمر ذي الجوش پهتو ته عمرو بن سعد کي پنهنجي حڪومت وڃڻ جو اونو ٿيو، انڪري حضرت امام حسين عليه السلام سان جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتائين۔
    • ابنِ زياد جي چوڻ تي 500 يزيدي لشڪرين کي حڪم ڏنو ويو ته فرات تي قبضو ڪريو ۽ امام حسين عليه السلام کي پاڻي جو هڪ قطرو به کڻڻ نه ڏيو۔!!
    [​IMG]

    هلندڙ۔۔۔۔۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,173
    ورتل پسنديدگيون:
    4,371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ۔بيشڪ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هنج مڙوئي هنج ميرو منجهه ناهه ڪو۔۔۔۔۔۔
     
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,186
    ورتل پسنديدگيون:
    2,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي

    قبلاهميشه استعمار انهن طاقتن کي ڇڙ وڃڙ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان رهيو آهي جتان هن جي موت واقع ٿيئڻي آهي اختلاف ضرور آهن پرايڏاناهن جو اسان پنهنجي قوت وڃائيويهيرهون۔
    جزاڪ الله سائين ۔وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا قريشي صاحب خدا جل شانه اوهان کي وڏي ڄمار ڏئي اوهان ته ڪربلا جي زيارت ئي ڪرائي ڇڏي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڪربلا جو واقعو ۽ قرآن
    [​IMG]
    ڪربلا ۾ اهلِ بيت رسول جي قرباني جي مثال پوري انساني تاريخ ۾ نٿي ملي۔ هي اسلام ۽ دنيا جي سڄي تاريخ جو بيحد انوکو واقعو آهي۔ڪربلا ۾ جيڪو به ميدانِ جنگ ۾ ويو شهيد ٿي ويو چاهي اهو 6 مهينن جو ٻار ئي ڇو نه هجي۔۔!!!
    هميشه جنگ ٿيندي آهي ته وڙهڻ وارن مردن مان ڪجهه قتل ٿيندا آهن، ڪجهه زخمي ٿيندا آهن ۽ ڪجهه قيدي ٿيندا آهن۔ جڏهن ته ڪربلا جي جنگ ۾ ايئن نه ٿيو پر سڀ جا سڀ شهيد ئي ٿيا۔۔!!
    [​IMG]
    الله مؤمنن کان سندن سر ۽ مال ھِن ڪري ڳڌا جو پڪ بھشت انھن لاءِ آھي، (اِھي) اُن (انجام) تي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن پوءِ ماريندا (به) آھن ۽ ماربا (به) آھن، جو انجام توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ پڪي طرح ٿيل آھي، ۽ الله کان وڌيڪ پنھنجي انجام کي پورو ڪندڙ ڪير آھي؟ پوءِ جنھن سودي جو اوھان واپار ڪيو آھي تنھن تي خوش ٿيو، ۽ اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.
    [​IMG]
    اِھي توبه ڪندڙ عبادت ڪندڙ ساراھ ڪندڙ (خُدا جي واٽ ۾) مُسافري ڪندڙ رُڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ چڱائيءَ جو حُڪم ڪندڙ ۽ مدائيءَ کان جھليندڙ ۽ الله جي حدن کي نگاہ ۾ رکندڙ آھن، ۽ (اھڙن) مؤمنن کي خوشخبري ڏي.
    سورت توبه 111،112
    [​IMG]
    غور ڪريو۔۔۔
    هنن آيتن ۾ الله تعالى بيان ڪيو آهي ته انهن پنهنجا سر ۽ مالن جو سودو بهشت جي بدلي ڪري ڇڏيو آهي۔ يعني انهن مان هڪ به زنده نه بچندو۔۔!! انهن آيتن کي پڙهي به اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته ڪربلا جي جنگ ٻن شهزادن جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ هئي۔۔۔!! جڏهن ته الله پاڪ چئي رهيو آهي ته اهڙا ماڻهو اقتدار لا نه صرف الله جي رضا لا باطل سان وڙهندا آهن ۽ پاڻ به قتل ٿي ويندا آهن۔ هي الله جو وعدو آهي، جنهن جو ذڪر توريت، انجيل ۽ قرآن ۾ لکجي چڪو آهي۔ الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير پنهنجي عهد کي پورو ڪرڻ وارو آهي۔ بس توهان پنهنجي واپار تي جيڪو توهان الله سان ڪيو آهي خوشيون ملهايو، اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي۔ اهي ماڻهو توبه ڪرڻ وارا، عبادت ڪرڻ وارا، الله جي حمد ڪرڻ وارا، سفر ڪرڻ وارا، رڪوع ڪرڻ وارا، سجدو ڪرڻ وارا ، نيڪ ڪم جو حڪم ڪرڻ وارا، برن ڪمن کان روڪڻ وارا ۽ الله جي مقرر ڪيل حدن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهن۔
    قرآن جي عربي متن تي غور ڪريو ته الساحون چئي ٻڌايو پيو وڃي ته اهي سفر ڪرڻ وارا آهن۔ هاڻ توهان ئي ٻُڌايو ته مديني کان مڪو پاڪ ۽ پو مڪي کان ڪربلا۔ ايترو وڏو سفر حضرت امام حسين عليه السلام کانسوا ڪنهن ڪيو هو۔۔۔؟
    ماڻهو الساحون ڇو نٿا سمجهن۔۔؟ اُهي لڪائڻ ڇو ٿا چاهين۔۔؟
    ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته ڪربلا جي جنگ ۽ اهلِ بيت رسول جي شهادت يزيد جي مرضي شامل نه هئي۔ اها سوچ رکندڙ صرف ايترو ٻُڌائن ته ڪربلا ۾ رسول الله جي گهراڻي کي شهيد ڪرڻ کانپو اهلِ بيت جي خواتين ۽ ٻارن کي قيدي جي حيثيت سان ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر گهمائي ذليل و رسوا ڪندي ڪربلا کان شام تائين ڇو آندو ويو هو۔۔؟ ان وقت شام ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي۔۔؟ اگر اهو سڀ يزيد جي مرضي سان نه ٿيو هو ته پو يزيد رسول الله جي گهراڻي جي عورتن ۽ ٻارن کي پاڻ وٽ شام ۾ قيد ڇو رکيو۔۔۔؟ آخر شام ۾ انهن جون قبرون ڇو آهن۔۔۔؟ اهي عورتون شام ڪيئن پهتيون۔۔۔؟ ۽ يزيد قاتلين حسين عليه السلام کي سزا ڏيڻ بدران انعام اڪرام سان ڇو نوازيو هو۔۔۔؟
    ڇا ڪو ان ڳالهه کان انڪار ڪري سگهي ٿو ته پاڻ سڳورن جي گهراڻي تي ظلم ڪو نه ٿيو هو۔۔۔؟
    ڇا ظالمن لا قرآن جو حڪم نه آهي ته لعنته الله علي الظالمين
    ۽ ڇا آلِ عمران جي آيت 86 ۾ قرآن والله لا يهدي القوم الظالمين چئي اها تصديق نه پيو ڪري ته الله ظالم قوم کي هدايت نه ڏيندو آهي۔؟
    قرآن ته اها ڳالهه پيو ڪري ۽ اڪثر ماڻهو قرآن جي مخالفت ۾ قومِ بنو اميه جي ظلم ڪرڻ وارن کي دعا ڏين ۽ رحمته الله عليه چون ۽ ان جي ظلم جي پرده پوشي ڪن، وري اُهي قرآن ۽ سنت تي هلڻ جي دعوى به ڪن ۽ اهو به چون ته اسان به حضرت علي، بيبي فاطمه، حسن ۽ حسين عليه السلام کي مڃيون ٿا ۽ انهن سان محبت ڪريون ٿا۔۔۔!!!
    ڪجهه ماڻهو رسول ۽ آلِ رسول سان دشمني ۾ ڪربلا جي واقعي کي فرضي داستان چوندا آهن۔ انهن ماڻهن کان صرف ڪجهه سوال ۽ انهن جا جواب اهي پنهنجي ضمير کان پڇي خود ئي حق ئي باطل جو فيصلو ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    • منافق کي ڇڏي ڪري ڪنهن به فرقي جي مسلمان کان پڇو ته آخرت ۾ امام حسين عليه السلام سان رهڻ پسند ڪندؤ۔۔؟ اهو لازمي چوندو ها۔
    • اگر توهان يزيد جي مڃڻ وارن کان پڇندؤ ته آخرت ۾ يزيد سان رهڻ پسند ڪندؤ ته هو چوندو نه۔۔!!
    • يزيد کي جنتي چوندڙ کي سوچڻ گهرجي ته جڏهن جنت جو سردار جنت ۾ داخل ٿيڻ ڏيندو تڏهن ئي ته يزيد جنتي ٿيندو۔ جڏهن هن دنيا ۾ حق ۽ باطل دشمن آهن ته آخرت ۾ دوست ڪيئن ٿا ٿي سگهن،،!!؟؟
    [​IMG]
    الله تعالى آخرت ۾ صرف انهن ماڻهن کي فضيلت ۽ مرتبو ڏنو آهي جيڪي مختلف امتحانن ۾ ڪامياب ٿيا، جن هر قسم جون قربانيون پيش ڪيون۔ حضرت امام حسين عليه السلام کي به جنت جي سرداري ايئن ئي نه ملي آهي۔ ڪربلا جي ميدان ۾ پاڻ جنهن بهادري، همت، جوش ۽ جذبي سان اسلام کي زندهه ڪيائون ، حق ۽ باطل کي جهيڙي طرح وائکو ڪيائون۔ اهو سڄي دنيا لا قيامت تائين هڪ مثال آهي۔ حضرت امام حسين عليه السلام جي اُن ذبحِ عظيم جي ڪري ئي کيس اهو رتبو عطا ڪيو ويو آهي۔
    الله تعالى حضرت ابراهيم عليه السلام کي به سخت امتحان وٺڻ کان پو ئي امامِ ڪائنات بڻايو هو۔ امتحان جي باري ۾ ان واقعي جو قرآن ۾ هن ريت ذڪر آهي:
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    بيشڪ اهو وڏو سخت امتحان هو
    ۽ اسان ان جو بدلو هڪ عظيم قرباني کي قرار ڏنو آهي۔
    ۽ ان جو ذڪر آخري دور تائين باقي رکيو آهي۔
    سورت الصفت 106،107،108
    ان دعوى کي هن آيت جي روشني ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي
    [​IMG]
    اسان ذڪر نازل ڪيو آهي ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون.
    سورت الحجر 9
    هن آيت ۾ الله پاڪ الذڪر چيو آهي۔لفظ قرآن نه چيو آهي۔ قرآن پاڪ جي بلاغت کي ڏسبو ته حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام به ذڪر آهن، زبور، توريت، انجيل ۽ قرآن به ذڪر ۾ شامل آهن۔ حضرت عيسى عليه السلام ۽ حضرت مهدي عليه السلام به ذڪر آهن۔ الله جو آخري رسول صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت علي ڪرم الله وجه، بيبي فاطمه عليه السلام، امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام به ذڪر آهن ۽ اهي ئي اُهي اهلِ ذڪر آهن جن کان علم حاصل ڪرڻ جو چيو پيو وڃي۔۔۔
    [​IMG]
    ۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ رڳا مرد موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چ‍ؤ ته) جيڪڏھن نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.
    سورت االانبيا 7

    ان ڳالهه کي لڪائڻ خاطر يهود ۽ نصارى کان علم حاصل ڪرڻ جو چيو پيو وڃي۔ جن کي قرآن هميشه مسلمانن جو دشمن قرار ڏنو آهي۔ هاڻ جن جي ذڪر کي ورفعنا لڪ ذڪرڪ چئي الله پاڪ پاڻ بلند ڪرڻ چاهي، قيامت تائين جن جي ذڪر کي نماز جهيڙي عبادت ۾ شامل ڪرائي ڇڏي، ان ذڪر کي ڪير ٿو بند ڪرائي سگهي۔۔؟
    ذبحِ عظيم جي آيت ۾ الله تعالى حضرت ابراهيم عليه السلام جي قرباني سان گڏوگڏ حضرت امام حسين عليه السلام جي قرباني جي ياد به قيامت تائين باقي رکڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ ٻئي قربانيون 10 تاريخ تي ٿيون هيون۔ انهي ڪري هر سال سڄي دنيا جا ماڻهو 10 تاريخ انهن جي ياد ۽ انهن جو ذڪر ڪندا آهن۔
    جنهن ذڪر کي الله پاڪ پاڻ بلند ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان کي آخر تائين باقي رکڻ جي دعوى به ڪري ٿو ان ذڪر کي روڪڻ، ان ذڪر کي بند ڪرائڻ جون ڪوششون ماڻهو صدين کان ڪري رهيا آهن ۽ چوندا آهن ته مجلس يا حضرت امام حسين عليه السلام جي مصيبتن جو ذڪر ڪرڻ يا روئڻ بدعت آهي۔ اگر زنده يا مرده تي روئڻ الله کي نا پسند هجي ها ته قرآن ۾ حضرت يعقوب عليه السلام جو حضرت يوسف عليه السلام تي روئڻ جو واقعو بيان نه ڪري ها۔۔ڇا الله جو رسول قرآن جي مخالفت ۾ روئڻ کي منع ڪري سگهي ٿو۔۔؟ مجلس وغيره ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي واقعن جي تفصيل سامهون اچي ٿي انڪري ڪجهه ماڻهو ڪربلا جي واقعي کي هڪ افسانو قرار ڏيندا آهن۔
    ڪاش اسان سڀني جو حشر آخرت ۾ يزيد سان گڏ نه هجي پر حضرت امام حسين عليه السلام سان گڏ هجي۔
    اسان جي عملن جو دارومدار ان تي آهي ته اسان ڪنهن سان محبت ڪريون ٿا ۽ ڪنهن سان نفرت ڪريون ٿا۔ ٻنهي سان محبت منافقت آهي ۽ ان جي سزا جهنم آهي۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    9 ۽ 10 محرم جا واقعا۔۔۔
    [​IMG]
    امام حسين عليه السلام پنهنجي ڀا عباس بن ابي طالب کي 50 جوانن سان گڏ موڪليو ته ٿورو پاڻي کڻي اچن، ڇو جو سڀاڻي جنگ جو ڏينهن آهي۔ وضو لا ۽ پيئڻ لا پاڻي ميسر نه هو۔ معصوم ٻار اُڃ وچان تڙپي رهيا هئا۔حضرت عباس جي فرات جي ڪناري تي يزيدي لشڪر سان جنگ ٿي، پاڻ شديد زخمي ٿيا ۽ بلڪل ٿورو پاڻي حاصل ڪري سگهيا۔
    عمرو بن سعد ۽ شمر ذي الجوش مطالبو ڪيو ته رات جو جنگ شروع ڪئي وڃي۔ امام حسين عليه السلام فرمايو ته جڏهن جنگ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ته اڄوڪي رات الله سان مناجات ۽ اڪيلائي ۾ ملاقات لا ڏيو۔
    بس پو فيصلو ٿي ويو ته سڀاڻي ڏهين محرم تي جنگ شروع ٿي ويندي۔
    رات جو پاڻ پنهنجي خيمي ۾ ويا، سڀ محترم خواتين کي جمع ڪيائون۔ پنهنجي ڀيڻ حضرت بيبي زينب، حضرت شهربانو، ننڍيون شهزاديون، شهزادا، سڄي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي گهراڻي کي ارشاد فرمايائون ته۔۔
    • مان توهان سان مڪمل راضي آهيان ۽ خوش آهيان ته توهان حقِ صداقت، وفا شعاري ادا ڪري ڇڏي۔ قيامت جي ڏينهن مان توهان جي حق ۾ گواهي ڏيندس۔
    • مان توهان کي اجازت ڏيان ٿو ته رات جي اونداهي ۾ جتي وڃڻو هجيوَ، هليا وڃو۔ مونکي ته شهادت جو جام پيئڻو آهي۔ پر مان پاڻ سان گڏ توهان کي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مارائڻ نٿو چاهيان۔
    سڀني عزيزن جون آکيون آليون ٿي ويون۔ سڀني ڏڪندڙ چپن سان جواب ڏنو ته۔۔
    اي امام عالي مقام! اسان پنهنجي جسم جو آخري قطرو به توهان جي قدمن ۾ ڪرائينداسين۔ اگر اڄ توهان کي اڪيلو ڇڏيوسين ته سڀاڻي الله کي ۽ رسول الله کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين۔ اسان توهان جي خاطر ڪٽجي مرڻ لا تيار آهيون۔اسان جون جانيون توهان تي قربان آهن۔ اسان يزيدي لشڪر کي ٻُڌائي ڇڏينداسين ته اهلِ بيت ڪهڙا هوندا آهن۔
    امام عالي مقام سڄي رات صبر جي تلقين ڪندا رهيا، اهلِ بيت جي مقدس خيمن ۾ سڄي رات تلاوت ٿيندي رهي، سجدا ٿيندا رهيا، استغفار ٿيندو رهيو ، ذڪر ٿيندو رهيو ۽ الله جي بارگاهه ۾ مناجات ٿيندي رهي۔
    ٻئي ڏينهن صبح جو پرهه ڦٽي کان ڪربلا جو معرڪو شروع ٿي ويو۔۔!!
    سڀ کان پهرين هڪ ٻئي پُٺيان هڪ هڪ شخص ايندو رهيو ۽ حسيني قافلي جا جوان يزيدي لشڪر کي جهنم ۾ موڪليندا رهيا۔ جنهن کانپو يزيدي لشڪر اجتماعي حملي جو فيصلو ڪري ورتو پر سامهون کان هڪ هڪ جوان ئي ان پوري فوج جو مقابلو ڪندو رهيو۔
    سڀ ساٿي، جانثار شهيد ٿي ويا۔ هاڻ صرف اهلِ بيت نبوت جي گهراڻي جا فرد رهجي ويا هئا۔۔!!
    امام حسين عليه السلام چاهيو پئي ته رسول الله جي خاندان جي ويڙهه مونکان شروع ٿئي۔ پاڻ ميدان جنگ ۾ وڃڻ لا جڏهن تلوار کنيائون ته حضرت علي اڪبر ميدان ۾ اچي ويو۔ عرض ڪرڻ لڳو ته بابا سائين! توهان جو پُٽ جوان آهي۔ جوان پُٽن جي هوندي پي کي اهڙي تڪليف ڪرڻ جي ضرورت نه آهي۔
    حضرت علي اڪبر ميدانِ ڪربلا پهچي جهاد شروع ڪيو۔ سندس تلوار جنهن طرف اٿي پئي يزيدي فوج جا ٽڪرا اُڏامي رهيا هئا۔ پاڻ گجر ۽ موري وانگر انهن کي ڪَٽي رهيا هئا ان دوران سندن گهوڙو زخمي ٿي پيو، حيدري رت ۽ حسيني شُجاعت يزيدي لشڪر کي مصيبت ۽ مشقت ۾ وجهي ڇڏيوهو ۽ انهن جا عضوا آسمان ۾ اُڏمي رهيا هئا۔
    امام حسين عليه السلام جي خواهش هئي ته پنهنجي جوان پُٽ کي پنهنجي نظرن سان وڙهندي ڏسن، پر ميدانِ ڪربلا جي ڌوڙ ۽ مٽي جيڪري اصل ويڙهه لڪل هئي، ڪجهه خبر نه پئي پوي ته ڪير ڪٿي آهي ۽ انهن تي ڇا گُذري رهي هئي۔۔!! بس ايترو اندازو ٿي رهيو هو ته جنهن طرف يزيدي لشڪر ۾ ڀڄ ڀڄان ٿي رهي هئي ته امام حسين ۽ اهلِ بيت جا ماڻهو سمجهن پيا ته حسين جو لاڏلو پُٽ انهي طرف وڙهي رهيو آهي۔ هي حضرت علي حيدرِ ڪرار جو پوٽو، پاڻ سڳورن جو نواسو ڪافي دير تائين يزيدين کي جهنم ۾ موڪليندو رهيو۔
    آخر اُڃ جي شدت ۽ ڪمزوري غالب اچڻ لڳي، جسم تي تمام گهڻا زخم لڳڻ لڳا، انهي دوران پاڻي جي هڪ ڍُڪ ڀرڻ لا حضرت علي اڪبر پنهنجي والد جي ويجهو آيا ۽ چيائون ته بابا سائين!جيڪڏهن پاڻي جو هڪ ڍُڪ ملي وڃي ته تازه دم ٿي ٻيهر حملو ڪريان۔
    حضرت امام حسين فرمايو پاڻي ته ميسر نه آهي پر پنهنجي سڪل زبان تنهنجي وات ۾ وجهي سگهان ٿو۔
    حضرت علي اڪبر امام حسين جي سڪل زبان چُوسي ۽ ڪجهه گهڙيون ساهه پٽي ٻيهر ميدان ۾ پهتو۔
    ڪافي دير تائين وڙهڻ جيڪري سندن جسم تي اڻ ڳڻيا زخم لڳي چڪا هئا۔ انکانپو اهو وقت به آيو جڏهن پاڻ گهوڙي تان ڪريان ۽ هڪ نيزو سندن سيني جي آر پار ٿي ويو۔۔!!
    اچانڪ آواز آئي: اي منهنجا بابا!
    امام حسين بي اختيار ڊوڙي پنهنجي پُٽ کي ڪڇ ۾ کنيو۔ پُٽ عجيب انداز سان پنهنجي پي کي ڏسندو رهيو، عرض ڪيائين۔۔۔
    بابا سائين! جيڪڏهن توهان هن نيزي کي منهنجي سيني مان ڪڍي وٺو ته مان ٻيهر ميدانِ جنگ ۾ وڃڻ لا تيار آهيان۔۔!! توهان جو پُٽ دشمن جي گهڻائي جي باوجود همت هارڻ وارن مان ناهي۔۔!!
    امام حسين عليه السلام پنهنجي ڪڇ ۾ جوان حسين پُٽ کي ، همشڪلِ پيمبر کي ڏسي رهيا هئا۔ جنهن جي جسم جو هڪ هڪ عضوو مٿي کان پيرن تائين زخمن سان چور چور هو۔ پاڻ نيزي کي ڇڪي ڪڍيائون ته رت جو هڪ ڦوارو وهڻ شروع ٿي ويو۔۔!!
    انا للله وانا اليه راجعون۔۔۔!!
    [​IMG]
    (ورتل: شهادتِ امام حسين ، حقائق و واقعات ڪي روشني مين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد طاهر القادري)
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڪربلا ۽ امام حسين جي شهادت۔۔۔!!
    [​IMG]

    امام حسين جڏهن حضرت علي اڪبر کي ڪڇ ۾ کڻي ويٺو هو ته ان وقت سندن عمر 56 سال ، پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن هئي۔ ابنِ عساڪر لکي ٿو ته سندن ڏاڙهي ۽ مٿي جو هڪ وار به سفيد نه هو پر رت جي ان ڦواري کي ۽ جوان پُٽ جي روح کي نڪرندي ڏسي ايترو صدمو ۽ ڏک پهتو جو جڏهن جوان پُٽ جي لاش کڻي واپس آيا ته مٿي ۽ ڏاڙهي جا سڀ وار سفيد ٿي چڪا هئا۔
    عزم، همت، صبر ۽ استقلال جي ان پيڪر، جوان پُٽ جي لاش خيمي ۾ رکيل ٻين شهيدن سان گڏ رکي ڇڏي ۽ پو پاڻ ميدانِ جنگ ۾ وڃڻ لا تيار ٿيڻ لڳا۔ انهي وقت هڪ 9 سال جو ننڍو ٻار تلوار کڻي سامهون آيو۔ هي شهزادو قاسم بن حسن بن علي هو۔ حضرت قاسم کي فرمايائون ته تون منهنجي ڀا حسن جي نشاني آهين تون آرام ڪر! ان جواب ڏنو ته چاچا سائين! مان قيامت جي ڏينهن پنهنجي پي کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس۔؟ هو چوندو ته تنهنجو چاچو شهيد ٿيندو رهيو ۽ تون ڏسندو رهين۔!!نه پهرين منهنجي نڙي تي به تلوار هلي وڃي ، پو توهان جي واري ايندي۔ آخر شهزادو قاسم بن حسن به شهيد ٿي ويو۔۔!!
    اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته حضرت علي اصغر جنهن جي عمر مبارڪ صرف 6 مهينا هئي ۽ هُو اُڃ کان تڙپي رهيو هو ته حضرت امام حسين عليه السلام کين کڻي لشڪرِ يزيد جي سامهون آيو ۽ انهن کان پاڻي گهريائون ليڪن پاڻي جي بدران تير آيو ۽ اهو معصوم ٻار شهيد ٿي ويو۔
    پنهنجي ڪتاب شهادتِ امام حسين ، حقائق و واقعات ڪي روشني مين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد طاهر القادري لکي ٿو ته۔۔۔
    مان ان ڳالهه سان متفق نه آهيان۔ مونکي حسين جي غيرت ۽ حميت ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ نٿي ڏئي۔ ڇو جو حسين جيڪو اسلام جي خاطر اهلِ بيت جي عزت ۽ غيرت جي خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪري رهيو هو، اهو ان ٻار لا يزيدي بدبختن کان پاڻي جي خيرات ڪيئن ٿو گُهري سگهي۔؟ اگر پاڻي گهرڻو ئي هجي ها ته پو حسين کي انهن کان خيرات طلب ڪرڻ جي حاجت ئي نه هئي۔ اهي چاهين ها ته دريا فرات کي هڪ اشاري سان پنهنجن قدمن ۾ وهائي سگهن پيا۔۔!! آسمان ڏانهن اشارو ڪن ها ته مينهن سان ڀريل ڪڪر ڊوڙندا اچن ها ۽ تيز مينهن وسڻ شروع ٿي وڃي ها۔۔!! حضرت اسماعيل بن ابراهيم عليه السلام جي کڙي لڳڻ سان جيڪڏهن زم زم جو وهڪري نڪري سگهي ٿو ته پو مصطفى جي لاڏلي پُٽ جي ضرب ۽ کڙي سان ڪربلا جي ميدان ۾ چشمو ڇو نٿو نڪري سگهي۔۔؟ منهنجو ته اهوعقيدو آهي ته جيڪڏهن هو زمين تي ان ارادي سان پير هڻن ها ته هڪ چشمو ته ڇا ڪربلا جي سڄي رڻ پٽ ۾ هزارين چشما نڪري اچن ها۔۔!!
    هي ميدان امتحان ۽ آزمائش جو هو۔ حسين ته پنهنجي مصيبتن ۽ تڪليفن تي صبر ڪري پنهنجي مولا کي راضي ڪري رهيو هو۔ رسول الله سندن نانو کين ڏسي رهيو هو، جنهن حسين کي پنهنجي ڪنڌن تي سوار ڪيو هو، حضرت بيبي فاطمه ڏسي رهي هئي، جنهن حسين کي پنهنجي ڇاتي جي ٿڃ پياري هئي، علي شيرِ خدا ڏسي رهيو هو ، جنهن جو رت حسين جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهيو آهي۔ سڀني جون نظرون اهو ڏسي رهيون هيون ته اڄ ان مقامِ صبر ۽ مقامِ استقامت تي حسين جا قدم ڪٿي رڪجن ته نٿا۔؟
    حسين بن علي ان حال ۾ صبر ۽ رضا جو پيڪر بڻجي عزم ۽ همت سان مسڪرائي رهيا هئا۔۔!!
    آخر جڏهن امام حسين ميدانِ ڪربلا ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو ته حضرت عابد بيمار نڪري آيا ۽ عرض ڪيائون ته بابا سائين مون تي اهو ظلم نه ڪريو ته منهنجي هوندي توهان ميدان ۾ وڃو۔ مان به ٻين ڀائرن وانگر پنهنجي نانا جو ديدار ڪرڻ چاهيان ٿو، مان به پنهنجي ڏاڏي جي بارگاهه ۾ سرخرو ٿيڻ چاهيان ٿو۔ هاڻ شهادت جو جام پيڻ جي واري منهنجي آهي۔ امام حسين فرمايو: نه تون ترس۔ خاندانِ رسول جو هر ڏيئو وسامجي چڪو آهي، هر گل مرجهائجي ويو آهي۔ هاڻ منهنجي نسل ۾ فقط تون ئي باقي رهجي ويو آهين۔ مون کي ته شهيد ٿيڻو آهي۔ جيڪڏهن تون به شهيد ٿي وئين ته تنهنجي نانا جي نسل ڪيئن هلندي۔ تون پنهنجي نانا جي نسل جي بقا خاطر زندهه رهه۔
    حضرت امام حسين، امام زين العابدين کي ڇڏي پاڻ ميدانِ ڪربلا ۾ ويا۔ ڪافي دير تائين هزارين يزيدين کي جهنم ۾ موڪليندا رهيا۔ سڄي لشڪر ۾ ڪهرام مچي ويو هو۔ علي شيرِ خدا جو هي جوان پُٽ، الله جو شير جنهن طرف تلوار کڻي نڪري پيو ان طرف هزارين ماڻهو ڀڄي جان بچائي رهيا هئا۔ پاڻ ڪيترن ئي يزيدين کي ماريندا رهيا ۽ نيزن جا وار سهندا رهيا۔ اڌ ڏينهن ايئن ئي گُذري ويو۔ خيال آين ته وضو تازو ڪري وٺان۔ فرات جي ڪناري تي ويا ته اتي بيٺل 500 جو لشڪر ڀڄي ويو۔ پاڻ وضو ڪرڻ لا فرات مان پاڻي جو ٻُڪ ڀريائون ته اهو سڄو رت بڻجي ويو۔ پاڻ اهو پاڻي اتي ئي اڇلايائون ۽ واپس موٽي، مسڪرائي آسمان ڏانهن ڏٺائون ۽ سر کي جهڪائي ڇڏيائون۔
    اهوجمعي جو ڏينهن هو۔ پر هاڻ اتي ڪهڙي جمعي جي نماز۔۔!!
    نماز ظهر جو وقت آيو ته فرمائڻ لڳا ته يزيديو! ڪجهه دير ترسو ته الله جي بارگاهه ۾ ٻه سجدا ڪري وٺان۔
    افسوس اهي ظالم اها مهلت ڏيڻ لا به تيار ڪو نه هئا۔ امام عالي مقام انهن جا ارادا ڏٺا ته تلوار رکي ڇڏيائون ۽ ظهر جي نماز جي نيت ڪري نماز شروع ڪري ڇڏي۔
    ظالمن اهو ڏٺو ته نماز پڙهي رهيا آهن، ڪجهه دير وقفو ڪريون پر وري اهو موقعو غنيمت سمجهي چئني پاسن کان چڙهائي ڪري، تيرن جو مينهن وسائڻ لڳا، لاڳيتن حملن سان نواسه رسول جو جسم ساڻو ٿي ويو، پاڻ گهوڙي تان ڪري پيا۔
    سندن جسم مبارڪ ۾ ته اُٿڻ جي قوت به نه رهي هئي پر عجب جو مقام هو ته ڪريل حسين جي اڳيان اچي وار ڪرڻ جي به ڪنهن ۾ همت ڪو نه هئي، سڀ يزيدي پُٺيان کان وار ڪري رهيا هئا۔۔!!
    نيزن سان وار سهندي امام حسين صبر، رضا ۽ توڪل جا سڀ مرحله ڪاميابي سان طئي ڪندي شهادت جي ان مقام تي پهتا جنهن جي عظمت، بلندي تائين ڪير به پهچي نٿو سگهي۔۔۔!!
    سندن روح مبارڪ جڏهن جسم ڇڏيو ته هڪ غيبي ندا آئي۔۔
    حسين هاڻ هلي آ!
    تو صبر کي ڪمال عطا ڪري ڇڏيو
    استقامت کي انتها تائين پهچائي ڇڏيو
    اُمتِ مصطفى جو سر اُوچو ڪري ڇڏيو
    اي حسين!
    اڄ کان تنهنجن قدمن کي بنا لا اله قرار ڏئي ڇڏيو
    اي حسين هاڻ هلي اچ۔!!
    اي روحِ طاهر!
    ارجعي الي ربڪ راضيته
    جنت جا دروازا کوليا ويا، نانا استقبال لا بيٺل آهن۔
    اي حسين!
    تو منهنجو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو
    حضرت بيبي فاطمه الزهره پُٽ کي شاباسي ڏئي ٿي
    علي شيرِ خدا پُٽ کي آفرين ٿا چون۔
    امام عالي مقام جي روح پاڪ ملائڪن جي هڪ هجوم سان الله رب العزت جي بارگاهه ۾ پهچي وڏي عزت ماڻي ٿي۔
    ٻئي طرف ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين جي سر مبارڪ کي سندس ڌڙ کان جدا ڪيو ٿو وڃي۔۔۔!!
    ظالمن جي انتقام جي جذبي کي پو به آرام نٿو ملي۔ سندن جسم مباڪ مٿان گهوڙا ڊوڙايا وڃن ٿا۔۔!!
    ها افسوس ۔۔۔انهن کي اهو خيال به نٿو اچي ته هي اهو سر مبارڪ آهي جنهن کي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن چميون ڏيندا هئا۔
    هي اهو پاڪ جسم آهي جيڪو رسول الله پنهنجي ڪنڌن تي سوار ڪري، پنهنجي پٺي ته ويهاري گوڏن ڀر هلندو هو۔۔!!


    سلام آلِ خون پر۔۔۔۔
    سلام جسمون سي جُدا ڪرديي جاني والي اعضا پر۔۔!!
    سلام نيزون پر اُٺائي جاني والي سرون پر۔۔۔!!!
    سلام پرده دار اور باعزت خواتين پر۔۔!!
    سلام حجتِ پروردگارِ عالم پر۔۔۔!!
    سلام آپ اور آپ ڪي پاڪيزه آبا اجداد پر۔۔۔!!
    سلام آپ اور آپ ڪي شهيد هوني والي فرزندون پر۔۔!!
    سلام تمام اهلِ بيت پر۔۔!!
    سلام وصلوات ابا عبدالله حسين و اولادِ حسين و اصحاب الحسين۔۔!!
    سلام يا حسين عليه السلام۔۔۔!!
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,186
    ورتل پسنديدگيون:
    2,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا خدا وندِمتعال اوهان کي اجرِ عظيم عطافرمائي اوهان جنهن نظر سان هي احوال بيان ڪيو آهي اوهان جس لهڻو۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سلام ياحسين...!!!

    [​IMG]
    [​IMG] [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. مهوش شيخ

    مهوش شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    سبحان الله
     
  18. ايم رفيق کوسو اسد عالم

    ايم رفيق کوسو اسد عالم
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2014
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    مٺو زهر ڇا آهي ڪنهن کي خبر آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟


    ادا قيرشي صاحب اوهان کي ته ضرور خبر هوندي
     
  19. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
  20. ايم رفيق کوسو اسد عالم

    ايم رفيق کوسو اسد عالم
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2014
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    مان وري به هن سوال کي ورجايان ٿو

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو