8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو: جيئي سنڌ
    ٻه ٽي ڏينهن غير حاضر رهيس جنهن جي معافي ٿو وٺان ۔ ان هوندي به سنڌ سلامت جي حقير ڪارڪن جي حيثيت سان مان پنهنجي ذميورين کان غافل ڪونه هُئس هتي ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جي حوالي سان واحد سرگرم ناري ڊوليپمينٽ آرگنائزيشن 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو، جنهن ۾ شهر عورتن هڪ شاندار ريلي ڪڍي ۽ عورت ميلو جي حوالي سان هڪ رنگا رنگ پروگرام مرتب ڪيو، توهان سان هڪڙي ڳالهه اها شيئر ڪندو هلان ته ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي چيئرپرسن محترما شبانه امتياز جي خصوصي دعوت تي شهر ڪراچي مان سول سوسائٽي جون عورتون جيڪي مختلف اين جي اوز ۽ عورتن جي حقن واسطي پاڻ پتوڙيندڙ تنظيمن سان لاڳاپيل هيون جن جو تعداد لڳ ڀڳ ٻه سئو جي تعداد ۾ هو ٻن بسن ۾ سوار ٿي ٽنڊو محمد خان جي عورتن سان هم قدم ٿي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ عورت ميلا ۾ شرڪت ڪرڻ آيون هُيون۔ جڏهن ڪراچي مان آيل عورتن جو قافلو شهر جي مشهور اقصى چوڪ تي پهتيون ته شهر ٽنڊو محمد خان جي عورتن محترما شبانه امتياز جي سرواڻي ۾ انهن جو شاندار استقبال ڪيو. ڪراچي مان آيل عورتن جي هٿن ۾ عورتن جي حقن جي باري ۾ لکيل مختلف قسم جا بينر پمفليٽ ۽ پلي ڪارڊ هُئا. اقصى چوڪ کان اهي پيرين پنڌ ريلي جي صورت ۾ عورت ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نظر محمد شاهه دولهه جي پڙ ۾ پهتيون جتي عورت ميلو لڳايو ويو هو. ان موقعي تي 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪڙو مقالو جيڪو محترما شبانه امتياز پاران ورهايو ويو هو. هتي توهان سان شيئر ڪيان ٿو. ان مقالي جي ڪمپوزنگ صرف سنڌ سلامت لاءِ مون ڪئي آهي.

    عورت جي وجود سان ئي ڪائنات جي هر گُل ۾ رنگ آهن، عورت جي وجود سان ئي زماني ۾ خوشبو پروان چڙهي آهي ۽ اُجالا روشن ۽ منور ٿيا آهن.
    شبانه امتياز،چيئر پرسن ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان​


    الله تعالى انسان کي اشرف الخلوقات جو شرف عطا ڪيو آهي. انسان جي شرف ۽ عظمت ۾ مرد سان گڏ عورت جو به هڪ اعلى مقام آهي. جيستائين ڪائنات جو وجود قائم آهي ته مرد ۽ عورت جو وجود به قائم رهندو هڪ عورت جا ڪيترائي روپ آهن.ڪڏهن هُوءَ ماءُ جي روپ ۾ محبت ڪري ٿي ته ڪڏهن ڀيڻ جي روپ ۾ گهر جي عزت بڻجي ٿي. ڪڏهن هُوءَ ڌيءَ جي روپ ۾ اکين جو نور بنجي ٿي ته ڪڏهن زال جي روپ ۾ سهارو بڻجي ٿي. عورت هر لحاظ کان معزز آهي، مذهبي ، سماجي توڙي انسانيت جي ناتي سان پڻ. پر اڄ جي ترقي يافته دؤر ۾ اخبارون عورتن تي ٿيندڙ ظلمن سان ڀريون پيون آهن.ڪٿي ڪو غيرتي ڀاءُ پنهنجي نماڻي ڀيڻ کي قتل ڪري غيرتي پُٽ سڏائي معاشري جي منهن ۾ دوڙ وجهي هنبوڇيون هڻندو نظر اچي ٿو ته وري ڪٿي مُڙس پنهنجي ازلي ۽ نام نهاد حاڪميت کي برقرار رکڻ واسطي پنهنجي وفا شعار زال جو ڳلو ڪپي، انسانيت جي منهن ۾ چماٽون هڻي ڀنگڙو ناچ ڪندو نظر اچي ٿو، ڪٿي وري ڪو سڪيلڌو پُٽ ڪنهن گُلن جهڙي ڪومل عورت جي مُنهن تي تيزاب هاري بيشرمائي سان هو جمالا ڳائيندو نظر اچي ٿو ته ڪٿي وري ڪنهن معصوم نياڻي جا وار جيڪي ان نياڻي جي قدرتي سُونهن جا سڀ کان وڏا علمبردار هوندا آهن اهي وار ڪٽي ڪائنات جي حُسن سان کلواڙ ڪري بي حيائي وارو کيل کيڏندو نظر اچي ٿو ته وري ڪٿي نام نهاد راڄوڻي فيصلن ذريعي 12 يا تيرهن سالن جي نياڻي کي ڪنهن 60 يا ستر سالن جي پوڙهي يا ڪنهن مواليءَ سان پرڻايو وڃي ٿو. ته ڪٿي وري ڏند چٽيءَ عيوض يا ڪجهه پيسن جي خاطر عورت کي کپايو وڃي ٿو. اهڙيون ڳالهيون پڙهندي مونکي حيرت ٿيندي آهي ۽ سوچيندي آهيان ته ڇا اها عورت ئي آهي جيڪا انسان جي وجود ۽ بقا جوسبب آهي. تڏهن منهنجي دل مان آواز ايندو اهي ته نه عورت ته عورت ته وڏي اعلى مقام واري آهي، عورت ته ماحول کي معطر بنائڻ واري هستيءَ جو نالو آهي. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا اڄ جو دؤر به قديم دؤر وانگر آهي. جنهن ۾ مرد هميشهه عورت کي گهٽ ۽ پنهجي مال ملڪيت جو حصو سمجهند هُئا. ايتري قدر جو هو پنهنجي زال کي بنا ڪنهن سبب جي بي گُناهه ماري قتل ڪرڻ جو به حق رکندا هُئا. ان دور ۾ عورت کي ڪنهن قسم جي ڪابه اهميت ڪانه هوندي هُئي. عرب معاشري ۾ ته عورت کي حقير ترين سمجهيو ويندو هو.جنهن گهر ۾ ڌيءَ ڄمندي هُئي اهي شرمندگي محسوس ڪندا هُئا، ڪيترائي ماڻهو نياڻي پيدا ٿيڻ وقت اُن کي زنده دفن ڪري ڇڏيندا هُئا ۽ سمجهندا هُئا ته هاڻي اسان شرمساري ختم ڪري ڇڏي ۽ هاڻي عزت سان زندگي بسر ڪنداسين. مصر ۾ ته عورت کي جانور سمجهيو ويندو هو،، عورتن لاءِ جانورن وانگر منڊيون کُلنديون هيون، جن ۾ عورتن کي کپايو ۽ خريديو ويندو هو ۽ سرِ عام عورتن کي بازارن ۾ نيلام ڪيو ويندو هو. يورپ ۾ به عورت جي ڪابه عزت ڪانه هوندي هُئي. عورت کي گناهن ۽ بُرائين جي جڙ سمجهيو ويندو هو ۽ چوندا هُئا ته جيڪو عورت جي عزت ڪندو اهو دوزخي آهي. پر جڏهن دين اسلام آيو ته عورت کي ٿوري گهڻي عزت جي قابل سمجهيو ويو. ڏٺو وڃي ته عورت مرد جي برابريءَ جي حقدار آهي. پر خبر ناهي ڇو؟ ان کي گهٽ کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. هر سال 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو پر افسوس ان هوندي به عورتن کي حد کان وڌيڪ ظلم جو نشانو بنايو ويندو آهي. اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته هر روز ڪروڙن جي تعداد ۾ عورتون ويچاريون بُک تي سمهي پون ٿيون. فيبروري 2010 جي رپورٽ موجب سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ 48 عورتن جو قتل ٿيو، 195 عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. نومبر 2009 جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 7571 عورتن تي تشدد جا واقعا ٿيا. جنهن مطابق 1897 عورتن کي قتل ڪيو ويو، 1784 عورتن کي زبردستي اغوا ڪيو ويو، 778 عورتن سان زبردستي جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي ۽ سوين عورتن جي منهن تي تيزاب هاري قدرت جي سُونهن عورت جو چهرو داغدار ڪيو ويو. اهڙي طرح پنجاب ۾ عورتن تي تشدد جا 4416 ڪيس ، سنڌ ۾ 1390 ڪيس، سرحد ۾ 779 ڪيس ۽ بلوچستان ۾ 767 ڪيس ۽ جڏهن ته صرف پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ۾ عورتن سان ڏاڍائين وارا 209 ڪيس رجسٽر ٿيا. اهي انگ اکر ته اخبارن يا ميڊيا ذريعي گڏ ڪيا ويا آهن پر جيڪڏهن اسين پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙائينداسين ته ڪافي سارا عورتن تي تشدد ۽ وحشتپڻي وارا واقعا غربت ، بي ڪسي ۽ مفلسي سبب رجسٽر نه ٿي سگهندا آهن. جنهن مان معلوم ٿيو ته اڄ به اسان جي معاشري ۾ عورتن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. اڪثر ڳوٺن ۾ اسپتالن جي اڻاٺ سبب 30 هزار عورتون موت جو شڪار بنجن ٿيون. ننڍين ننڍين ڳالهين تي عورتن مٿان تيزاب هاريو ٿو وڃي. آخر ۾ مان اهو ئي چوندس ته عورت جي عزت ڪرڻ، احترام ڪرڻ ، اُن جي حفاظت ڪرڻ، اُن جو خيال رکڻ، ان جي خواهشن ۽ احساسن کي سمجهڻ هر انسان جو فرض آهي. ڇاڪاڻ ته عورت سُونهن آهي، عورت وفا آهي، خُدارا عورت کي خُدا تعالى جي طرفان موڪليل هڪ حسين ترين تحفو سمجهيو وڃي، خُدارا عورت صرف ۽ صرف توهان جي محبتن ۽ پيار جي حقدار آهي، خُدارا کيس صرف هڪ رانديڪو سمجهي ڪجهه دير اُن سان کيڏي وري ان کي ٽڪرا ٽُڪرا ڪري ڪائنات جي هن حسين سونهن کي تباهه ۽ برباد نه ڪيو وڃي..

    هاڻي پيش آهي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ٽنڊومحمد خان ۾ نڪتل عورتن جي ريلي ۽ عورت ميلو جي تصويري ڪهاڻي
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    زبردست اداlajwab-sharing
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    پيارا ڀاءُ توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن غريباڻي پوسٽ کي زبردست چيو۔ هن رنگا رنگي تقريب جا کوڙ سارا وڊيو جيڪي سنڌ سلامت لاءِ سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون ڀريا هُئا سي پڻ ايڊيٽنگ جي آخري مرحلن ۾ آهن جيئن ئي اهي وڊيو ايڊيٽنگ جي مرحلي مان گُذرندا سي پڻ ونڊ ڪندا سين۔ هن تقريب جون اڃان به ڪجهه تصويرون رهن ٿيون جيڪي ونڊ ڪري رهيو آهان
    [​IMG]
    [​IMG]
    هن تقريب ۾ شامل معصوم نياڻيون پڻ عورت ميلا جي هر پروگرام کي تمام گهڻي خوشيءَ سان ڏسي رهيون آهن​

    [​IMG]
    جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي عورت ونگ جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي عورت ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي ويوز بُڌائي رهي آهي​

    [​IMG]
    ڀيڻ ثمينه خاصخيلي ۽ ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي جنرل سيڪريٽري محترما نصرت ميمڻ خوشگوار موڊ ۾​

    [​IMG]
    محترما شبانه امتياز آپا سيما قمبراڻي کي انعام ڏئي رهي آهي​

    [​IMG]
    مس ناياب قمبراڻي کي به سندس تمام گهڻي محنتن عيوض انعام مليو​

    [​IMG]
    هڪڙي معصوم نياڻي هڪ گيت ٻُڌائي رهي آهي
    [​IMG]
    هڪڙي محترما عورت ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي​

    [
    [​IMG]
    ايڇ ڊي ايف جي خاتون ڪارڪن محترما فرح بلوچ کان سنڌ سلامت لاءِ عورت ڏينهن جي حوالي سان پڻ انٽرويو ورتم دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته هن تصويري ڪهاڻي ۾ محترم عبدالغفور سمون سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين جيڪو حيدرآباد جي هوسڙي کان پڻ آيو هو ان جي پڻ هن تقريب جي فوٽو گرافيءَ ۾ تمام گهڻي محنت شامل آهي​
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    تمام سٺي رپورٽنگ ٿيل آهي ۔۔۔ مهرباني ادا ناز،
    اسانکي (عورتن ۽ مردن کي) ديني ۽ سماجي ذميوارين جو احساس ٿئي ۽ انهن جي صحيح سمجهه اچي وڃي ته۔۔۔ نه عورت تي ڪو ظلم ٿئي نه مرد سان ڪا بيوفائي ۔۔۔
    جن گهرن ۾ ۽ سماجن ۾ عورتون ۽ مرد پنهنجا پنهنجا فرض ۽ ذميواريون گهربل ماحول مطابق ادا ڪنٿا ۔۔۔ اتي اڄ به اهڙا مسئلا نه هجڻ جي برابر آهن جهڙا اسانجي ماحول ۾ ڪثرت سان نظر اچنٿا ۔۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    پيارا ڀاءَ توهان منهنجي رپورٽ کي سُٺي چئي منهنجي همت افزائي ڪئي آهي، بس دوست جيستائين دنيا آهي، دنيا ۾ وسندڙ عورت چاهي مرد جو وجود باقي آهي، ته اهي مسئلا سدائين رهندا، پوءِ ڪٿي مرد مظلوم ته ڪٿي عورت ظالم ۽ ڪٿي وري مرد ظالم ته عورت وري مظلوم۔
    ڪهڙو چهرو سنڀارجي هاڻي
    ڪهڙو قصو وسارجي هاڻي
    پاڻ ئي پنهنجو درد ڄاڻون ٿا،
    پاڻَ کي ئي پُڪارجي هاڻي (اياز گُل)​
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    سائين سماج جي اهم تقريبات جي اهڙي سٺي رپورٽنگ ڪرڻ تي اسين اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔ مون وٽ ته لفظ نه آهن جو اوهان جي هن ڪاوش جي تعريف ڪري سگهان
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    پيارا ڄامشورائي مست سائين لفظ ڳوليو لفظ ڳولڻ کان سواءِ سنڌ سلامت جي محبت ڀري ڳاڏي هلي ڪونه سگهندي، باقي تعريف ته تون صرف سهڻي ۽ مٺي رب سائين جي ڪر، جنهن توکي بنايو آهي، مونکي بنايو آهي، ساري جڳ کي بنايو آهي ۽ ها ها موسمي ٻٽيري کي به ٺاهيو آهي۔ مهرباني جو توکي اسان جِي هيِ غريباڻي پوسٽ وڻي
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    سائين لفظ ڳولڻ ۽ انهن کي سِٽن جي صورت ڏيڻ اهو اوهان اديبن ۽ شاعرن کي جڳائي۔۔۔ اسان مستن کي ڪهڙي ٿا معيار ڏيو۔۔ مست ڇا ڄاڻي لفاظي مان۔۔۔
    سائين تعريف جي لائق جيڪا شئي ٿئي ٿي ته ان جي تعريف نه ڪرڻ نا انصافي آهي۔۔۔ توهان جو ڪم تعريف کان مٿانهون آهي۔۔ مڙئي ٻه لفظ لکي اسين يوسف جي خريدارن ۾ ٻُڍڙِيءَ وانگيان نالو پيا لکرايون نه ته توهان جي هن انٽرنيشنل ڪم جي هي علائقائي مست تعريف ڪٿي ٿو ڪري سگهي۔۔۔
    سائين موسمي ٻٽيري جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ ته ڏجو۔۔ مون کي ڪابه خبر نه آهي ان جي باري ۾ نالو ئي اڄ ٻڌو اٿم۔۔۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    مٺا مست زبردست ! يار موسمي ٻٽيرو اهو پاڻ وارو جُواني ۾ جهونو ٿيل انٽرنيشنل فقير علي علي آهي، جيئن تون ڄامشورائي مان مست ٿيو آهين، تيئن علي علي به پاڻ کي موسمي ٻٽيرو پيو ڪوٺائي۔
    باقي تون پاڻ کي مست سڏائي واهه جِي جان ڇڏايو وڃين۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    سائين فڪر نه ڪيو۔۔ توهان جهڙن اديبن جي ڇپر ڇانءُ ۾ رهياسين ته پوءِ مست جي مستي هلي ويندي، ۽ ڄامشوري جون تيز هوائون مست ۽ سندس مستيءَ کي کڻي ڪاٿي نه ڪاٿي ڦهه ڪنديون۔۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ريلي ۽ عورت ميلو

    يار ڏاڍيون پيو ٻُڌائين مستن جي مستي خدا نه ڪري وڃي مستن ڦهڪو ڪيا ته سمجهو اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر هلي چُريا، بهرحال ان ڳالهه مان اها به خبر پئي ته توهان اسان ٽي درجي وارن شاعرن سان ڪيترو پيار ٿا ڪريو۔ اسان جي دُعا اٿئي مٺا ته شال سدائين تنهنجي اها محبتي مستي برقرار رهي ۽ اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر توهان جهڙن مستن لاء سدائين شاعريون لکندا رهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو