ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2013۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    اندر روح رهيام
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    جون ڪجھ ساروڻيون
    مون جڏهن ادبي دنيا ۾ اک پٽي ته ان وقت پنهنجي چوڌاري ادبي حوالي سان جيڪي ليجينڊ شخصيتون نظر آيم انهن ۾ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگھان ٿو. محققن، دانشورن ۽ تعليمي ماهرن ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، قربان علي بگٽي، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، پروفيسر الھ بخش تونيو ۽ سيد خادم حسين شاھ جا نالا نمايان آهن. شاعريءَ جي دنيا ۾ عبد عاقلي، حاجي علي بخش جمالي، عبد الله اثر،غلام عباس جوش قادري، محمد علي جوهر، لقمان حڪيم وغيره ان دور جا وڏا نالا شمار ٿي ٿيا.
    منهنجي اها خوش نصيبي آهي جو مٿين مڙني هستين سان منهنجو آهستي آهستي نيازمنديءَ جو رستو قائم ٿي ويو. مختلف علمي ادبي پروگرامن ۾ انهن کي ٻڌڻ ۽ کانئن سکڻ جو موقعو مليو، ۽ هوريان هوريان پاڻ به انهن جي حلقي ۾ شامل ٿي ويس. مون سان گڏ يا ٿورو پوءِ لاڙڪاڻي مان ادب جي هڪ وڏي کيپ سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو جن ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر عبد الغفور ميمڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ذوالفقار راشدي، قلندر بخش بدوي، ناظم چانڊيو، ذوالفقار سيال، افضل قادري ۽ ٻيا انيڪ ليکڪ شامل آهن.
    جنهن علمي شخصيت کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هي ٻه اکر تحرير ڪيا اٿم ان سان منهنجون ڪافي خوبصورت يادون وابسته آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي جي شخصيت گھڻ رخي هئي. هو هڪ ئي وقت محقق، نقاد، مورخ، عالم ۽ دانشور هو، سندس تحرير توڙي تقرير مفصل ۽ مدلل هوندي هئي. جڏهن به ڪنهن تقريب ۾ ڳالهائيندو هو ته هال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي ۽ سامعين ۽ حاضرين انتهائي غور سان خطاب ٻڌندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جو مطالعو وسيع هو. سندس ذاتي لئبريري معيار توڙي مقدار جي حوالي سان تمام خوبصورت هئي. جتي ڇاپي ڪتابن کان علاوه ڪيئي ناياب قلمي نسخا پڻ موجود هئا.
    ڊاڪٽر صاحب علم جي ونڊ ورڇ جي حوالي سان دريا دل شخص هو. اڪثر سندس اوطاق تي ماڻهو موجود هوندا هئا. سال 1968 ـــ 1967 ۾ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪري رهيو هيس، جڏهن به ڪنهن سوال ۾ منجھندو هيس ته ڊاڪٽر صاحب ڏانهن هليو ويندو هوس. پاڻ نهايت شفقت ڀريي انداز سان منجھيل سوالن جا تفصيلي جواب سمجھائيندو هو. سندس سمجھائڻ جو انداز به عالمانه هوندو هو. آخر مون 1968 ۾ ايم. اي جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيم.
    سال 1969 ۾ آءٌ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار طور انٽرويو ڏيڻ لاءِ ويس جتي ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ان وقت سنڌي شعبي سربراھ هيو، ان انٽرويو جي اميدوارن ۾ ٻين کان علاوه مولوي عبد الله اثر به شريڪ هو. اثر صاحب جي علمي حيثيت جو مان اڳ ۾ ئي مداح هيس، سو نتيجو ظاهر پيو هو. پر ايترو ضرور ٿيو جو خبر پئي ته اثر صاحب کان پوءِ ٻئي نمبر تي منهنجون مارڪون هيون، جيتوڻيڪ ڪن سببن ڪري اثر صاحب اها نوڪري نه ڪري سگھيو پر مون کي به آرڊر ملي نه سگھيو.
    1970 ۾ پي ايڇ ــ ڊي جو عزم ڪيم. اهڙي همٿ افزائيءَ جو ڪارڻ پڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ صاحب ئي هيو، جنهن کي شايد مون ۾ ڪي داڻا نظر آيا. منهنجي وڏي خوش بختي هئي جو مون کي منهنجي ئي شهر ۾ رهبر ملي ويو. مون ڊاڪٽر صاحب کي گائيڊ ٿيڻ لاءِ گذارش ڪئي، پاڻ تمام خوشيءَ جو اظهار ڪيائين ۽ آءٌ ريسرچ جي حوالي سان سندس شاگرد بڻجي ويس. مقالي جو موضوع اتفاق راءِ سان طئي ڪيو، جيڪو نهايت خوبصورت ۽ گھڻي محنت طلب هيو. موضوع هو: ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تاريخي اهڃاڻ“. عمر جي حوالي سان پاڻ ۾ ايتري سگھ ڀانئيم ته موضوع سان نڀاءَ لاءِ جر ٿر هڪ ڪبو، ان بهاني اهي سمورا تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ جو موقعو ملندم جتي جتي لطيف سائين پير گھمايا آهن. سنڌ يونيورسٽي اٺ مهينا انتظار ڪرائڻ کان پوءِ ليٽر موڪليو ته اوهان ڪو ٻيو موضوع اختيار ڪيو، ڇالاءِ ته اهو موضوع ڪنهن محترمه کي اڳواٽ ئي مليل آهي. يونيورسٽيءَ طرفان ايتري انتظار کان پوءِ اهڙي جواب تي ڊاڪٽر صاحب کي به ڪافي ڏک رسيو. افسوس اهو اٿم ته مذڪوره موضوع تي هن وقت تائين ڪنهن به اسڪالر پي ايڇ ــ ڊي ڪانه ڪئي آهي.
    60 واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ جيڪي ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ انهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ موجود جيڪي برک اديب ۽ دانشور شرڪت ڪندا هئا، تن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي کان علاوه ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلو، الف.ب.ت ميروخاني، پروفيسر عبد المنان چانڊيو، سيد خادم حسين شاھ شامل هوندا هئا. وڏا علمي ادبي بحث ٿيندا هئا، هر ڪو پنهنجي ڄاڻ جي کاڻ مان علم جي ونڊ ڪندو هيو. آءٌ به انهن بحثن مان ڪن ۾ شريڪ رهيس. گھڻو ڪري انهن بحثن جا موضوع سنڌي ٻوليءَ جون نزاڪتون ۽ لطافتون، لوڪ ادب ۽ ادب جي نون پراڻن رجحانن جي ڇنڊ ڇاڻ وغيره هوندا هئا. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي مون انهن ڪچهرين ۾ سدائين علمي ثبوت ۽ پختي دليل سان ڳالهائيندي ڏٺو.
    سن 1982 ۾ اسان لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي تنظيم جوڙڻ چاهي، جنهن جو نالو لطيف سائين سان منسوب ڪرڻ جو ارادو هيو پر ڊاڪٽر ميمڻ صاحب صلاح ڏني ته لاکيڻي لطيف جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون اڳواٽ ڪم ڪري رهيون آهن تنهن ڪري بهتر ٿيندو ته توهان نئين تنظيم سچل سرمست جي نالي سان قائم ڪيو. اسان کي پنهنجي ادبي اداري طرفان ڪنهن خاص فڪر جي پرچار بنان ادبي ڪم ڪرڻو هيو تنهن ڪري لطيف سان نالو منسوب ڪرڻ ساڻس عقيدت جي بنياد تي هيو ۽ ساڳي عقيدت سچل سائين سان پڻ هئي، جيتوڻيڪ سچل جي نالي سان لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي تنظيم ”بزمِ سچل“ ورهاڱي کان اڳ قائم ٿي هئي ۽ اڄ تائين سرگرم آهي، پر اسين ڊاڪٽر صاحب جي مشوري کي مانُ ڏيندي ادبي تنظيم جو نالو ”سچل ادبي مرڪز“ رکيو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب سچل ادبي مرڪز جا ميمبر نه هيو پر آخري دم تائين اسان جي مٿان سندن دستِ شفقت رهيو. سچل ادبي مرڪز طرفان ڪوٺايل ڪو اهڙو پروگرام ياد نه ٿو اچي جنهن ۾ ڊاڪٽر عبد المجيد صاحب آيو هجي ۽ کيس صدارت يا خاص مهمان جي حيثيت نه ملي هجي. حتاڪه ڊاڪٽر صاحب جي شاعر نه هجڻ باوجود ڪيترن ئي مشاعرن ۾ به سندس ئي صدارت رهي. مرڪز جي تاريخ ۾ اهڙن مشاعرن جي تمام وڏي اهميت آهي، ڇو ته اهڙن مشاعرن جي اختتام تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي عالماڻي راءِ سان سڄي مشاعري تي ڀرپور روشني وجھندو هو ۽ اهڙي طرح سامعين ۽ حاضرين ڄڻ ٿوري ئي وقت ۾ اهڙي شعري گلدستي مان واس وٺندا هئا جنهن ۾ نه رڳو مختلف احساسن جي خوشبو هوندي هئي پر تنقيدي ۽ عالماڻا پس لفظ به هوندا هئا.
    اهو لکندي سرهائي ٿئي ٿي ته مون ڊاڪٽر صاحب سان سندس زندگيءَ ۾ ڪيئي سير سفر پڻ ڪيا. مختلف ادبي ڪانفرنسن ۾ لاڙڪاڻي کان گڏ سفر ڪيو سين. پاڻ اول مونسان ٽيليفون ذريعي پروگرام طئي ڪندو هيو، پوءِ نڪري پوندا هئا سين. حيدرآباد يا ڪراچيءَ ۾ لطيف ڪانفرنس هجي، توڙي خيرپور ۾ سچل ڪانفرنس يا وري سيوهڻ ۾ قلندر شهباز ادبي ڪانفرنس. انهن سمورن سفرن ۾ ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو اٽوٽ ساٿ رهيو. ٿر جي ٽن ڏينهن واري ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ۾ به لاڙڪاڻي مان گڏ ويا سين ۽ گڏ رهيا سين. مٺيءَ کان ڪارونجھر تائين ٿر جي حسن کي گڏ گڏ اکين پسيو سين. ان خوبصورت ۽ يادگار سفر جون يادگيريون، ساروڻين جو هڪ الڳ باب آهن. انهن سيرن سفرن ۾ مون ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت ۽ مزاج کي وڌيڪ ويجھو کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. هن بزرگ هوندي ڪڏهن سفر ۾ سُک نه طلبيو، پاڻ کي ڏکيو رکي به پنهنجي دوستن ۽ هم سفرن کي سکيو ڏسڻ چاهيندو هو. پر آءٌ جڏهن به ساڻس هم سفر رهيس ته اها ئي ڪوشش ڪئي ته کيس ڪا تڪليف نه اچي، ڇو ته مون وٽ هن لاءِ اٿاھ پيار ۽ عزت هئي. ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين ادبي پروگرامن ۾ ڪٺي آيا ويا سين. ڪيئي ڀيرا هڪ ئي جهاز ۾ گڏ سفر ڪيو هڪ ئي هوٽل ۾ گڏ رهيا سين. عمر جي آخري سالن ۾ ته ڊاڪٽر صاحب مون کي تاڪيد ڪندو هو ته متان ڪانفرنس ۾ نه هلو. ضرور هلڻو آهي. اسان جي سٿ ۾ اڪثر هڪ ٻيو محقق دوست ۽ محبتي ماڻهو مرحوم ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پڻ شامل هوندو هو. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۽ آءٌ ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ گڏجي شرڪت ڪئي.
    ڊاڪٽر صاحب جو علمي حلقو وسيع هيو. پاڪستان جي سمورن صوبن توڙي هندستان جي اديبن سان سندس رابطا رهندا هئا. ٻين صوبن ۽ ملڪن جي عالمن ۽ دانشورن سان منهنجو ڀرپور تعارف ڪرائيندو هيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ کان علاوه اردو ٻوليءَ ۾ پڻ معياري ڪتاب لکيا. خاص طور ادب، تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هنن سنڌي ۽ اردو ادب کي نهايت ملهائتا ڪتاب ارپيا.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي هڪ صوفي منش انسان هو. سندس طبيعت ۾ سادگي، خلوص ۽ محبت جائگير هئي. هن جي وڏي خوبي اها هئي ته پنهنجي علم ۽ منصب تي ڪڏهن به غرور نه ڪندو هو. نوجوانن ۾ علمي سجاڳي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوششون وٺندو هو. علمي حوالي سان ننڍ وڏائيءَ جي پرواھ ڪئي بغير ڪيترن ئي ڪمن ۾ ننڍن سان هٿ ونڍائيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي گھڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪتاب لکي سگھجن ٿا، تنهنڪري منهنجن هنن ٻه ٽن لفظن کي ساڻس محبت جو معصوم اظهار سمجھڻ کپي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو