لنڊن جي شهر ۾ سنڌي جا شاگرد ۽ سنڌي سکڻ جو ڪلاس روم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    لنڊن جي شهر ۾ سنڌي جا شاگرد ۽ سنڌي سکڻ جو ڪلاس روم ​


    http://www.youtube.com/watch?v=TMBO7mkYdZA&feature=related


    اڄ به ڀٽو زنده آهي!​


    شوڪت حسين شورو


    27 ڊسمبر جي شام جو مون عبرت جي هڪ ڪالم ۾ "2007 جون يادون" لکيون ۽ اُن کي موڪلي گهر پهتس ته ٽيليويزن اسڪرين تي هڪ منحوس خبر هلي رهي هئي، جنهن تي اڄ تائين يقين نٿو اچي.

    آفيس کلڻ کان پوءِ جڏهن عبرت لاءِ ڪالم لکيو ۽ موڪليو ته مون کي خبر نه هئي ته اِها غلطي ڪيئن ٿي جو ڪالم ڪنهن ٻئي ايڊريس تي موڪليو ويو ۽ اُهو هاڻ واپس اچي مون وٽ پهتو آهي. منهنجي اِها تحرير ڪجهه ڏينهن پراڻي ضرور آهي، پر ڏک ۽ غم جي هن لمحي ۾ اڄ به تازي آهي، دل جي زخمن مان هن وقت به رت ڳڙي رهي آهي. انهن ئي احساسن سان گڏ هي سٽون توهان جي نذر آهن.

    بينظير ڀٽو پنهنجي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس آئي ته اُن جي اچڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ئي اُن کي پنهنجي چاهيندڙن جا خستا حال لاش مليا. اُن لمحي کان پوءِ آخري لمحي تائين اُن کي اِهو احساس رهيو ته هـُـن جو وجود اُنهن ماڻهن جي لاءِ برداشت جي قابل نه آهي، جيڪي اقتدار تي پنهنجي گرفت ختم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، اُن پڪڙ کي ڪمزور ڪرڻ به نٿا چاهين. اُهي ماڻهو عوام ۽ عوامي نمائندن سان نفرت ڪن ٿا ۽ پنهنجي اِن نفرت ۾ آخري حد تائين وڃي سگهن ٿا.

    18 ۽ 19 آڪٽوبر جي وچ واري رات هـوءَ جنهن خوني ۽ خوفناڪ تجربي مان گذري، اُن کان پوءِ ٿيڻ ته اِئين کپندو هو ته هوءَ اقتدار جي حوس رکندڙ ماڻهن سامهون سـِـرُ جهڪائي ڇڏي ها ۽ واپس دبئي يا لنڊن هلي وڃي ها. جتي هڪ پرسڪون، آرامده ۽ محفوظ زندگي هـُـن جي منتظر هئي- پر هـُـن جي شخصيت جي خمير ۾ خوف جي ملاوٽ نه هئي. هوءَ پنهنجي پيءُ وانگر موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسندڙ کي زندگيءَ جي علامت سمجهندي هئي. هوءَ هن مصرعه جي زنده تصوير هئي ته:

    "ميري قاتلون ڪو نويد هو، صفِ دشمنان ڪو خبر ڪرو"

    هوءَ شانَ سان صفِ دشمنان جي وچ مان گذري ۽ هن جوش ۽ جذبي سان قاتلن کي للڪاريو ۽ هڪ دردناڪ حقيقت آهي ته هن جي قاتلن هن کي شڪار ڪيو. هو اِهو سمجهي رهيا هئا ته اِن طرح هو جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالادستي، عدليه جي آزادي ۽ عام انسانن جي وقار لاءِ اُٿندڙ سڀ کان بلند آواز کي خاموش ڪري رهيا آهن. پنهنجي راهه جو سڀ کان وڏو ڪنڊو ڪڍي رهيا آهن، پر افسوس ته اُنهن تاريخ مان ڪجهه به نه سکيو هو. هـُـنن وساري ڇڏيو ته 1979ع ۾ جڏهن ڀٽو کي رات جي اونداهيءَ ۾ هـُـنن دفن ڪري اِهو سمجهيو هو ته اُنهن جمهوريت جدوجهد جي سڀ کان وڏي سورمي کان نجات حاصل ڪري ڇڏي آهي. هو شهادت جي رتبي تي فائز ٿي ڪري امر ٿي ويو ۽ اُنهن جي راهه ۾ هماليه پهاڙ وانگر بيهي رهيو.

    بينظير ڀٽو به شهيد ٿي ڪري هڪ اهڙي زندگيءَ کان همڪنار ٿي سگهي آهي، دوست جنهن تي رشڪ ڪن ٿا ۽ دشمن حسد. هـُـن جي قتل جو حڪم ڏيندڙن جو خيال هوندو ته پيپلز پارٽي جا 10، 20 يا 25، 50 هزار ڪارڪن هـُـن جو غم ملهائيندا. سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ هـُـن جو سوڳ ڪيو ويندو ۽ بس. ڳالهه اچڻي وڃڻي ٿي ويندي، پر اُنهن کي ياد نه رهيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ سوين ماڻهن ڪوڙا کاڌا هئا، جيل ويا هئا ۽ ڪن کي ڦاسي به ڏني وئي.

    اسان جا حڪمران تاريخ کان ڪڏهن به نه سکندا آهن. ڪڏهن اُنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته بينظير جي رخصت جي خبر ٻڌندي ئي خيبر کان ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان لاهور تائين ملڪ ٻري اُٿندو ۽ عوام روڊن رستن تي اچي ويندو. وفاق جي زنجير ٽوڙڻ جي لاءِ جنهن جانباز عورت کي موت ڏنو ويو، پنهنجي جان وڃائي اُن ثابت ڪيو ته هوءَ زندگيءَ ۾ به وفاق جي زنجير هئي ۽ اُن جي شهادت اِن زنجير کي غم ۽ غصي جي بٺيءَ ۾ تپائي ڪري اڃا وڌيڪ فولادي بڻائي ڇڏيو. تڏهن ئي اقتدار تي براجمان طاقتن جون تمام ڪوششون اڻ ڏٺل هٿن جو سفاڪانه قتل ۽ لٽ مار جي بدترين واقعن باوجود چئني صوبن جا ماڻهو هڪٻئي جي خلاف صف بند نه ٿيا. اُنهن جي لاءِ بينظير جي رخصت اُنهن جو گڏيل غم، اُنهن جو گڏيل نقصان آهي.

    هو اِهو به نه سمجهي سگهيا ته گذريل ڪئين سالن جي عذابناڪ جلاوطني ۽ اڻ ڳڻيل الزامن به بينظير جا حوصله نه گهٽايا. هوءَ ڪيترن ئي ملڪن ۾ سفر ڪندي رهي هئي. پنهنجي ماڻهن جي لاءِ جمهوري سماج جا خواب ڏسندي رهي هئي. پنهنجي عوام خاطر پوري دنيا ۾ ڦرندي رهي هئي. اُن دوران هـُـن پنهنجي لکڻين، ليڪچرن ۽ ذاتي تعلقاتن ۾ اولهه ۽ اوڀر جي ملڪن ۾ اڻ ڳڻت بااثر دوست ڪمايا، اُنهن مان اڪثر اُن جا ذاتي دوست هئا ۽ سياست، صحافت، علم، ادب ۽ قانون جي دنيا سان تعلق رکندا هئا. بينظير جي اعتدال پسندي، اُن جي روشن خيالي ۽ جمهوريت سان اُن جي وابستگي هئي. هـُـن کي دنيا جي بااثر حلقن ۽ صحافتي حلقن ۾ هردلعزيز بڻائي ڇڏيو هو. هـُـن جي ظالماڻي قتل عالمي برادريءَ کي لوڏي رکيو ۽ اُن سان اوڀر ۽ اولهه ٻنهي دنيائن جي ماڻهن کي اندازو ٿيو ته پاڪستاني عوام اُتان جا جمهوريت پسند سياستدان، ڪهڙي خونخوار بلا کي منهن ڏئي رهيا آهن. هـُـن جي قاتلن کي ڀلا اِهو ڪيئن وهم ۽ گمان ۾ هـُـجي ته هـُـن جي شهادت کان چند ڪلاڪن بعد اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو هنگامي اجلاس طلب ڪري هـُـن جي شهادت جي تعزيت ڪندي. بش حڪومت جا پاڪستاني لاڏلا اِها ڳالهه ڪيئن سمجهن ته آمريڪا ۾ ايندڙ صدارتي چونڊن جي اُميدوار هيلري ڪلنٽن هـُـن جي قتل جي آزاداڻي تحقيقات جي ڳالهه ڪندي ۽ رفيق حريريءَ جي قتل جي تحقيقات لاءِ ٺهيل ٽربيونل جهڙو هڪ انٽرنيشنل ٽربيونل جوڙڻ جو مطالبو ڪندي.

    ٻاهرين ملڪن کان تعزيتي پيغامن جو هڪ نه رڪندڙ سلسلو جاري آهي. ملڪ جي اندر شهر شهر ۽ نگر نگر ماڻهو ماتم ڪري رهيا آهن. رڙيون ڪري روئي رهيا آهن. هـُـن جي تصوير ڪنهن چوڪ تي رکي اُن تي گـُـل رکي رهيا آهن. ميڻ بتيون روشن ڪري رهيا آهن. نواز شريف هـُـن جي شهادت تي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اُن جي مٿان بيهي سڏڪا ڀري روئي رهيو هو. پنهنجي ساٿين سان گڏ اُن جي گهر تي وڃي ڪري پــرسو ڪري رهيو هو. اُن جي قبر تي فاتحه پڙهي رهيو هو ۽ گـُـل چاڙهي رهيو هو. ڪجهه سالن کان هـُـن جو بينظير ڀٽو سان گهرو تعلق ۽ رشتو هو، جنهن ۾ ٻنهي جا گهر وارا به شريڪ هئا پر ماڻهن حيرت سان اِهو منظر ڏٺو ته قاضي حسين احمد پنهنجي ساٿين سان گڏ نئون ديرو پهچي رهيو آهي، اُن جي قبر تي وڃي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هـُـن کي شهيد چئي ڪري ياد ڪري رهيو آهي. بينظير جي موڪلاڻي جمهوري جدوجهد جي لاءِ ئي هڪ عظيم سانحو نه آهي، پر قاتلن پاڪستان ۾ زندگي گذاريندڙ هڪ عورت جي سيني ۾ به خنجر وهائي ڇڏيو آهي. هي جنس مساوات جو خواب ڏسڻ وارين تمام فقير ۽ امير عورتن جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. بينظير ڀٽو جڏهن پهريون ڀيرو وزيراعظم جو حلف کنيو هو ته شهرن جي روڊن تي ٻهارو ڏيندڙ ۽ ڳوٺن ۾ مال کي گاهه وجهندڙ عورتون به فخر سان پئي گهميون. بينظير جي وجود ۾ اُنهن کي پنهنجو پاڻ ساهه کڻندي محسوس ٿيو هو. اُنهن جي آس هئي ته انهن جي ادي، اُنهن جي ڌيءَ، اُنهن جي بي بي، اُنهن جي ڌيئرن، ڏوهٽين ۽ پوٽين جو مقدر بدلائي ڇڏيندي. پاڪستان جي عورت سياسي حوالي سان فاطمه جناح، رانا لياقت علي، شائسته سهرورديءَ جي رهنمائيءَ ۾ جمهوري جدوجهد جو سفر شروع ڪيو هو، اُن کان پوءِ ايندڙن ۾ نصرت ڀٽو، نسيم ولي خان ۽ پوءِ سڀ کان وڏو نالو بينظير جو هو، جنهن جمهوريت جي لاءِ شاندار جدوجهد ڪئي.

    بينظير جي چوڌاري اعليٰ تعليم يافته ۽ مغربي ذهن رکندڙ عورتن کان علاوه وچولي طبقي جون پڙهيل لکيل باشعور ۽ پروفيشنل عورتن سان گڏوگڏ ڳوٺن ۽ ڪچي آبادين جون عورتون به هيون. اُنهن مان هر طبقي جي عورتن هـُـن جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ملڪ جي سفاڪ پوليس جون لٺيون به کاڌيون، اُنهن جي خون سان رستن تي ڦوهار به ٿيا. اُهي جيل به ويون، اٽڪ قلعي ۾ به رکيون ويون. اُنهن بدترين جسماني ۽ جنسي تشدد به برداشت ڪيو، اِن اُميد تي ته جڏهن بينظير اقتدار ۾ ايندي ته هڪ نئون زمانو آڻيندي.

    8 جنوري جون چونڊون، جن ۾ حڪمران جماعت ۽ اُن جي سرپرستن جي ٻيڙي ٻـُـڏي رهي هئي، اُن کي بچائڻ جي لاءِ سوين حيلا گهڙيا ويا ۽ اُن اليڪشن کي ملتوي ڪيو ويو. اُهي ماڻهو جن اُن چونڊن جي ٻئي تاريخ 18 فيبروري طئي ڪئي آهي، اُهي ڄاڻن ٿا ته اُن مهلت جي باوجود بينظير جي خون جو درياهه وهائڻ جي باوجود اُهي پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهندا. شڪست اُنهن جو مقدر آهي. ڏسڻو اِهو آهي ته اُنهن جي شڪست کي ڪجهه وڌيڪ ڏينهن ٽارڻ جي لاءِ حڪمرانن جي ٽـُـٻڻيءَ مان هاڻ ڪهڙو خوفناڪ واقعو ٻاهر اچي ٿو. هاڻ قاتل جو هٿ ڪنهن طرف وڌي ٿو؟ هاڻ نسلي ۽ لساني فسادن جي لاءِ ڊرامي جي اسڪرپٽ کي بيگناهه ماڻهن جي خون ۽ اُنهن جي ملڪيتن کي بيدرديءَ سان لٽ مار ۽ باهه لڳڻ جي واقعن سان سنسني خيز بڻايو پيو وڃي ۽ اُن جي ايف آءِ آر به اُنهن جي نالي تي ڪٽي وڃي ٿي، جيڪي لٽجي ويا، برباد ٿي ويا.

    اِنهن حالتن ۾ چونڊن جي ملتوي ڪرڻ جي گنجائش نه هئي پر اسان وٽ اقتدار جي لاءِ هر ڳالهه جي گنجائش پيدا ڪئي ويندي آهي. شيخ مجيب الرحمان جي خلاف جيڪڏهن اگرتله سازش ڪيس تيار ڪري سگهجي ٿو. بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي بدترين لٽيرو ۽ وطن دشمن قرار ڏئي سگهجي ٿو ته پوءِ اِها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ هاڻ چونڊن جي لاءِ نئين تاريخ اِئين ڏني وئي آهي، ڄڻ ته ڪاوڙ ۽ رنج ۾ مبتلا قوم تي ڪوئي احسان ڪيو پيو وڃي. پر ڏسڻو اِهو آهي ته چونڊون ٿين به ٿيون يا نه؟ ۽ جيڪڏهن ٿين به ٿيون ته هڪ ڀاڱي ٻه اڪثريت "حاصل" ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن مخالفن کي ڪهڙي طريقي سان "فتح" سان همڪنار ڪيو وڃي ٿو.

    18 فيبروريءَ جي چونڊن کي ٽارڻ جي لاءِ جيڪڏهن وري قوم کي ڪنهن شهيد جو جنازو ڏنو ويو يا ديوانگيءَ جي انداز ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي ته پوءِ اسان ڏسنداسين ته طيش ۽ تخريب جي اُها لهر اُٿندي جيڪا اسلام آباد جي محفوظ قلعي ۾ پنهنجي ئي ملڪ کي فتح ڪندڙن کي پاڻ سان وهائي ويندي. ظلم ۽ ناانصافي سان وجود ۾ ايندڙ خون جو اِهو درياهه خبر ناهي ڇا ڇا پاڻ سان گڏ وهائي وڃي! سڀاڻي ڇا ٿيندو، اسان مان ڪنهن کي به حتمي طور تي ناهي خبر. پر آسمان تي جمع ٿيندڙ ڪارن بادلن کي ڏسي ڪري حالتن جو اندازو لڳائڻ لاءِ ستاره شناس ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي.

    بينظير ڀٽو هڪ اهڙي ئي نادر ۽ بيمثال شخصيت هئي، جنهن جي آرزو هر سماج ڪندو آهي. اُن کي جنهن بيدرديءَ سان پائمال ڪيو ويو، اُها اسان جي بدبختي آهي، اُن تي جيترو به غم ڪجي اُهو گهٽ آهي.

    27 ڊسمبر کان 30 ڊسمبر جي رات تائين مان بيشمار ٻين ماڻهن وانگر ٽي ويءَ جي سامهون ويٺي رهيس ۽ مختلف اردو، سنڌي ۽ انگريزي چينلن تي اُن جون تقريرون ڏسندي رهيس. هـُـن جو مستانو نعرو ٻڌندي رهيس، "ڪـَـل ڀي ڀٽو زنده ٿا، آج ڀي ڀٽو زنده هي..... زنده هي .... زنده هي." ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته جڏهن هوءَ هٿ کڻي مسلسل اِهو نعرو لڳائي رهي هئي ته پيلي رنگ جي لباس ۾ هئي. اُن رنگ جو لباس جيڪو راجپوت سورما جيڪڏهن پائي ڇڏين ته پوءِ جنگ جي ميدان مان زنده واپس نه ايندا آهن ۽ جنهن کي هـُـو ڪيسري بانا چوندا هئا. بي بي به اُهوئي ڪيسري بانا پائي رکيو هو. پنهنجي مٽيءَ کان جدائي هـُـن جي اندر هڪ عجيب گداز پيدا ڪري ڇڏيو هو. هڪ بيقراري، هڪ بيچيني جيڪا هـُـن جي ڳالهه ڳالهه مان ٽپڪندي هئي. هـُـن جي لاءِ "ننڊر ۽ بهادر" جا لفظ بار بار استعمال ڪيا پيا وڃن پر اُهي سڀ لفظ هـُـن جيءَ جياري جي بهادريءَ جي لاءِ گهٽ آهن. اُن کي صبح کان شام تائين دشمنن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون. دوست خبردار ڪري رهيا هئا. هـُـن 16 آڪٽوبر تي پنهنجي وصيت لکي. هفتي کان پوءِ پنهنجي قبر جي جڳهه رکرائي آئي. هـُـن حڪومت کي پنهنجي سلامتيءَ جي حوالي سان خط لکيا. هـُـن مارڪ سگل کي اي ميل ڪئي ته مان قتل ٿي وڃان ته ڪيس ڪنهن جي نالي تي درج ڪيو وڃي. هوءَ ڇا ته جيءَ جياري ۽ سورمي هئي جو پنهنجي طرف قاتلن جا هٿ وڌندي ڏسي به وڏي بي نيازيءَ سان اُن کي نظرانداز ڪندي پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ وڏي شان سان هلندي رهي. مقتل کان گذرندي به هـُـن جي چهري جي چمڪ گهٽ نه ٿي. هـُـن جي لهجي کي خوف بدلائي نه سگهيو. هـُـن جي زندگيءَ جون آخري جهلڪيون ڏسي ڪري مون کي يقين آيو ته شهادت جا متوالا ڪهڙيءَ طرح جهومي جهومي ڦاسي گهاٽن تي ايندا هوندا



    گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو​


    امداد سومرو




    27 ڊسمبر جي شام جي ان منحوس گهڙيءَ جو رڳو راولپنڊي جي لياقت باغ جي ٻاهران بم ڪو نه ڦاٽو هو، پر هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾، هر گهٽيءَ ۾ ۽ هر گهر ۾ بم جو ڌماڪو ٿيو هو. حيرت وچان ۽ هراس وچان ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا هئا، محترمه بينظير ڀٽو کي لڳل گولين جي بارود جي بوءِ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي هئي ۽ انهن گولين جا ٺڪاءَ ڪنن ۾ ۽ دماغ ۾ ٻري رهيا هئا.

    اها ڪا حيرت جي ڳالهه ڪانهي ته سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي جذبن پاڻمرادو هڪ ئي وقت طوفان بنجي ماڻهن کي هوشن حواسن مان ڪڍي ڇڏيو، پر ان ڳالهه جي شدت سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ هئي. ماڻهو ڄڻ چريا بنجي ويا هئا، اهي بينظير ڀٽو جي شهادت تي ماتم ڪري رهيا ۽ ڪاوڙ وچان هر سامهون ايندڙ شيءِ کي تهس نهس ڪري رهيا هئا. سڄو ملڪ ٽانڊا ٽانڊا هو، شعلا شعلا هو، باهيون هيون ۽ فضا ۾ چوطرف دونهون هو.

    آئون ۽ گهر جا ڀاتي ٻارن سميت ٽي وي جي اڳيا بت بنيا ويٺا هئاسين. سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هي اوچتو ڇا ٿي ويو هو. ذهن ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو، پر دل ۾ ڪا ڇيت چڀي چڪي هئي، هانءُ تي هڪ ڳنڍو ڇڙهي ويو هو. رات جو نه ماني وڻي، ۽ نه ننڊ آئي. رکي رکي بينظير جو مرڪندڙ منهن ذهن ۾ ڦرڻ ٿي لڳو. جڏهن پنهنجي آخري جلسي ۾ تقرير ڪرڻ کان پوءِ هوءَ اسٽيج تان لهي واپس وڃي رهي هئي ته ڪيڏي نه خوش هئي! ٻار جڏهن ميلي تان واپس گهر موٽڻ لڳندا آهن ته خوشيءَ وچان کلندا ڪڏندا هڪ ٻئي سان ميلي جون ڳالهيون ڪندا ويندا آهن. مون کي بينظير ڀٽو اها ٻارڙي لڳي، جيڪا جلسي مان خوش ٿي گهر وڃي رهي هئي. هن جي منهن تي ٻارن واري معصوم مرڪ هئي ۽ هوءَ مرڪي پنهنجن ڪارڪنن ۽ ساٿين سان خوشي ونڊي رهي هئي، هنن کان موڪلائي رهي هئي. مون سوچيو ته جڏهن هوءَ لينڊ ڪروزر جي سن روف مان نڪري ڪارڪنن جي نعرن جي جواب ۾ مرڪي ٻانهن لوڏي رهي هئي ته اوچتو هن تي گولين جو وسڪارو ٿيو، ان وقت هن جي چپن تي لازوال مرڪ هوندي ۽ هن جو هٿ هوا ۾ گل وانگر لڏي رهيو هوندو. منهنجي هانءُ تي چڙهيل ڳوڙهو منهنجي گلي ۾ اٽڪي بيهي رهيو. نڙي ۾ ڦاٿل ڳوڙهو ٻئي ڏينهن به اٽڪيل رهيو، رات وارو هينگ اوور ٻئي ڏينهن وڌي ويو هو. ٽي وي اسڪرين ڌنڌلي نظر اچڻ لڳي، اخبارن ۾ ڇپيل اکر ماڪوڙيون بنجي سرڻ ٿي لڳا. ڇا ڪجي جو من جي مونجهه گهٽجي ۽ گلي ۾ ڦاٿل ڳوڙهو لهي وڃي! ڪا جان هجي، ڪو دل گهريو دوست هجي، جنهن سان اهو بيپناهه درد ونڊجي ۽ ورهائجي. خيال آيو ته دوستن کي ايس ايم ايس ڪجي، موبائل جي فون بڪ مان سئو کن دوستن جن ۾ اديب ۽ غير اديب شامل هئا، تن کي هيءُ ايس ايم ايس ويو: ”اسين سنڌي، سنڌ جي نياڻي بينظير ڀٽو جي شهادت تي هڪ ٻئي سان تعزيت ڪريون ٿا.“ جواب ۾ ڄڻ مينهن وسي پيو، ڄڻ سمورا دوست درد ونڊڻ ۽ ورهائڻ جي انتظار ۾ هئا. امر جيل لکيو: ”قاتل کڻي ڪير به هجي، ڪيترو به طاقتور هجي، توڙي آمر ۽ ان جا بگهڙ هجن- سنڌين کي نڪري نروار ٿي انهن جي خلاف پنهنجي ڪاوڙ ۽ نفرت جو اظهار ڪرڻ کپيئ.“ شمشير الحيدري لکيو: ”سنڌين جي اڳيان هاڻي بدترين ڏينهن آهن پر ان ناحق خون جو نتيجو سڄي پاڪستان کي ڀوڳڻو پوندو.“ قمبر شهبار لکيو: ”بي بي سنڌين جي اميد جو آخري ڪرڻو هئي، اميد مري وئي، اسين آخري ڀيرو يتيم بنجي وياسين ۽ اسان جي ڌرتي ڳجهن جي حوالي ٿي وئي.“ آغا رفيق لکيو: ”ها يار، ڳالهه سچي آهي.“ اعجاز قريشي لکيو: ”منهنجا به اهي ئي احساس آهن، سنڌين کي هاڻي سنجيدگيءَ سان ٻيهر سوچڻو پوندو.“ عنايت بلوچ لکيو: ”ها، سنڌ جي نياڻي جي شهادت تي اچو ته پان ۾ گڏجي ڏک، غم ۽ تعزيت ونڊيون ۽ ورهايون.“ اياز گل لکيو: ”سنڌ جي آخري اميد به ختم ٿي وئي، تون، مان ۽ رڳو ڳوڙها.....ناول جي پڄاڻي آ...“ اسحاق سميجي لکيو: ”آئون اوهان کي اسان سڀني جي ڀيڻ جي گذاري وڃڻ تي پر چاڻي ڏيان ٿو.“ تاج جويي جواب ۾ شيخ اياز جو هي شعر لکي موڪليو:

    سارا سور سلينديون يار،

    اکڙيون ڪيئن الينديون يار،

    تات پرين جي، رات پرين جي،

    تارا ڪيئن نه تڪينديون يار،

    سار-سمرڻي سرندي رهندي،

    ڳوڙها ڪو نه ڳڙينديون يار،

    ساري ساري پرين ڏي،

    اڏري اڏري وينديون يار!

    قاضي خادم لکيو: ”بينظير رڳو سنڌ جي نه، پر دنيا جي بهادر ۽ باهمت خاتون هئي.“ قاضي منظر حيات لکيو: ”ڳوڙها...ڳوڙها...۽ گهرو غم...“ تون سدا حيات آهين، موت جي شڪست آهين...هڪڙي دوست لکيو: سنڌ، سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾....الوداع ڀيڻ بينظير بئڊ مارننگ... ورسٽ مارننگ...۽ ٻيا ڪيترا ايس ايم ايس پڙهندي من ڀرجي آيو، پر روئڻ چاهندي به روئڻ ڪو نه ٿي آيو، گلي ۾ سڏڪو ڦاٿل ئي رهيو. ان وقت هڪ انتهائي پياري دوست نواب منظور حسين ٽالپر جو فون آيو، ”ادا“ هن اوڇنگار ڏئي چيو، ”اسين ڦر جي وياسين... ظالمن اسان جي چيلهه ڀڃي ڇڏي...“ منهنجي ڳلي ۾ پاٿل سڏڪو ٻاهر نڪري آيو ۽ اسين ٻئي روئڻ لڳاسين. ”سنڌ سان قهر ٿي ويو... اسين نڌڻڪا ٿي وياسين



    ظلمت ڪدي مين ميري شب غم ڪا شور هي!​


    عرفانه ملاح


    هيءَ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي بيحد اُداس شام آهي. پ پ پ جي ٽه رنگي جهنڊي واري چادر ساڻ کڻي ايندڙ هڪ گروپ جنهن ۾ اڪثر نوجوان شامل آهن، يا الله يا رسول، بينظير بيقصور، جا نعرا هڻندا اچن ٿا. مزار تي پيهه هزارن جي تعداد ۾ آهي. ماتم ڪندڙ نوجوان ڇوڪرا، سر ۽ سينا پٽيندڙ ڪارڪن (سر بي بهت بازو بي بهت)، عام ماڻهو ۽ سنڌ جي چپي چپي کان آيل عورتون، ٻڍا ٻار. سنڌ ڪنهن جي به موت تي ايئن ماتام ۾ تبديل نه ٿي آهي جيئن بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ ٿي آهي. هيءَ سنڌ جو قضيو آهي. مان سوچيان ٿو جيالا محترمه جي هوندي ئي يا الله يا رسول بينظير بيقصور وارا نعرا ڇو هڻندا هئا؟

    عوام جي ڀٽوز لاءِ محبت ۽ انهيءَ محبت لاءِ ڀٽوز پاران جان جو نذرانو ڏيڻ واري قرباني هاڻ يوناني المين کان به وڏي ڳالهه آهي.

    "محترمه 18 آڪٽوبر کانپوءِ جڏهن پهريون ڀيرو ڳڙهي خدا بخش سندي والد جي مزار تي حاضري ڀرڻ آئي هئي تڏهن هوءَ اگهاڙين پيرين آئي هئي ۽ هوءَ پنهنجي تدفين لاءِ جاءِ جو انتخاب به پاڻ ڪرائي وئي هئي"، ڪنهن چيو ٿي. معلوم ناهي ته هاڻ سنڌ محترمه جي انهيءَ الم ۽ ڪرب مان ڪڏهن نڪري سگهندي. سنڌ وارا ته اڃا ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ واري سانحي مان به نه نڪتا هيا. سنڌ پنهنجي عظيم المياتي دؤر مان گذري رهي آهي.

    نئون ديرو ۾ هن جي ڀليڪار وارا بورڊ ۽ بينر لڳل آهن. سنڌ اڃا هن کي ڀليڪار ڪري رهي هئي. اڃا ته محترمه سڄي سنڌ جا دؤرا به نه ڪيا هئا. ڪنهن چيو ٿي، محترمه 3- جنوريءَ تي دادوءَ جو دؤرو ڪيو ته ٻيٽي وارن جتوئين جو "صفايو" ٿي ويندو. "يارو نظر لڳي وئي هن گهر جي بهارن کي"، شاعر ڄڻ اهو ڀٽوز لاءِ چيو هجي. نئون ديرو ۾ محترمه جي رهائشگاهه ڏانهن ويندي مون کي اها سٽ بار بار ياد آئي. نراسائي ۽ عجيب قسم جي سوڳواريت پوري فضا تي قاتل پاڇولن وانگر ڇانيل محسوس ٿي رهي هئي. اسين زندگيءَ جي انتهائي افسردگيءَ مان گذرندا اتي پهتاسين جتي پ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سياهه لباس ۾ تعزيتون وصول ڪري رهيو هو. هو ڪجهه ويجهن دوستن ۽ اثر رسوخ رکندڙن سان اندرئين ڪمري ۾ تعزيتون وصول ڪري رهيو هو ۽ عوام جي نه ختم ٿيندڙ هجوم سان ٻاهرئين ورانڊي ۾ ملي رهيو هو. مون ڏٺو ته هتي جيڪا شاهنواز ڀٽو جي تصوير لڳل هئي، اها گوريلا لباس واري هئي. ڀٽوز مان اهو گوريلا پڻو آخر تائين نه ويو ۽ هو مارجي ويا. بينظير ڀٽو-- جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ غالبن هن اهو سندس آتم ڪهاڻي "اوڀر جي نياڻيءَ" ۾ پڻ لکيو آهي-- المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ٻن طوطن جي فائر ۾ مرڻ کانپوءِ ٻه ڏينهن تائين کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هيو-- ان کي ظالمن ٽارگيٽ ڪري گولين سان اڏائي ڇڏيو. مرڪ هميشه لاءِ قتل ٿي وئي. رٽائرڊ برگيڊيئر عبدالقادر بلوچ به اتي ويٺل هو. سراج دراني مون کي هتي وڌ ۾ وڌ سرگرم نظر اچي ٿو. آه و زار ۽ مسلسل روئندڙ اها عورت ڪير هئي؟ شيري رحمان ۽ ڏک جي سراپا علامت بڻيل ناهيد خان-- جنهن مرڻ گهڙيءَ تائين محترمه سان نڀايو. "اسان سان هڪ وڏي ڪنسپائرسي ٿي آهي"، آصف علي زرداري چئي رهيو هو. هن چيو، اهو "اسٽريٽ وزڊم" آهي، عام ماڻهو مون وٽ تعزيتن لاءِ اچن ٿا ۽ چون ٿا ته هو پهرين محترمه کي ملڪ وٺي آيا ۽ جڏهن هوءَ ملڪ آئي ته هن کي ماري ڇڏيائون!

    ٽرڪ، ٽرالرن ۽ پيٽرول پمپز جي سڙڻ تي بيچين ق ليگ (قاتل ليگ) وارا اسان جي سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ واري پلان ۾ ڪيترو استعمال ٿيا؟ ان ۾ پاڪستاني اسٽبلشمينٽ آمريڪا کي ٽرئپ ڪيو-- يا سڀني گڏجي اسان جي آئيندي کي ختم ڪري ڇڏيو-- ڪيئن چئجي؟

    هڪ جنرل اسان جي 77ع وارن بهارن تي راتاهو هنيو هو ۽ اهو به بين الاقوامي سازش جو هڪ ڪردار هو ۽ ڀٽو جي ڦاهيءَ وارو رسو ڇڪيندڙ هٿ هڪ نه پر ڪيترائي هيا. هاڻ به اسان جي سپر پاور کي اسان جي "ريجنل اهميت" جو احساس هيو ۽ هاڻ به هو گارينٽئر هو-- اهو ڪيتري حد تائين ملوث آهي؟ پهرين اسان سرد جنگ وگهي ڀوڳيو ۽ ان جا beneficiaryٻيا هئا. هاڻ اسان 11-9 کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ جو کاڄ بڻياسين ۽ اسان تاريخ جي وڏي سانحي مان گذري رهيا آهيون. بين الاقوامي سازش جو هاڻ به اسين شڪار ٿياسين.

    جيتوڻيڪ تڏو رڳو نئون ديرو ۾ وڇايل ناهي پر سڄي دنيا مان محترمه لاءِ خراج تحسين پيش ٿي رهيو آهي. جرئتمند، خوبصورت، سيڪيولر ۽ روشن خيال مس ڀٽو قتل ٿي وئي. ٻه مهينا ڏهه ڏينهن هن کي پنهنجي ديس ۾ رهڻ جا نصيب ٿيا ۽ هوءَ 8- سالن کان وطن ورڻ جي لاءِ بيقرار رهي هئي. مان سوچيان ٿو هي ملڪ ايترو deserveڪري پيو؟ هن کي هيڏانهن اچڻ نه گهربو هو. هن کي اڪيلو ڪري ماريندڙن ۾ ڪيترائي هٿ ۽ ڪيئي چهرا شامل آهن-- جيئن فيض صاحب چيو آهي:

    جنگ ٺهري هي، يه ڪوئي کيل نهين هي، اي دل!

    دشمن جان هين سبهي، ساري ڪي ساري قاتل!

    رٽائرڊ جنرل جي انٽرنيشنل ميڊيا کي بريفنگ اوهان ٻڌي-- ڄڻ هو وڏي معرڪي فتح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان مـُـخاطب هجي. "هوءَ پنهنجي قتل جي ذميوار پاڻ آهي"، هو چئي رهيو آهي. هوءَ گاڏيءَ مان ٻاهر ڇو آئي، ان لاءِ هن جو جواز آهي. سنڌ مان ارباب غلام رحيم واحد ماڻهو آهي، جيڪو انهيءَ زبان جو مرتڪب ٿي رهيو آهي جنهن کي سنڌي ماڻهو تاقيامت معاف نه ڪري سگهندا. سائين جي ايم سيد، ضياءَالحق لاءِ رڳو "شريف النفس" جو لفظ استعمال ڪيو هو ته سنڌي ماڻهن اهو اڃا تائين وساريو ناهي. محترمه جي وطن واپسيءَ کي هن "نحوست" سڏيو هو. رٽائرڊ جنرل چيو هو ته، بينظير ڀٽو ڪڏهن به ٽيون ڀيرو وزيراعظم نه بڻبي.... شيخ رشيد ۽ پير پاڳاري هن اليڪشن کي خوني اليڪشن سڏيو هو. اڃا اها اليڪشن ٿيڻي آهي. اڃا ڪيترو خون وهڻو آهي، ان لاءِ "جوتشِ سنڌ" ڇا چوندو اهو معلوم ناهي...

    18 آڪٽوبر واري حملي ۾ شهيد ٿي ويل لاڙڪاڻي واسي نظام سمي جي امڙ سان تعزيت ڪرڻ لاءِ محترمه جڏهن سندس گهر وئي هئي ۽ جنهن اٿاهه ڏک ۽ همدرديءَ وچان کيس (نظام سمي جي امڙ کي) ڀاڪر ۾ ڀري رکيو هو، اهو رڳو بينظير ڀٽو ڪري سگهي ٿي ڇو ته بينظير پنهنجي شهيد والد ۽ ٻن ڀائرن وارو الم ڏسي چڪي هئي پر شهادت جو ورثو رکندڙ پير پاڳاري هن وقت تائين محترمه جي موت تي نه تعزيت جا ٻه اکر چيا آهن ۽ نه تعزيت لاءِ ٻه پير ڀريا آهن.

    توهان يا ته اسان سان آهيو-- يا "دشمن" سان آهيو. هاڻ اهو واضح ٿي چڪو آهي ته ڪير ڪنهن سان آهي. ايئن ته جنرل ضياءَالحق به نه ڪري ها جيئن رٽائرڊ جنرل ڪري رهيو آهي. بينظير ڀٽو پنهنجي قتل جي پاڻ ذميوار آهي- هن جا اهي لفظ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن. زخمن تي لوڻ ٻـُـرڪڻ وارو ڪم هو ڪيترو نه خوب ملهائي رهيا آهن. هاڻ هن ملڪ ۾ هڪڙا ٽرائبلز (بلوچ) آهن ۽ ٻيا غير مهذب آهن، يعني سنڌي آهن-- اها ساڳي نفسيات آهي جيڪا لياقت علي خان کان وٺي ڪم ڪري رهي آهي.

    هن ملڪ ڀٽوز کي ڇا جي سزا ڏني؟ آمريڪا ان ۾ ڪيترو ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهي؟ عوام جي ڳالهه ڪرڻ ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ايتري سزا؟ پاپولر قيادت وهائيٽ هائوس جي مفاد ۾ به نه آهي؟ "دهشتگرديءَ خلاف جنگ" ۾ اڃا ڪيترو رت وهندو؟ جيترو ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي هن ڀٽو خاندان سان ظلم ٿيو آهي ايترو ته گانڌين سان به نه ٿيو آهي؟ اتي ڊيموڪريسي آهي پر هتي ڊيموڪريسيءَ جا دشمن اقتدار تي ويٺل آهن، جن محترمه لاءِ نه ٿي چاهيو ته اها وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهي. انهيءَ ڪرسيءَ تي شوڪت عزيز، جمالي ۽ محمد ميان سومرو "فـِـٽ" آهن. شوڪت عزيز ملڪ کي باهه ۽ رت ۽ مهانگائي وارا تحفا ڏيڻ کانپوءِ هميشه لاءِ ملڪ ڇڏي، ٻاهر وڃي رهيو آهي. آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ ايجنڊا!

    دهشتگردن جي ٽارگيٽ تي نه شوڪت عزيز اچي سگهيو ۽ نه آفتاب شيرپائو اچي سگهيا. جن دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي اهي ڪيترو نه محفوظ ۽ پـُـرسڪون آهن ۽ جن جو انهيءَ جنگ ۾ ڪوبه ڪردار نه هو، اهي ٽارگيٽ ٿيا. ايترا چريا ته پاڻ به ناهيون جو اهو سمجهي نه سگهون. محترمه رڳو ٻه ٽي بيان ڏنا هئا ته القاعده جي هٽ لسٽ تي محترمه کي ڄاڻايو ويو ۽ جن سڄي اترئين علائقي کي جنگ جي نذر ڪري ڇڏيو، اهي ڪڏهن به انهيءَ هٽ لسٽ تي اچي نه سگهيا-- ڇا ته ماسٽر پلان آهي. اهڙو ماسٽر پلان ته ڪي جي بي (KJB) ۽ موساد به نه جوڙي سگهي هان.

    سول سوسائٽي جا اهي ٺيڪيدار ۽ اهي جيڪي محترمه تي ڊيل ڪرڻ وارا الزام هڻندي سندس ڪردار ڪشي ڪندا هيا، اڄ اهي ڪٿي آهن؟ پاڪستان ۾ سياسي اُتساهه جو ذريعو بنجڻ ايترو جـُـرم ٿيندو-- اهو ڪنهن ڄاتو هو. اسين 18 آڪٽوبر کان انهيءَ سياسي اتساهه سان سرشار هياسين. اڄ اسين مايوسيءَ جي اٿاهه ڪـُـن ۾ پهچي ويا آهيون. سياسي اُتساهه قاتل لياقت باغ ۾ گوليءَ هڻي ختم ڪيو ويو.

    هاڻ هن ملڪ تي گدڙ حڪومت ڪندا ۽ اسين بگهڙن حوالي ڪيا وينداسين. (اسان جي هاڻوڪي ڪيفيت سارتر جي "آئرن ان دي سول" واري مرڪزي ڪردار ميٿيو جهڙي ٿي وئي آهي ۽ تاريڪ پاڇولا اسان جا منتظر آهن). مون ڏٺو، هڪ درويش قسم جو سياهه ڪپڙن ۾ ملبوس شخص ڳڙهي خدا بخش ۾ مقبري ٻاهران جيئي ڀٽو ۽ بينظير زنده آهي جا نعرا هڻي رهيو هو. ڪي ماڻهو مري به جيئندا آهن ۽ ڪي ماڻهو زنده هوندي مئل هوندا آهن. اوهان کي سنڌ ۾ به اهڙا زنده پر مئل ماڻهو ملندا... اهي پنهنجي چهرن تي سياهيءَ کي پنهنجي آئيني ۾ ڏسن.

    هيءَ ملڪ محترمه جي مرڊر کي هضم نه ڪري سگهندو. هيءَ ملڪ ان ڏس ۾ ڀوڳيندو. اسين تاريخ جي هن المئي کي برداشت ڪري سگهون يا نه پر قاتل به ان جو ڪيتو ڏيندا ۽ قاتل جا هٿ هميشه رت ڳاڙيندا رهندا ۽ چين جي ننڊ ڪڏهن نه ڪري سگهندا.

    پوسٽ اسڪرپٽ: اردوءَ جي ڪالم نگار جاويد چوڌريءَ ڪجهه ڏينهن اڳ محترمه جي شهادت تي سنڌين لاءِ همدرديءَ جا ٻه اکر لکڻ جو فرض سرانجام ڏيندي اسٽبئلشمينٽ کي عرضداشت پيش ڪئي. عرضداشت هئي ته، سنڌين جو مطالبو تسليم ڪيو ۽ پاڪستان بچايو، کين وزارت اعظمي ڏيو ته جيئن هو ماٺ ٿي وڃن... معنيٰ اسان جو سانحو ۽ الميو فقط وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ لاءِ آهي؟


    واويـــلا وڻـــڪــار​


    طارق عالم




    واويلا وڻڪار

    ماڻهو تنهنجي موت تي

    رُنا زارونءَ زار"! (اياز)

    کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اسان وٽ ماتم آهي، سينا ڪوبي آهي، آهون ۽ دانهون آهن، ڳوڙها آهن، پر لفظ اڄ اپاهج ٿي ويا آهن. لامحدود ڏک سان گڏ بي انتها مايوسي آهي. هڪ عظيم سياستدان، اڳواڻ، روشنيءَ ۽ اميد کي هڪ دفعو وري گوليءَ جو نشانو بنايو ويو. هڪ دفعو وري هـِـن ملڪ جي سياهه سفيد جا مالڪ (اقتدار تي قابض ٽولو) ماڻهن جي ويساهه، اُميد کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. يادڪيو ٽيهارو کن سال اڳ به هڪ اهڙو ئي ظلم ٿيو هو. ماڻهو ساڳئي نموني زارونءَ زار رُنا هئا. ٽيهارو سال کن اڳ واري نسل کي سنڌ جي ارڏي، بهادر ۽ بيباڪ سياستدان جي شهادت تحفي ۾ ملي هئي. اُن نسل جي مستقبل ۽ حوصلي ۽ اُميد کي اقتدار تي قابض غاصب ٽولي ڦاهيءَ تي چاڙهيو هو. .. توهان جي اُميد کي گولي جو نشانو بڻايو ويو هو. اسان جي اندر کي بينظير ڀٽو جي شهادت سان پروڻ ڪيو ويو. شهيدن جا لاش اسان جي ڪـُـلهن تي آهن ۽ محبوب اڳواڻن جي وڇوڙي جا الم اسانجي سينن ۾ آهن.

    ٽيهارو سال اڳ جيڪي آهون، ڳوڙها ۽ اوڇنگارون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڇوڙي تي هئا، اڄ سندس لاڏلي پنڪيءَ جي جدائي تي آهن. پر ٽيهارو سال اڳ ماتم ۽ احتجاج جرم هيا، آهون خاموش هيون، ماڻهو بند ڪمرن ۾ اوڇنگارون ڏيئي رهيا هئا. احتجاج جي سزا ڪوڙا ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙي هئي. کلي عام درد ۽ غم جي اظهار تي به پابندي هئي. ڪيترائي ماڻهو اندر ئي اندر ڪڙهندا رهيا ۽ ڪيترن ئي سر جو سانگو لاهي "جيئي ڀٽو" جو نعرو هنيو ۽ سرعام ڪوڙا کاڌا پر اهو رياستي ڏاڍ به سندن حوصلا ٽوڙي نه سگهيو هيو. شهيد ڀـُـٽي جي جدائي به بينظير ڀٽو جي وڇوڙي وانگر ماڻهن جو اندر کائي ڇڏيو هو، سندس لاش به ڄڻ گهر گهر مان نڪتو هو. اسان جو جهونو نسل هميشه سندس حڪومتي دور کي ياد ڪندي چوندو رهيو ته، "ڀٽو هجي هان ته هيءَ ملڪ الاءِ ڪٿي هجي هان". ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڪيفيت ان وقت به هئي، ماڻهو ساڳي ئي سياسي ۽ روحاني طور پاڻ کي يتيم سمجهڻ لڳا هئا. جيڪڏهن ڪٺن مرحلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ورڪر ساٿ نه ڏئي ها ته هوند پارٽي موجوده صورت ۾ Surviveنه ڪري هان. پ پ پ جي جيالن پنهنجي سياسي سمجهه، جذباتي ڪمنٽمينٽ جو مظاهرو ڪندي، پارٽي سان پنهنجو ساٿ نڀايو. اهو هڪ اهڙو دور هو جڏهن پارٽيءَ جي قيادت يا ته جيل ۾ هئي يا ملڪ بدر هئي. پ پ پ شديد رياستي عتاب هيٺ هئي، انهيءَ خوني مارشل لا ۾ پارٽيءَ قيادت ۽ ورڪرن ۾ ڪو رابطو به نه هو، تنهن دور ۾ به پارٽي ورڪرن، جيالن بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير جي قيادت کي ڀـُـٽي جي نشاني طور قبوليو ۽ پنهنجي حوصلي سان آمر ضياءَ جي پارٽيءَ کي ٽوڙڻ جون سڀ ڪوششون ۽ سازشون ناڪام ويون، جنهن آمر ضياءَ کي به حيران ڪري ڇڏيو.

    محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ڪال ڪوٺڙي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀـُـٽي سان ملاقات لاءِ ويندي هئي تڏهن سندس عمر به ڪوئي ايڪويهه، ٻاويهه سال هئي. اِهو سچ آهي ته هوءَ هڪ ذهين شاگرد هئي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي پهرين ايشين خاتون پرزيڊنٽ هئي، پر ان وقت به هوءَ پيلي رنگ جي اسپورٽس ڪار ڊرائيو ڪندي هئي، جنهن جو ڪيترا ڀيرا تيز ڊرائيونگ تي چالان به ٿي چڪو هو. هوءَ ڪتابي ڪيڙو بلڪل نه هئي، سندس آڪسفورڊ جي سهيلين مطابق بينظير ڀٽو کي مستي ڪرڻ ۽ سهيليون ٺاهڻ وڻندو هو. سندس آڪسفورڊ جا دوست ٻڌائين ٿا ته کيس پنهنجي يونيورسٽيءَ واري دور ۾ سياست سان ڪا به دلچسپي نه هئي، نه ئي وري هـُـن ڪڏهن سياست ڪرڻ جو سوچيو هو. سندس سياست ڏانهن لاڙو ان وقت ٿيو جڏهن سندس والد شهيد ذوالفقار علي ڀـُـٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. پيلي اسپورٽس گاڏي ڊرائيو ڪندڙ پنڪي پنهنجي زندگيءَ جو بهترين دور آڪسفورڊ ۾ ئي گذاريو. ايتري قدر جڏهن 21 جون 1977ع ۾ هوءَ پنهنجي آڪسفورڊ ۾ آخري برٿ ڊي ملهائي رهي هئي ته هـُـن کي ذرو به اندازو ڪونه هيو ته سندس پيءَ ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر پنجين جولاءِ 1977ع جي ڪاري رات کيس مست ڊرائيو ڪندڙ پنڪيءَ مان ڦيرائي محترمه بينظير ڀٽو بنائي ڇڏيو. اهو ئي موڙ هيو جو هوءَ آڪسفورڊ جي خوبصورت روڊن کي الوداع چيو ۽ پيلي اسپورٽس ڪار بجاءِ لاڙڪاڻي جي کيڙي جهڙن رستن تي پوليس جي ڇڪڙن جهڙين گاڏين ۾ ويهڻ تي مجبور ڪئي وئي.

    مقام فيض راهه مين ڪوئي جچا ئي نهين

    جو ڪوئي يار سي نڪلي تو سوئي دار چلي. (فيض)

    آڪسفورڊ مان آيل پنڪي ڏاڍي جذباتي ۽ تڪڙي هئي، هوءَ ڊپلوميسيءَ کي پسند ڪندي هئي ۽ واپسيءَ بعد ملڪ جي سفارتڪار ٿيڻ پسند پئي ڪيائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس سندس خواهش مطابق ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ انتظام ڪري رهيو هو، هن کيس ان برٿ ڊي دوران لکيل خط ۾ پنڪيءَ کي انهيءَ ڳالهه جو يقين ڏياريو ته هو واپسيءَ تي کيس سندس طبيعت مطابق پوسٽ ڏيندو. ان سان گڏ هن سندس جذباتي مزاج بابت لکيو هو ته:

    "The trouble is that you also have a temper and tears frickel down from your eyes as readily as they come down from my own. This is because we are the same blood and flesh."

    (مسئلو اهو آهي ته ڳوڙها ۽ غصو تنهنجي اکين ۾ ايترو جلدي اچن ٿا، جيترو منهنجي اکين ۾ ڀرجن ٿا. ڇاڪاڻ ته اسان جو رت ۽ ماس ساڳيو ئي آهي.)

    اهڙي تڪڙي مزاج واري پنڪي جڏهن پاڪستان پهتي ته ضياءَ سان ملاقات دوران سندس قد ڪاٺ ۽ ڳالهائڻ کان مايوس ٿي، سندس خيال مطابق، هن ضياءَ کي انتهائي سادو سودو شخص سمجهيو ٿي. ان وقت هوءَ حليي کي معيار ٺاهي ضياءَ جي مزاج کي جج ڪري رهي هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس سياسي بصيرت معلوم ڪرڻ لاءِ ساڻس شديد بحث ڪندو هو، جيئن سندس پنڪيءَ جي سياسي تربيت ٿئي. هو ملڪ جي هر خطي جي ماڻهن جي روايتن، رسمن ۽ مزاجن مطابق کيس آگاهي ڏيندو هو. ايتري قدر جو جڏهن هوءَ سرحد وڃي رهي هئي، ڀـُـٽي کيس تاڪيد ڪئي ته اتي سندس مٿي کان پوتي نه لهي، ڇاڪاڻ جو هو قدامت پسند ماڻهو آهن. مٿي تي رئو ڍڪڻ کان وٺي تقرير ڪرڻ تائين ڀٽو ئي کيس رهنمائي ڏيندو رهيو. بينظير جي سياسي سمجهه جي ڪٿ ته ان وقت ذوالفقار علي ڀـُـٽي کي ئي هئي، پر هو جڏهن ٽرين ذريعي پهريون ڀيرو عوامي مـُـهم تي نڪتي ته ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو. ضياءَ جي خوني مارشل لا باوجود سندس تاريخي پذيرائي ٿي. ماڻهن جي ايتري هجوم ملڪ جي بدترين آمر ضياءَ کي خوفزده ڪري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀـُـٽي جي شهادت کانپوءِ پارٽيءَ قيادت پاران جڏهن نصرت ڀٽو سان گڏ بينظير کي به شريڪ چيئرپرسن ٺاهيو ويو ته ان وقت به ڪيترن ئي سينئر پارٽي اڳواڻن جن کي بينظير انڪل چوندي هئي،انهن پنهنجي قد ڪاٺ ۽ سياسي عقل جي گهٽتائي سمجهي هئي. ڪيتري جهوني قيادت کيس قبولڻ لاءِ تيار نه هئي. هو هن جذباتي ۽ ناتجربيڪار ڇوڪريءَ جي قيادت هيٺ ڪجهه وقت ته رهيا پوءِ پارٽي ڇڏي ويا. پر پ پ پ ڪارڪنن ڀـُـٽي جي نظريي ۽ سندس "خون" جو ساٿ نه ڇڏيو.

    شهيد ذوالفقار علي ڀـُـٽي ماڻهن کي سياسي شعور ڏنو هو، اهو سندس ئي پورهيو هو، جنهن تي کيس جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ به ويساهه هو. هن پنڪيءَ کي چيو هو ته هوءَ عوام وٽ وڃي ۽ کين چئي ته، "توهان جو پيءَ جيل ۾ آهي ته ڇا ٿي پيو. توهان جي ماءُ ته ٻاهر آهي. مون وٽ ٽينڪ يا گن نه آهن پر مون وٽ ناقابل فتح پاور آهي، اهو آهي توهان جو ساٿ".

    ضياءَ جي دور ۾، پيءَ جي ڪال ڪوٺڙي ۾ قيد ٿيڻ کان بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ ٻاويهه سالن جي بينظير انتخابي مهم هلائي ٿي. ان مهم دوران کيس پهريون ڀيرو ماءُ جي چوڻ تي فيصل آباد ۾ عوامي هجوم کي خطاب ڪرڻو هو. بيگم نصرت کيس تقرير لکي ڏني ۽ بينظير کي اهو به سمجهايو ته، "هوءَ تقرير ڏسي نه پر اکيون ماڻهن ڏانهن کڻي ڳالهائي. ان سان گڏ پنهنجي تقرير ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪري جنهن سان ماڻهو مڇرجن، ڇاڪاڻ ته اسين ضياءَ کي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو بهانو ڏيڻ نه ٿا چاهيون." جڏهن پهريون ڀيرو فيصل آباد ۾ هوءَ تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي آئي ته سندس ٽنگون ڏڪي رهيون هيون ۽ هوءَ ماءُ جي پاسي ٻارن جيان بيٺي هئي. ڇاڪاڻ ته آڪسفورڊ جي ڊبيٽر پنڪيءَ کي هاڻي عقلي دليلن بجاءِ جذباتي رشتن تي ڳالهائڻو هو ۽ بلاول ڀٽو وانگر هوءَ به ڳيتون ڏيئي ڳالهائي رهي هئي. جيتوڻيڪ هـُـن،آئيني سامهون ڪيترائي دفعا اها تقرير پڙهي ياد به ڪئي هئي. پر بيگم نصرت ڀٽو کيس ساڻ کڻي پنجاب جي شهر شهر، گليءَ گليءَ ڪمپين هلائي هئي. ملڪ جي عظيم پاور (عوام) سندس اهڙو ته ساٿ ڏنو جو آمر ضياءُ اُها اليڪشن ڪڏهن به نه ڪرائي سگهيو. اهو پ پ پ ڪارڪن ۽ عوام جو ئي ساٿ هو جو ان ڏڪندڙ بينظير پنهنجي للڪار سان مضبوط کان مضبوط اسٽبلشمينٽ کي لوڏي ڇڏيو. ٽيهن سالن گذرڻ جي باوجود به هو کائنس ڏڪندا ڊڄندا رهيا. ضياءَ جي باقيات، اقتدار تي قابض ٽولو، ساڻس ۽ عوام سان جنگ جاري رکي. کيس به سندس محبوب پيءُ جيان گوليءَ سان شهيد ڪيو ويو. چوويهن سالن جي "نهتي لڙڪي" هاڻي دنيا جي مڃيل اڳواڻ ٿي چڪي هئي. دوست توڙي دشمن سندس سياسي قد ڪاٺ جا هڪ جيترا حامي ٿي چڪا هئا. ملڪ جي سياسي لاهين چاڙهين، اقتدار تي قابض عوام دشمن سياسي بازيگرن سان منهن ڏيندي ڏيندي هوءَ هڪ سياستدان ٿي چـُـڪي هئي. شهيد پيءُ وانگر هوءَ به آمرن ۽ غاصبن جي هر سياسي بازيگريءَ جي چال کي چڱيءَ طرح سمجهي سياست ڪري رهي هئي. هوءَ سندس ئي سياسي پـچ تي کين هارائي رهي هئي. هن پوري ملڪ جي دانشور ۽ پڙهيل لکيل ڪلاس جي تنقيد جي باوجود اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ ڄاڻي پئي ته "آمر اليڪشن ڪرائڻ لاءِ نه ايندا آهن". کين وائکو ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ اليڪشن ئي بهترين طريقو آهي. اقتدار تي قابض ٽولي سان بظاهر سندس رويو نرم به هيو پر تنهن جي باوجود کين ڀلي ڀت ڄاڻ هئي عوام جهڙو ناقابل فتح پاور رکندڙ بينظير سندن ڪنٽرول ۾ ڪو نه ايندي، هڪ دفعو کيس اقتدار مليو ته هوءَ کانئن هميشه لاءِ اقتدار کسي وٺندي. ڇاڪاڻ ته هوءَ جمهوريت ۽ عوام جي سياست پئي ڪري. هـِـن ملڪ تي قابض ٽولي جي حڪمرانيءَ لاءِ هوءَ اصل خطرو هئي، جنهن ڪري غاصبن هڪ دفعو ساڳي غلطي ورجائي ۽ شهيد ڀـُـٽي جيان هنن بينظير کي به شهيد ڪري ڇڏيو. اسان توهان جي گهرن ۾ تڏو وڇايو ويو پر هاڻي فرق اهو هو جو ماڻهو بند ڪمرن ۾ سڏڪا نه پر روڊن تي اوڇنگارون ڏئي رهيا هئا، هو جيلن ۾ قيد نه پئي ٿيا پر سندن غصي جيلن جي اونچين ديوارن کي به ٽوڙي ڇڏيو. تنها هٿين خالي ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڏک جو جوالا مکي ٿي ڦاٽو، هٿين خالي ماڻهو پوليس وارن کي ڊڪائي رهيا هئا. ان وقت ڀـُـٽي جي نالي وٺڻ تي ڪال ڪوٺڙين ۾ قيد ڪيو ويندو هو پر هاڻي هر ماڻهو پارٽي جهنڊو کڻي گهمڻ کي ئي جان جو پروانو سمجهن پيا. هر گاڏيءَ تي پ پ پ جو جهنڊو هڻي روڊ تي گهمي سگهجي ٿو. هنن بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري اصل ۾ کيس صدين جي زندگي ڏئي ڇڏي آهي. ايتري قدر جو ضياءَ باقيات به مڪر وچان سوڳ جو اعلان ڪري رهي آهي، وزيراعظم هائوس کان لال حويلي تائين غائبانه جنازه نماز ٿي رهي آهي، قرآن خواني ٿي رهي آهي. اها محترمه بينظير ڀٽو جي فتح آهي جو اسٽئبلشمينٽ ايتري ڪمزور ٿي چڪي آهي. اهو محترمه جي ٽيهن سالن جي عوامي سياست جو به ڦل هـُـيو. سندس چاهيندڙن ضياءَ باقيات کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ اِهو انهيءَ عوامي اعتماد ۽ پيار جو به نتيجو آهي جو پوري دنيا سندس وڇوڙي تي سوڳوار آهي.

    اِهو ارڙهين آڪٽوبر جو عوامي سيلاب ئي هيو جنهن پوري دنيا جي سيٽلائيٽ چئنلن جا رُخ ڪراچي ڏانهن موڙي ڇڏيا هئا. شايد ئي پوري دنيا جي گولي تي ڪنهن اڳواڻ جي آجيان لاءِ ماڻهو اچي ديوانا وار رقص ڪندي، ايتري تعداد ۾ پهتا هجن. عوام جي انهيءَ سمنڊ اقتدار جي ايوانن کي ايترو ته ڊيڄاري ڇڏيو جو ان ڊپ مان آپگهاتي بم انهن رقص ڪندڙ بيگناهه ماڻهن تي ڦاڙيو ويو. ڪجهه ڪلاڪن جي خوشيءَ کان پوءِ رقص ڪندڙ پير ڌڙن کان ڌار هئا، نعرن بجاءِ دانهون هيون. انهيءَ سانحي جي باوجود ديوانا جمع ٿيندا رهيا. هر جلسي ۾ هزارين ماڻهن جا هجوم گڏ ٿيندا رهيا. پي پي پي جي لاءِ حڪمران اشرافيه جي هر سازش ٿي، ضياءَ باقيات جا بم بينظير ڀٽو لاءِ سندس عشق کي ختم نه ڪري سگهيا ته هڪ دفعو وري هنن عوام جي پاور کي "گن ۽ بم" سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر هن عظيم سانحي کان پوءِ جنهن طريقي سان پي پي پي ورڪرن توڙي ليڊرن متحد ٿي اهم فيصلا ڪيا آهن، انهن يقينن کين بوکلائي ڇڏيو آهي. پارٽي ڪمال دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪري ٽن ڏينهن اندر ٻه اهم فيصلا ڪري مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. ڪيترن ئي سگريٽي، اوطاقي ۽ الڪوهلڪ دانشورن کي ان فيصلي سان اختلاف هوندو ته پارٽي کي ذاتي جاگير نه سمجهڻ يا چونڊن ۾ حصو وٺڻ، بي معنيٰ لڳي پر اصل حقيقت اِها آهي ته ننڍي کنڊ جي سياسي ڪلچر ۾ خانداني ورثو عوام وٽ وڏي اهميت رکندڙ آهي. پارٽيءَ جو ووٽر توڙي ورڪر به انهيءَ ڪلچر جو حصو آهي. ٻيو ته ڀٽي خاندان جي legacyکي ڀيٽا ڏيڻ جو اهو ئي بهترين طريقو آهي. هڪ اعتراض اسان توهان جهڙن پڙهيل لکيل شاؤنسٽن کي اِهو به آهي ته محترمه جي ٻارن پنهنجي نالي پويان "ڀٽو" لڳائڻ جو فيصلو ڇو ڪيو آهي؟ بينظير ڀٽو جي عظمت تي ان جي ٻارن کي به حق آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي ماءُ جي محبتن کي مڃتا ڏيندي پنهنجي نالي پويان سندس نالو لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته اُن کي واکائڻ گهرجي. آخرڪار ماءُ ٻارن کي جنمي ۽ پالي ٿي، هوءَ ٻارن جي شناخت جو پهريون حوالو هجڻ گهرجي، تنهن ڪري اسين سمجهون ٿا ته رڳو بلاول يا بينظير جا ٻار ئي نه پر سڀني ٻارن کي ماءُ جي شناخت کي به پنهنجي نالي جو حصو ٺاهي سندس محبت کي مڃتا ڏيڻ کپي. جيتري قدر "آصف" جو سوال آهي ته هو شهيد بينظير ڀٽو جو وَرُ آهي ۽ هـُـن زندگيءَ جا ويهه سال بينظير ڀٽو سان گڏ گذاريا آهن. ننڍي کنڊ جي روايتن مطابق ان کان پهرين به بنگلاديش ۾ خالده ضياءَ ۽ نصرت ڀٽو جهڙيون غير سياسي عورتون پنهنجي گهروارن کان پوءِ پارٽي ليڊ ڪري چڪيون آهن ته آصف جي اڳواڻي تي تنقيد ڇو آهي؟ بنگلاديش ۽ پاڪستان کي ڇڏيو پر دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت انڊيا ّ به ساڳي روايت رهي آهي. راجيو گانڌي، نهرو جو ڏهٽو هـُـيو، سندس وفات کان پوءَ پارٽي جون واڳون سندس بيواهه سونيا گانڌيءَ کي سنڀالڻيون پئجي ويون، جيڪا اٽالين پڻ آهي. جنهن ملڪ ۾ سٺ سالن کان جمهوري ڪلچر آهي جيڪڏهن انهن ملڪن ۾ به خانداني ڪرزما (chrisma) جي ضرورت آهي ته پوءِ طويل آمريت هيٺ رهندڙ پاڪستان ۾ اهڙن قدرن جي گهر غير ضروري آهي. عملي سياست جا رمز پنهنجا ئي ٿين ٿا. جيڪڏهن پارٽي ورڪرن ۽ ووٽرن کي ڀٽي جي نالي سان اُنسيت، عشق آهي، محبت آهي ته پوءِ سگريٽي، اوطاقي ۽ الڪوحلڪ دانشورن کي پنهنجا رايا پنهنجي ڊرائينگ روم سياست ۽ حلقه احباب تائين ئي محدود رکڻ گهرجن.

    پي پي پي کي انهيءَ ڪرائيسز (بحران) مان نڪرڻ لاءِ وقت ڏيڻ گهرجي. پارٽيءَ جي نئين قيادت کان بينظير جي سياسي بصيرت جي اُميد نه ڪرڻ گهرجي، نه ئي ان کي بينظير ڀٽو سان ڀيٽڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته محترمه بينظير ڀٽو پويان ٽيهن سالن جو تجربو، ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي ذهين، بهادر اڳواڻ جي سياسي تربيت هئي. پر انهن ٻنهي ڳالهين سان گڏ ماڻهن جي بيپناهه محبت ۽ پارٽي ورڪر جي سياسي سمجهه به هئي. اڄ به پارٽي ورڪر پنهنجي پوري سچائي سان پارٽيءَ سان گڏ بيٺو آهي، جيڪو پارٽيءَ جو عظيم سرمايو آهي. لياريءَ جي عام عورت چئي ٿي ته، "ڀٽي کي سياست جي ڏوهه ۾ شهيد ڪرايو ويو ته محترمه کي جمهوريت جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو آهي پر اسان سندس مشن جاري رکنداسين". جنهن پارٽيءَ ۾ اهڙا باشعور ڪارڪن هجن، جنهن پارٽيءَ سان عوام جي طاقت هجي، ان پارٽيءَ مان اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جو روح جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو هـُـئي ته شهيد محترمه جي سگهه به پ پ پ ئي هـُـئي.



    ادي!​


    محمود مغل



    ادي!

    ڳڙهي خدابخش جي نرم مٽيءَ جي تهن ۾، گلابن سان ڍڪيل آخري مرقد ۾، بابا جو ڀاڪر ڪيئن لڳي ٿو؟...اهو عظيم الشان پيءُ، جنهن کي اڻٽيهه سال اڳ، جدائيءَ جي گهڙيءَ ۾ تون ڇُهي به ڪو نه سگهي هئينءَ. هنن گهڙين ۾ هن توکي ڪيئن نه ديوانن وانگر ڇاتيءَ سان لڳايو آهي. اهو عالمي مرتبت، قائد، جيڪو سياسي بصيرت ته کڻي ڪمال رکندڙ هو، پر گڏو گڏ هڪ والد به ته ڀرپور هئو، تنهن لاءِ توکي ڇڏڻ ۽ وري واپس ورائڻ جو تجربو ڪيڏو نه ڪمال هوندو.

    ادي!

    تو جهڙي عالمي وجود کي ”تون“ چئي مخاطب ٿيڻ اڻ سونهون لڳي ٿو، جتي سڀ ”محترمه“ کان گهٽ نه ٿا ڳالهائين، ۽ توهان چوندي به سندن همٿون هر هر ميڙاڪا ڪن ٿيون، اتي هي پاڳل، چريو، نادان ننڍو ڀاءُ ڪيئن هجت مان ”تون“ ٿو چوي...پر خالي هي اڪيلو ناهي، اهڙا هزارين ڀائر اها هُجت ساڻ کڻي هلن ٿا...ڇاڪاڻ ته هنن کي محبتن جو اهو معراج تو ڏنو آهي ۽ ائين، ان انداز ۾ موڪلائي ته تو اڃان به سڀني کي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو آهي.

    اڃان وڌيڪ ڳالهين ڪرڻ کان پهرين، اهو چوڻ بنهه اهم آهي ته، ”انا وانااليه راجعون...“ ڌڻي جل شانه جي فيصلي کي قبول ڪرڻو آهي. تون رخصت ٿي چُڪي آهين ۽ ٻين کي يقينن پنهنجي پنهنجي واري تي هي جهان ڇڏڻو آهي...مٽيءَ جي هر پنوڙي کي آخر به ته مٽيءَ سان ملڻو ئي آهي. دنيا، خساري جي جاءِ آهي ڀيڻ...هي ته بس پوک ئي پوکڻي آهي. لڻڻ جو جهان ته ٻيو آهي. اها ڳالهه تمام گهٽ ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ وري جن کي سمجهه ۾ اچي ٿي، انهن کي اهو سڀ سمجهندي سمجهندي ورهيه لڳي وڃن ٿا. تنهنجو والد محترم، ”قائد عوام“ هڪ ذهين ترين وجود هو، ان راز کان هو واقف هو ۽ هاڻي سمجهه اچي ٿي ته پنهنجي مختصر ساٿ ۾ هن توکي به خوب سمجهاڻيون ڏنيون. تڏهن ته اوهان ٻئي، سدائين رهندڙ واري ”دارالبقا“ لاءِ ايتري تياري ڪئي، ايترو ڪجهه پوکيو، اهو سڄو ثمر ڪٺو ڪيو، جيڪو اوهان کي ٻئي جهان ۾ ڀرپور نموني ڪم اچي...

    اسان جهڙا، الاءِ ڪيترا وجود ڀيڻ، انهن سڀني مرحلن کان ناآشنا هوندا آهن، جن کي ”سياست“ چئبو آهي. ذاتي طور تي هنن سٽن ۾ اهو اقرار ڪرڻ گهران ٿو ته سياست، جو ”سين“ سمجهڻ به بي انتها ڏکيو ٿو لڳي، نه ڪڏهن ڪو جلسو جلوس ڏٺو آهي، نه ڪو ميلو ٺيلو، سچ اهو ئي آهي ۽ جيڪو به پڙهندو سو کلندو ضرور...پر ڳالهه ته آهي نه...هاڻي جنهن ماڻهوءَ، ڪڏهن ڪو سياسي پليٽ فارم نه ڏٺو هجي، جنهن کي ڪنهن نعري وغيره جي سُڌ نه هجي، تنهن کي اها حسرت هجي ته ڪيئن به ڪري ”شهيد ڀٽي“ جي تصوير ضرور هٿ ڪجي...اها تصوير، جيڪا ساهه سان سانڍي رکجي...جيڪڏهن لائبريري هجي ته اتي ڪنهن روشن جاري ۾، ڪتابن جيان، دنيا جهان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف ڪندڙ ”ڀُٽو“ ضرور موجود هجي...ڀٽو، جيڪو هن ملڪ جي اڻ پڙهيل عوام لاءِ هڪ کليل ڪتاب هو. اهو نوجوان نسل، جيڪو تنهنجي آواز جي گونج ۾ وڏو ٿيو آهي، شايد اهو نه ٿو ڄاڻي ته ڪتابي طور تي اڻ پڙهيلن، ننڍي حيثيت وارن ماڻهن ۽ عام عوام وٽ سمجهه جو جيڪو درياءُ هاڻي بند آهي، اهو ”ڪُوزو“ کين ذوالفقار علي ڀٽو ڏئي ويو هو...اهو ئي ڀٽو، جنهن پنهنجي پٺيان توکي، ان راهه جي اڙانگي سفر لاءِ چونڊيو هو.

    اڻٽيهه سال پهرين ڏانهن ورون ٿا ادي، سکئي ستابي ٺاهيندڙ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم کي، جڏهن رات وگهي جهان مان رخصت ڪيو ويو هو ۽ گهٽين ماٺ جي چادر پهري هئي ته سڏڪا، سينن ۾ جڪڙجي ويا هئا. هاڻي، جڏهن ڪنڊ ڪڙڇ ڍڪرون ٿي ڏئي ته لڳي ٿو ته اهو غم به تازو ٿي نڪتو آهي. وسايل چلهين جا ٽانڊا، ڄڻ وچ واري عرصي ۾ ٻريا ئي ڪونهن. انهن مٿان وقت جي اڇلايل پاڻيءَ، رڳو درد جا دونهان ڪڍيا آهن. انهن دونهن وري، اکين جي آلاڻ کي جاڳايو آهي، اڻٽيهن سالن ۾ نيڻ کِليا گهٽ آهن، رت گهڻو رُنا آهن...

    هنن ساعتن ۾، توسان گفتگو ڪندي، ادي...قلم بار بار بيهجي ٿو وڃي...دماغ خالي ٿو لڳي، بي ربط شيون، ڄڻ تال ڪڍنديون هجن...سڀ سمجهه ۾ اچي ٿو...اهو به ڄاڻان ٿو ته مئي سان مرندو ڪو به ناهي...اها ”بک“ جيڪا ڪجهه دير لاءِ جهيڻي ٿي آهي وري لڳي ويندي...ڪارجهان وري شروع ٿي ويندو. هل هنگاما، نعرا شارا، شاديون مراديون، سڀ وري ٿي ويندا، نه هوندينءَ ته تون...۽ اها به ڄاڻ اٿم ته تنهنجيءَ غير حاضري ۾ يقينن ڪنهن نه ڪنهن تي اها سڄي ذميواري به اچي ويندي، هاڻي اهو اها نڀائي سگهي يا نه، اها ٻي ڳالهه آهي...پر اها پڪ ته هرڪو رکي ٿو ته اهو بينظير ٿي نه سگهندو...

    حياتيءَ ۾ هڪڙي ڳالهه ڏاڍي عجيب آهي ادي....ڪنهن وڏي، گهاٽي وڻ جي ڇانءَ، هيٺان ننڍا ٻوٽا نسري ناهن سگهندا...هاڻي انهن لاءِ سبب کڻي ڪهڙو به هجي، اهو سڀ ائين ئي ٿئي ٿو، پر هڪ وڏي پيءُ جي ڇانءَ هيٺان، تنهنجي وجود جي ٻوٽي پاڻ ڪمال جو سنڀاليو...ايتري حد تائين جو ان قدآور وڻ جي ڪپجڻ کان پوءِ تو وري پاڙون مضبوط ڪيون ۽ پنهنجو قد اونچو ڪيو...جيڪڏهن تنهنجي وجود جو وڻ قبله والد جي وڻ کان مٿي ٿي نه سگهيو ته به، ان جي لڳ ڀڳ ته پڳو آهي ادي...هاڻي اهو سڀ ته سياسي تجزيه نگار ئي سمجهي سگهن ٿا، هيءَ ته هڪ عام ماڻهوءَ جي سوچ آهي.

    شهادت کان ڪجهه ڏينهن پهرين، ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي ڪي ٽي اين سان ڳالهائيندي تو چيو هو، ”مون کي وڏي خوشي آهي ته اڄ مان پنهنجي ڌرتيءَ تي لٿي آهيان...“ ته اهو سڀ ٻڌندي، تنهنجي ٻهڪندڙ مُکَ ساڻ، ٻيا به هزارين چهرا، مهڪي اٿيا هئا...تو مرڪيو پئي ته عوام ٽڙيو پئي...ڪنهن کي به اهو اندازو ڪو نه هو ته گلابي مک کي، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ گلابن جي ڍير هيٺان آرامي ٿيڻو آهي. پنهنجي والد جي لاڏلي ”پنڪي“ ائين خوشبو بڻجي ويندي...پر ڇاڪاڻ ته ازل ابد جي ڪتاب ۾ سڀ اڳ ۾ ئي لکيل هوندو آهي. اهو سڀ ائين ٿيڻو هو...هڪ عاشق پيءُ، ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڪيترو انتظار ڪري ها...

    لاهور جي عدالت ۾، پنهنجي آخري تاريخي بيان جي آخر ۾، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، هڪ سٽ چئي هئي...جيڪا هر هر ڪنن ۾ گونجي ٿي...ڀٽي صاحب، عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو هو، ”دردان دي ماري، دلڙي عليل اي..“ اڄ، وقت کي مخاطب ٿيندي اها ئي سٽ سمجهه ۾ اچي ٿي.

    اسان جهڙن مجهولن کان ناراض نه ٿجانءِ ادي...اسين بيوقوف، سڪو رائج الوقت نه ٿا ڄاڻون...اهي ڦنڌ ڦير اسان کي نه ٿا اچن ڀيڻ...اسان جو نه ڪنهن سان مخالفت جو حساب آهي، نه موافقت جو تعلق....اسان کي ته بس اها خبر آهي ته جيئن سڳين ڀينرن جو ڏک سينو جڪڙيندو آهي، ائين ئي تنهنجي جدائيءَ جو غم به وڪوڙي ويو آهي. اڄ دل چوي ٿي ته ادي، ادڙي، جيجل، امڙ، آئي، دادا ۽ اهي سڀ خطاب جيڪي گهرن ۾ ڀينرن کي ڏنا ويندا آهن، تنهنجي نانءُ ڪجن ۽ جيئن ڀينرن جي رخصت ٿيڻ تي، سندن هٿ وٺندڙن کي وينتي ڪبي آهي ته، ”سائين....ڏاڍي لاڏ سان پاليل آهي اسان جي نياڻي...ان جي پارت اٿوَ...ائين ئي ڌڻيءَ مٺي کي عرض ڪجي ته رب پاڪ، کيس بهتر کان بهتر جاءِ ڏجانءِ...سندس پورهيو قبول ڪجانءِ ۽ کيس جنت الفردوس جي عاليشان باغن ۾ رکجانءِ...هوءَ گلابي آهي ۽ گلابن ۾ ئي سندس جاءِ سونهين ٿي...منهنجا رب تون مالڪ آهين ۽ اهو سڀ ته تون بهتر ڄاڻين ٿو. اسان جو عرض قبول ڪجانءِ. آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو