کرين تي ڪڻڪ جي پوک : ڪجهه حقيقتون

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جديد زراعت ذريعي ٿوريمحنت ۽ ٿوري خرچ سان وڌيڪ پيداوار
    *****************************************
    کرين تي ڪڻڪ جي پوک: ڪجهه حقيقتون

    تحقيق ۽ تحرير: محمد يوسف چنا

    اختصار: محمد مٺل جسڪاڻي

    اڪثر آبادگار عام آبپاشيءَ وارو پاڻي ۽ ٽيوب ويل وسيلي زمين مان حاصل ٿيندڙ پاڻي ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پوک لاءِ استعمال ڪن ٿا. عام طور آبادگار ڇٽ يا ناڙي وسيلي ڪڻڪ جي پوک ڪندا آهن. هو روايتي طريقي سان عام کليو پاڻي هلائين ٿا. اهو روايتي طريقو انتهائي غيرموئثر آهي، جنهن ڪري ميسر پاڻي جو تمام گهڻو زيان ٿيندو آهي. پاڻيءَ ۾ موجود خوراڪي جزا به ضايع ٿين ٿا. مشينن وسيلي پاڻي کڻڻ تي خرچ به گهڻو ٿيندو آهي. گندگاهه جا ٻوٽا وڌڻ ويجهڻ ڪري ملندڙ زرعي پيداوار به غير معياري ٿيندي آهي. پاڻي جي شديد کوٽ باوجود پاڻي جو غلط استعمال ۽ زيان ٿيندو آهي.

    هاڻي آدمشماري وڌي پئي، پيداواري ذريعا، خاص ڪري زمين ۽ آبپاشي وارو پاڻ جيئن پوءِ تيئن محدود ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري ضرورت ان امر جي آهي، ته فصلن جي پوک لاءِ ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، ته جيئن محدود زرعي زمين ۽ پاڻي باوجود، وڌ ۾ وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ ممڪن بنجي، ته جيئن وڌندڙ آبادي جي پيش نظر وڌندڙ ضرورتن جي پورائي ٿي سگهي. کرين تي ڪڻڪ جي پوک هڪ اهڙي نئين حڪمت عملي آهي، جيڪا هن منجهائيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ سولائي پيدا ڪري سگهي ٿي.

    کرين تي ڪڻڪ جي پوک ڪري ڏٺو ويو ته خبر پئي کرين تي ڪڻڪ جي پوک ممڪن، سولي ۽ وڌيڪ فائديمند آهي. ان ڪري آبادگار ڀائرن جي سڌ لاءِ کرين تي ڪڻڪ جي پوک جون ڪجهه خاص ڳالهيون پيش خدمت آهن، اميد ته ڌيان سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

    کرين تي ڪڻڪ پوکڻ جا فائدا

    • فصلن جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو واڌ
    • 30 کان 35 سيڪڙو پاڻي جي بچت
    • گندگاهه گهٽجڻ
    • ڪڻڪ جو فصل ڪرڻ کان محفوظ رهي ٿو
    • مروج يا مشيني طريقي سان لابارو ڪرڻ ۾ سولائي
    • سولائي سان اضافي پاڻي نيڪال ڪرڻ
    • برسات جو پاڻي بيهڻ جي صورت ۾ گهٽ نقصان
    • ٽيوب ويل يا مشين ذريعي پاڻي کڻڻ جي صورت ۾ ٿيندڙ خرچ جي 40 سيڪڙي تائين بچت
    • ڪمند جي گڏيل پوک ڪرڻ ۾ سولائي

    زمين جي سنوت
    هيٺاهين ۾ پاڻي جمع ٿيڻ ڪري ٻوٽن کي سڪڻ ۽ مرڻ کان بچائڻ لاءِ، زمين جي سنوت انتهائي ضروري آهي. هموار زمين سان هڪ ساريڪو پاڻي ڏيڻ ۽ اضافي پاڻي نيڪال ڪرڻ سولو ٿئي ٿو، پيداوار وڌي ٿي، ته آبادگار جي آمدني ۾ واڌ ٿيندي آهي.


    [​IMG]

    پوکڻ جو طريقو
    سڪي زمين جي تياري مڪمل ڪري، پوک وقت سفارش ڪيل ڀاڻ ۽ ٻج ڇٽي، 2 فوٽن جي فاصلي تي کريا ٺاهڻ گهرجن.

    [​IMG]

    کريا ٺاهڻ
    کريا عام طريقي سان، ٽريڪٽر ذريعي يا ڏاندن جي کرين واري هر سان، هر ٻن فوٽن جي فاصلي تي ٺاهجن.

    [​IMG]

    پاڻي جو استعمال
    جيئن ئي کريا ٺهي مڪمل ٿين، ته ايترو پاڻي ڏجي، ته جيئن کريا ٻڏڻ کان محفوظ رهن. گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 40 سيڪڙو کرئي جي چوٽي، پاڻي کان آجي هجڻ گهرجي. بقايا پاڻي زمين جي قسم، خاصيت، موسم ۽ فصل جي گهرج کي نظر ۾ رکي، هر واري تي ايترو پاڻي ڏجي، ته جيئن کرئي جي چوٽي تي پوسل ضرور ٿئي.

    [​IMG]

    ڪڻڪ ۽ ڪمند جي گڏيل پوک
    • اضافي فائدا ٿيندا
    • ساڳئي زمين مان، ذري گهٽ ساڳئي محنت ۽ ساڳئي خرچ سان، ٻه فصل کڻي سگهبا
    • ڀاڻ جي گهٽ ضرورت پوندي
    • پاڻي جي به بچت ٿيندي
    • پيداواري لاڳت گهٽبي
    • ڪڻڪ توڙي ڪمند ۾ گندگاهه گهٽ ٿئي ٿو

    [​IMG]

    انتظام ڪاري
    • پاڻي ڏيڻ ۾ سولائي
    • گندگاهه تي ظابطي ۾ سولائي
    • لاباري ۾ سولائي
    • برسات جو گهٽ نقصان

    [​IMG]

    ڌيان طلب
    • سڄي سنڌ ۾ پوکڻ لاءِ موزون وقت: 15 کان 30 نومبر.
    • پوکڻ جو وقت نظر ۾ رکي جنس جو انتخاب ڪجي.
    • زمين جي بهتر سنوت بهتر پيداوار جي ضمانت.
    • محنت ۽ خرچ جو وقت سر انتظام ۽ استعمال.
    • اضافي خرچ جي ضرورت نه ٿي پوي.
    • زمين جي هر حصي جو ڪارائتو استعمال.

    [​IMG]
     
    38 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه سائين واه،تمام بهترين معلومات
    توهان جا لک قرب جو اهڙو هڪ الڳ سيڪشن ٺاهيو،ان سان ساٿين کي ڄان ملندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظوراحمد

    منظوراحمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    توهان جي اها تيار ڪيل تحرير تمام گهڻي وڻي ۔اڃان به توهان اسان تائين اهڙي ڄاڻ شيئر ڪندا رهندا ته اوهان جا لک ٿورا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظوراحمد

    منظوراحمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ۽ ٻج ڪهڙو استمعال ڪجي اهو ضرور لکو آ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
  6. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    بهترين موضوع آهي. پر افسوس انهي ڳالھ جو آهي اهڙي قسم جي مفيد ڄاڻ هڪ عام هاري جي پهچ کان ڪيترائي ڪوه پري آهي. اهڙي قسم جي ڄاڻ هر هاري جي ذهن ۾ هجڻ کپي، پوءِ ان تي عمل ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ انهيءَ جي مرضي...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. lalamemon

    lalamemon
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2009
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    Nice work keep it up.Stay blessed.
     
  8. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    بھترین ڈاڈو بھلو
     
  9. Abdulwaleed

    Abdulwaleed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    طالبعلم
    ماڳ:
    نواب شاه
    تمام سٺو سائين لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو