تُرڪي اچڻ مهل اُنهن سڀني کان پُڇيم پئي تُرڪي بابت جيڪي هتي رهي ويا آهن۔ پر جڏهن هتي پُهتس ته سندن راءِ الاهي اصل حالتن کان مُختلف هئي۔ هُتي ڪنهن پئي چيو ته هن مهل برف باري هوندي هي هي شيون کڻي وڃ، ڪو پيو چئي نه صفا گرمي هوندي۔ هِتي پُهچي خبر پئي ته جيئن ڪو تُرڪ پاڪستان وڃي ڀلي سال کن رهي اچي پر سندس رهڻ ٿيو هُجي سنڌ جي ڪنهن ساحلي پٽي تي۔ هتي موٽي اچي ٻي همراهه کي ڪهڙي صلاح ڏيندو جيڪو ڪوهه مري يا ڪوئٽه ويندو هُجي۔ يقينن هو کيس ڪا صحيح صلاح نه ڏيئي سگهندو۔ ڪُجهه اهڙو ئي مون سان به ٿيو۔ تُرڪي جي اُترين شهر ترابزون جي موسم ڪُجهه عجيب آهي۔ هتي گرمي وارن ڏينهن ۾ گرمي به ايتري ٿئي ٿي جو ماڻهو پکا هلائڻ تي مجبور ٿين ٿا يا وري اي سي۔ برسات ته ٻاروهي وسي ٿي۔ پر بر فباري به ٿئي۔ پوءِ کڻي ٻين شهر کان گهٽ ئي سهي پر برف پئي ضرور ٿي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ وري جيڪي صفا ڏکڻ جا شهر آهن جهڙوڪر مرسِن وغيره، تِن جي موسم صفا جهڙو پنهنجو بدين هجي۔ نه سردي جو گهڻو زور نه ڪا برف باري۔ وچ تُرڪي جا شهر ڏاڍا ٿڌا آهن۔ جتي گرمي ته ٿئي ئي ڪونه۔ چار پنج مهينا برفباري ۽ پوءِ به ٺيڪ ٺاڪ سي۔ اهي شهر توڙي جو ترابزون کان گهڻو سُڌريل آهن۔ هُتي سهولتون وڌيڪ آهن۔ تعليمي ادار وڌيڪ آهن۔ ڌارين جو تعداد به اُتي گهڻو آهي۔ شين جي رسائي به اُتي وڌيڪ آهي۔ ۽ ڀيٽ ڪجي ترابزون سان ته هي جبل جي ٽڪري تي ٺهيل شهر آهي۔ هتي شين جي رسد ٿوري ڏُکي آهي۔ رستا سِڌا نه هُجڻ ڪري ٿوري گهڻي ٽُٽڻ ڦُٽڻ تي ٻيهر مرمت تڪڙو نه ٿي ٿئي۔ خاص ڪري سوڙهين گلين جا رستا، جتي رولر جو هلڻ ئي ڏُکيو ٿيو پوي۔ تنهنڪري گلين ۾ رستن تي ننڍا کڏا کوٻا هُجڻ عام ڳالهه آهي۔ پر تنهن هوندي به جيڪي حالتون آهن اُن حساب سان هي ڪوشش ڪن ٿا۔ ڇو ته فرض ڪريو ته سڄو شهر ئي حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي وانگي هُجي ته پوءِ اُتي اهي شيون ته ٿينديون ئي ٿينديون، پر هِن شهر جي ٿورين خرابين سان جيڪي ڀليون ڳالهيون آهن انهن مان هڪ خاص اها آهي ته هن شهر کي منفرد بڻائڻ جا سڀ وکر قدرت هتي رکيا آهن۔ اوهان ساوڪ سان ڍڪيل جابلو چوٽيون ڏسڻ چاهيون ٿا بس رڳو ڏکڻ پاسي ڪنڌ ڦيرايو۔ جيڪڏهن دِل چوي ٿي ته سمنڊ ڪناري سير ڪرڻ جي يا سمنڊ جي ويرن کي پري کان بيهي تڪڻ جي ته اُتر پاسي ڏسڻ جي دير آهي۔ بحرِ اسود اوهان جي نظرن جو منتظر آهي۔ شهر جي ڪنهن به ڄڳهه تي هُجو سمنڊ ۽ اوهان جي وچ ۾ وڌ ۾ وڌ هڪ ڪلوميٽر جي دوري آهي۔ اوهان مون وانگي برفباري کي رڳو ڪُجهه وقت لاءِ ڏسي مزو وٺڻ ٿا چاهيو ۽ گهڻو سي برداشت نه ٿو ٿئي ته اها خواهش به هتي پوري ٿيندي۔ هتي ٻين شهرن جيان مهينن جا مهينا برف باري نه ٿي هلي۔ ڊسمبر ۽ جنوري جا ڪُل ملائي ڪو 7 يا 8 ڏينهن برف پئي ٿي جنهن دؤران به گرمي پد ڪاٽو ۾ وڃڻ بدران 0 يا 1 رهي ٿو۔ جنهن ۾ پاڻ ڍڪي برف ۾ وڃي گهُمي ڦِري سگهجي ٿو۔ تازو پيل برف ۽ اُن کان پوءِ جا نظارا اوهان سان ونڊ ڪجن ٿا۔ زندگي جو اهو پهريون مشاهدو ڏاڍو وڻندڙ لڳو۔ گهر کان يونيورسٽي ويندي رستي ۾۔ کاٻي پاسي اسڪول جي عمارت آهي هتي منهنجو ڪم فارميسي ۽ ڪيميسٽري ۾ آهي۔ هي فارميسي ڊپارٽمينٽ جو اڳ ۽ ڪار پارڪنگ آهي هي ڪئمپس جي مسجد آهي۔ جيڪا پڻ برف سا ڍڪجي وئي سڀ کان مٿي نظر ايندڙ اُها ئي فارميسي آهي۔ هي نظارو ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ جي ڏکڻ پاسي جي دري کان آهي۔ ڪئمپس ۾ برفباري کان پوءِ نظارن جو مزو وٺندي هي وڊيو تڏهن رڪارڊ ڪيم جڏهن برفباري جاري هئي۔ منهنجي فليٽ جي دري کان نظارو
اوهان جون برف ۽ سيء جي احساس واريون تصويرون ۽ ليک پڙهي مونکي اوهان جي ئي ضلعي جي شاعر شاهجهان سميل جي شاعري ياد اچي وئي وري آ جنوري جانان برف ئي برف ۔۔۔۔۔ پر هتي اسان وٽ ته سيارو ڄڻ موڪلائي ويو آهي، سيء جو پري پري تائين نالو نشان ئي ناهي۔ نه سوڙين جا مزا آهن نه وري ڪمبلن جا۔ نه باهه جا مچ آهن ۽ نه ئي مچ ڪچهريون ۔۔۔ اوهان سيء جو مزو وٺو پر ٻارن جو خيال رکجو۔
اڙي يار خدارا ڪو خدا جي مخلوق تي رحم ڪريو، هي عرس وارا ڪم ڪڏهن کان شروع ڪيا اٿئي؟!!! وڃ۔۔۔ مارائي وڌء
ايئن به ناهي۔۔۔ عرس پريو ماين جي تصوير جي چونڊ لاجواب ڪندو آهي، جيڪا هن ڊزائن ۾ ناهي۔۔۔ باقي شاعري قهر جي هي
ادا TAHIR SINDHI هي سڄي سليمان وساڻ جي جي شرارت آهي اصل ۾ منهجون لڳايل تصوريون اصل ۾ ان جي ئي فرمائش هونديون آهن باقي شاعري ڀلي آهي ادي عبدالحفيظ جون برف واريون تصويرون بهترين آهن۔ ادا برف باري کان بچجو جو توهان ان برفباري جا عادي نه آهيو