غلام محمد شاهواڻي : نثر نويس، نقاد، محقق ۽ ماهر تعليمطارق عزيز شيخ سنڌ جو ناميارو عالم، شاهه جو پارکو ۽ تعليمي ماهر غلام محمد شاهواڻي حيدرآباد جي قديم علائقي ڪورين جي پڙ ۾ شاهواڻيءَ گهٽي ۾ ۱۹۱۲ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم محمد ابراهيم شاهواڻي هو. حڪيم صاحب انگريزن جي دور ۾ حيدرآباد جي ميونسپل جو صدر رهيو ۽ شهر جي خدمت ڪيائين. هو حڪمت کان علاوه سماجي اڳواڻ، عالم ۽ سياسي ماڻهو هو. سندس وڏا اگهم ڪوٽ کان حيدرآباد لڏي اچي رهيا هئا. حيدرآباد جي جنهن پاڙي ۾ هن جو خاندان آباد اچي ٿيو ان کي شاهواڻي گهٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول، ڪراچي جي سنڌ مدرست الاسلام ۽ بمبئي يونيورسٽي مان پڙهي ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري، تعليم اوري شعبي سان وابسته ٿيو. سنڌ جي تڏهوڪي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جيڪو سندس ويجهو دوست پڻ هو. حڪومتي اعليٰ عهدن جي آڇ ڪيائين پر غلام محمد شاهواڻي انڪار ڪيو. هو عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي ايترو عبور رکندو هو جو انهن ٻولين ۾ درستگيون به ڪندو هو. غلام محمد شاهواڻي تعليم ۽ پڙهائڻ سان ايترو ته شوق رکندو هو جو جڏهن نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو ته گهڻي کان گهڻو وقت پنهنجي اداري کي ڏيندو هو. نور محمد هاءِ اسڪول انهيءَ وقت تمام وڏو تعليمي ادارو هو، جنهن مان لاتعداد عالم، فاضل، سياسي مدبر ۽ زندگيءَ جي اهم شعبن ۾ ڪامياب شخصيتن تعليم حاصل ڪئي. غلام محمد شاهواني اهڙو هيڊ ماستر هو جو هر وقت اسڪول جي معيار کي اعليٰ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو هو، سندس دلچسپي جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن اباڻو گهر ڇڏي، اسڪول جي آڏو نئون گهر اچي آباد ڪيو. هن ”مسلم ايجوڪيشن فائونڊيشن“ نالي تعليمي ادارن جي ڀلائي لاءِ تنظيم پڻ قائم ڪئي. انهيءَ اداري جي ذريعي مسلم هاءِ اسڪول مسلم لا ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيڪي سنڌ جي مسلمانن لاءِ مشعل بڻجي ڪم آيا، هن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پڻ قائم ڪئي، جيڪا ادبي واڌ ويجهه لاءِ هڪ پليٽ فارم بڻجي جتان ڪيترائي علمي، ادبي ۽ اشاعتي سلسلا پنهنجي منزلن تائين هلي پهتا. غلام محمد شاهواڻي بهترين نثر نويس ۽ نقاد هو، شاهه لطيف جي ڪلام جو پارکو هو ۽ اسلامي تاريخد جو عالم هو. هن پهريون ڪتاب ۱۹۴۰ع ۾ ”چاليهه حديثون“ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پاران ڇپايو. ان کان پوءِ ”رسول پاڪ“ سيرت تي ڪتاب آيس ۽ بعد ۾ ۲۵ ڪتابن جو شاندار سلسلو هلندو هليو جيڪو ”شاهه جي رسالي“ تائين پورو ٿيو. هن جي ڪتابن ۾ ”ترڪن جي بهادري“ ترڪ قوم جي تاريخ تي آهي، ”گلشن بهار“ شيخ سعدي جي فارسي ڪتاب ”گلستان سعدي“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. ”علمي خزانو“ مولانا رومي جي مثنوي جو ٽن جلدن ۾ ترجمو ڪيائين. ”ادبي خزانو“ ادبي ڪتاب آهي سنڌي مضمونن تي ”ادبي اصول“ هي سنڌي ادب جو تنقيد نگاري جي مغربي اصولن تي ۽ قانون موجب پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ٻن جلدن تي ٻڌل آهي. لطيفيات تي ”سر سارنگ“، ”سر سامونڊي“ ۽ ”سر سسئي آبري“ تي شرغ شايع ٿي. غلام محمد هواڻيءَ جا گهڻو ڪري ڪتاب اسلامي موضوعن تي ملندا. هن ”خلفاءِ راشدين“، ”خليفو پهريون“، ”خليفو ٻيو“، ”خليفو ٽيون“ ۽ ”خليفو چوٿون“ سوانح حيات تي ٻڌل ڪتاب لکيا جيڪي چئني خليفن بابت آهن. تعليم جي لحاظ کان ”سنڌي گرامر“، ”نظري ۽ عليم تعليم“ ڪتاب لکيائين، جيڪي استادن جي درسي سکيا لاءِ نهايت ڀلا ڪتاب آهن. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”انتخاب نثر“ (مضمون)، ”چونڊ نثر ۽ نظم“ (ادبي ڪتاب)، ”روحاني راز“ (اسلامي مضمون)، ”فتوح العيب“ (ٻن ڀاڱن ۾ عربي مان ترجمو)، ”فلسفه روزه“ (اسلامي موضوع جو ڪتاب)، ”گلدسته اقوال“ ناميارن فلسفين جي قولن تي ٻڌل ڪتاب آهي. غلام محمد شاهواني پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ لکيل مقدمي ۾ ڪجهه اخلاقي ڳالهيون ڪيون آهن، جنهن ۾ خاص طور تي ڊاڪٽر دائودپوٽي واري ڳالهه ڪوٽ ڪئي اٿس ته ڊاڪٽر دائودپوٽي شاهواڻي صاحب کي اهو ٻڌايو هو ته: ”منهنجي خيال موجب سرڪيڏارو شاهه صاحب جو ڪلام ناهي، ڊاڪٽر گربخشاني اهو ٽئين جلد ۾ درج ڪيو، تنهن ڪري منهنجو هن سان اختلاف ٿيو هو ۽ آئون پوءِ ساڻس شريڪ ڪار نه رهيس.“ واضح رهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جي رسالي جا ٽي جلد تيار ڪيا، جنهن ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو برابر جو شريڪ رهيو پر چوٿون جلد تيار ڪرڻ کان اڳواٽ سندس ديهانت ٿي ويو ۽ رسالي جو ڪم اڌورو رهجي ويو هو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جو ساڻس اختلاف سر ڪيڏاري تي ٿيو هو پر ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪيڏاري کي شاهه جو قرار ڏنو. ڊاڪٽر دائودپوٽي هڪڙو تنقيدي مضمون غلام محمد شاهواڻي جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي تي پڻ لکيو هو پر شاهواڻي صاحب ان جي رد عمل ۾ ڪو به جوابي مضمون ڪو نه لکيو. شاهواڻي صاحب علمي ادبي ڪم ڪيا پر ڪڏهن به تڪراري ڪردار ڪو نه بڻايائين. ذاتي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو مصروف رهيو، تمام ٿورا سنڌي عالم هوندا، جيڪي شاهواڻي جيان سڄو وقت ادب ۽ تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا هجن. سندس شاگرد ناليوارا علام، اديب ۽ وڏن عهدن تي فائز رهڻ وارا نڪتا. ڪتابن پڙهڻ ۽ ٻين کي پڙهائڻ واري طبيعت رکندڙ هو. شاهه لطيف کي پڙهڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هو. سندس زماني ۾ سماجي ۽ فلاحي ڪمن لاءِ سوسائيٽين جو رواج عام هوندو هو، تنهن ڪري هو به اهڙن پليٽ فارمن تان سنڌي مسلمانن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات ڀڄ ڊڪ ڪندو هو. پاڻ جيئن ته تعليم دان هو تنهن ڪري جيڪي تعليمي حوالي سان سوسائيٽيون ٺهنديون هيون، انهن ۾ تعليمي حوالي سان سهڪار ڪندو هو. پاڻ انهيءَ ڪري اسلامي ڪتاب لکي ورهائيندو هو. هي اهو ئي دور هو جڏهن هندو برادريون علمي ادبي ۽ سماجي سوسائٽيون ٺاهي پنهنجين برادرين کي اڳتي وڌايو ويندو هو، جنهن جي مقابلي اهڙو رجحان پيدا ٿيو، جنهن ۾ شاهواڻي صاحب، خان بهادر محمد صديق ميمڻ، آخوند الهه بچايو ۽ سر غلام حسين هدايت الله وڏا نالا هئا. شاهواڻي صاحب ۱۹۵۰ ۾ ڪافي بيمار ٿي پيو، اوچتو ئي اوچتو کيس ٻه ٽي مسئلا هڪ ئي وقت ۾ وچڙي پيا. شوگر جو مريض ٿي پيو، بلڊ پريشر سبب دل تي به اثر پيس، ٿورن ڏينهن ۾ ئي گهڻو وزن گهٽائ يويو. هڪدم ڪمزور ٿيڻ سبب علمي ادبي ڪم بيهجي ويس. حالت جيئن پوءِ تيئن بگڙجندي وئي، علاج لاءِ حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ٿيو، جتان ڪراچي منتقل ڪيو ويو ۽ حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي ڪراچيءَ کان لاهور تائين وڃي پهتو پر آپريشن دوران دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس مڙهه کي حيدرآباد آندو ويو ۽ سنڌ جي قديم قبرستان ٽنڊي يوسف ۾ سندس تدفين ڪئي وئي. شاهواڻي صاحب پنهنجي ڄمار جي مطابق تمام گهڻو ڪم ڪيو، هن جيترو ڪم ڪيو اوترو ڊگهي ڄمار تائين به ماڻهو نه ڪري سگهندا آهن. غلام محمد شاهواڻي ادب، تعليم ۽ سماجي ڀلائي جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون هميشه ياد ڪرڻ جهڙيون ڇڏيون آهن. هن وقت شاهواڻي صاحب جي لکيل ڪتابن جي گهرج هئڻ باوجود مارڪيٽ ۾ نٿا ملن جيڪي سنڌ جي اشاعتي ادارن کي ڇپائڻ گهرجن، خاص طور تي ”شاهه جو رسالو“ ۽ ”ادبي اصول“ هميشه ڪتب اچڻ وارا آهن. شاهواڻي صاحب ڪُل اٺاويهه ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ به ڀاڱن وارا ڪتاب ڳڻبا ته اڃا به وڌيڪ ٿيندا. هن علمي پورهيو نهايت ايمانداري سان ڪيو ۽ امر بڻجي ويو.