دوستو، آئون ٿورائتو آهيان سنڌ سلامت جو جنهن مونکي پنهنجي بلاگ ٺاهڻ ۾ مدد ڏني۔ بلاگ متعلق سنڌ سلامت تي موجود مختلف آرٽيڪل منهنجي لا تمام مددگار ثابت ٿيا۔۔۔ مون پنهنجي هن بلاگ ۾ نه صرف پنهنجي تۡخليق (شاعري ۽ نثر) پر دوستن لا مختلف سافٽ ويئر، فلمون، گيت ، گيمز ۽ ٻيو مواد پڻ رکڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي۔ جيئن ته هن سڄي بلاگ ۾ مون سان نڀائڻ واري سنڌ سلامت آهي، ان ڪري، مون پنهنجي بلاگ تي سوشل لنڪز ۾ سنڌ سلامت جو بٽڻ ۽ سندس ايڊ پڻ رکيو آهي جيڪو در اصل بلاگ جي سونهن آهي۔ دوست بلاگ وزٽ ڪن ۽ ان کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجي را ڏين ۔۔۔ http://ssbaloch.blogspot.com
تمام گهڻي خوشي ٿي ته اوهان پنهنجو بلاگ جوڙي ورتو ۔۔۔۔ منهنجي هڪ خواهش پوري ٿي۔ مان چاهيان ٿو ته هر دوست پنهنجا بلاگ جوڙي اتي پنهنجي شاعري، مضمون ۽ لکڻيون رکي۔ ان جا ڪجهه فائدا آهن هڪ ته سنڌي جي ڊيٽا انٽرنيٽ تي وڌي ٿي ٻيو ته دوستن جون لکڻيون سولائيء سان ملي وڃن ٿيون۔ هاڻي هڪ ٻيو به عرض ڪبو ۔۔۔ مهرباني ڪري تصوير ۽ ڊزائن سان گڏ سنڌي شاعري ٽيڪسٽ ۾ به شيئر ڪريو جيئن گوگل ڳولها ۾ آسانيءَ سان لاڳاپيل شاعري سرچ ٿي وڃي۔
ادا فاروق ۽ سليمان، مون ائين ئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڄو ڊزائين سنڌي ۾ ٿئي، پر فونٽس سيٽنگ مون کان نه ٿي، سنڌي فونٽس ڪيئن آڻجن ۽ ڪيئن اهي پبلش کانپو سولائي سان ڏسي سگهجن ۔۔ اها رهنمائي ضرور ڪندا،۔
ادا شاهجهان جو بلاگنگ طرف رجحان ڏسي خوشي ٿي۔۔۔ توهان پنهنجي بلاگ کي بهتر بنائڻ جي جستجو ۾ آهيو اها ڳالهه به ڀلي لڳي۔۔۔ سنڌ سلامت تي هميشه ”سنڌي“ بلاگنگ کي سپورٽ ڏني ويندي آهي۔۔ جيڪڏهن توهان پنهنجو بلاگ سنڌي ۾ رکڻ ٿا چاهيو ته هتي توهان کي هر قسم جي مدد ميسر هوندي۔۔۔ سنڌي بلاگنگ جي سلسلي ۾ ڪجهه سنڌي ٽيمپليٽس سنڌ سلامت تي رليز ٿي چڪيون آهن۔ جن ۾ شامل آهن۔۔: سنڌي ٽمپليٽ اميدون ٽيمپليٽ سجاد ٽيمپليٽ ان کان علاوه جيڪڏهن توهان پنهنجي طرفان چونڊيل ٽيمپليٽ ۾ سنڌي فونٽ سينگارڻ چاهيو ته سجاد علي چنا جي هن موضوع کي پڙهي ڏسو۔۔۔ ان سلسلي ۾ ڪو سوال هجي ته اهو به پڇي سگهو ٿا۔۔۔
سائين عبدالرشيد جن جي ڏسيل طريقي سان اميد ته توهان پنهنجي بلاگ کي سنڌي فانٽن سان سينگاري سگهندا اگر ڪو مسئلو هجي ته وري به سنگت حاضر آهي۔
لک ٿورا سڀني دوستن جا۔۔۔ بلڪل ادا ذيشان رشيد جي ٻڌايل ڳالهه وڻي، ڀا سجاد علي چنا جي ٻڌايل رستي تي هلندي منهنجي بلاگ ۾ سنڌي فونٽس ته الحمدالله انسٽال ٿي ويا آهن، پر جيڪڏهن ادا سجاد علي چنا ۽ ڀاءُ ذيشان هڪڙي ننڍڙي آگاهي ڏين ته سندن ٿورائتو رهندس۔۔۔ مون پنهنجي اردو شاعري کي به پنهنجي بلاگ جو حصو بڻايو آهي، مان چاهيان ٿو ته اردو فونٽس به ائين نظر اچن جيئن سنڌي، پوءِ ان لاءِ ڪوڊنگ ۾ ڪهڙي تبديلي ڪجي يا ڪوڊنگ ڪيئن ڪجي جو ٻئي سنڌي ۽ اردو لکڻيون پنهنجي پنهنجي فونٽس ۾ نظر اچن ۔۔۔ مون ٿوري ردو بدل جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪامياب نه ٿي سگهيس۔۔۔
سنڌي ۽ اردو هڪ ئي وقت ۾ بلاگ تي ظاهر ڪرڻ ممڪن آهي۔۔۔ ايسيتائين جو توهان ڪنهن پوسٽ ۾ هڪ وقت سنڌي ۽ اردو فونٽ گڏڻ ڊسپلي ڪرائي سگهو ٿا۔۔۔ اهو ايترو مشڪل نه آهي صرف سولائي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي۔۔۔ سڀ کان پهريان نئين پوسٽ تي توهان مواد ٽائيپ ڪري ۽ ان تي ڪوبه فونٽ اپلائي ڪريو۔۔ جيئن مان هتي ايريل فونٽ اپلائي ڪيو آهي۔۔۔ ان کان پوءِ ڪمپوزر ڪوڊ ڀرسان ئي موجود بٽڻ ايڇ ٽي ايم ايل تي ڪلڪ ڪريو جتي توهان جي لکيل مواد ايڇ ٽي ايم ايل ڪوڊنگ سان ظاهر ٿيندو۔۔۔ هتي اپلائي ٿيل Arial فونٽ کي پنهنجي پسند جي فونٽس سان تبديل ڪريو۔۔ جيئن مون سنڌي لاءِ ايم بي سنڌي فونٽ ۽ اردو لاءِ علوي نستليق فونٽ طور تبديل ڪيو آهي۔۔۔ هاڻي ٻيهر ڪمپوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري نظارو ڏسو۔۔۔ اهڙي طرح توهان چاهيو ته پوسٽ ۾ ڪهڙو به فونٽ اپلائي ڪري سگهو ٿا۔۔ ۽ لکائي ڏسندڙ کي ان ئي فونٽ سان نظر ايندي انهي شرط تي ته ڏسندڙ جي ڪمپيوٽر ۾ توهان جو ڏنل فونٽ موجود هجي۔۔۔
ادا ذيشان توهان جي صلاح سهڻي، پر ان طريقي سان فقط انهن ماڻهن کي فونٽ سهي نظر ايندا جن وٽ اُهي فونٽ انسٽال ٿيل هُجن، پر جي ماجد ڀرڳڙي ۽ بي بي اردو جو ذڪر ڪيو آهي ادا سجاد، انهي طريقي سان منهنجي پُڇڻ جو مقصد به اهو ئي هو ته ٻنهي سنڌي اردو فونٽس جي ڪوڊنگ ڪئين ڪجي جو ٻئي هر اُن ڪمپيوٽر تي نظر اچن جنهن ۾ اهي فونٽ انسٽال ئي نه آهن۔۔۔ سنڌي لا ادا سجاد جو ٻڌايل هي ڪوڊ مون ڪم آندو ۽ ان سان فائدو ٿيو، مون وٽ هاڻي اردو جي ساڳي طرح ڪوڊنگ موجود آهي جيڪا جئين @font-face { font-family:"BBCNassim"; src: url("http://www.bbc.co.uk/worldservice/fonts/urdu/BBC-Nassim-Regular.eot"); src: local("☺"), url("http://www.bbc.co.uk/worldservice/fonts/urdu/BBC-Nassim-Regular.woff") format("woff"), url("http://www.bbc.co.uk/worldservice/fonts/urdu/BBC-Nassim-Regular.ttf") format("truetype"); font-weight: normal; font-style: normal; ان کي مٿين ڏنل سنڌي ڪوڊنگ سان ڪئين ملايان جو اردو فونٽس بغير انسٽال ٿئي نظر اچن۔۔۔ اُميد ته مسئلو سمجهي ويا هوندا، ڪو حل تجويز ڪندا۔۔
ان سلسلي ۾ توهان کي ٽيمپليٽ ۾ وڃي ڪوڊ لڳائڻو پوندو۔۔۔ ان لاءِ Blogger->Template->Edit Html ۾ اچو ۽ هيٺيون ڪوڊ سرچ ڪريو۔۔ پي ايچ پي: ]]></b:skin> هاڻي ان جي بلڪل مٿان هيٺيون ڪوڊ ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو ۽ ٽيمپليٽ کي محفوظ ڪريو۔۔۔ پي ايچ پي: @font-face {font-family:"BBCNassim";src: url("http://www.bbc.co.uk/worldservice/fonts/urdu/BBC-Nassim-Regular.eot");src: local("☺"),url("http://www.bbc.co.uk/worldservice/fonts/urdu/BBC-Nassim-Regular.woff") format("woff"),url("http://www.bbc.co.uk/worldservice/fonts/urdu/BBC-Nassim-Regular.ttf") format("truetype");font-weight: normal;font-style: normal; جنهن کان پوءِ مٿي ٻڌايل طريقي ڪار مطابق اردو لکائي لاءِ BBCNassim فونٽ اپلائي ڪريو۔۔۔
ڪروڙين قرب ادا ذيشان، مسئلو حل۔۔۔ هاڻي دوست فونٽس انسٽال ڪرڻ کانسواءِ ئي اردو، سنڌي ٻئي سولائي سان پڙهي سگهن ٿا۔۔۔ سنڌ سلامت جا به ٿورا۔۔۔۔۔