سنڌي قومي تحريڪ مذهب جي خلاف ڇو آهي؟

'راءِ شماري' فورم ۾ Ghulam Murtaza طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2013۔

  1. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    مون ڏِٺو آهي ته سنڌي قومي تحريڪ جا ڪارڪُن حد کان وڌيڪ اسلام جي خلاف ڳالهائن ٿا، پوءِ ڀلي اُهي رسول بخش پليجي جا پولڳ هُجن يا سائين جي ايم سيد جا، هوئن ته چوندا وتندا ته اسين سامراج جي خلاف آهيون، ايم ڪيو ايم جي خلاف آهيون، پنجاب جي خلاف آهيون وغيره وغيره۔

    مون کي معلومات گھُرجي ته دُنيا جي ڪهڙي قومي تحريڪ ٿي آهي، جيڪا هِڪ وقت ته پنهنجي قوم جي نِجات ۽ کيس حق وٺرائڻ جي ڳالهه ڪري، ۽ ٻي طرف هر بيان ۾ يا تحرير ۾ اُن قوم جي ماڻهن جي مذهب کي گھٽ وڌ ڳالهائي؟

    ۽ اِها به معلومات گھُرجي ته ڇا بنگالين آزادي جي تحريڪ لاءِ مذهب خلاف ڳالهايو؟
    ڇا بلوچ تحريڪ مذهب خلاف ڳالهايو آهي؟
    ڇا سنڌ ۾ آيل مُهاجرن پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن مذهب خلاف ڳالهايو؟
    ڇا سرائيڪي پنهنجي قوميت ۽ صوبي لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ ڪڏهن مذهب خلاف ڳالهايو؟
    ڇا پٽاڻن ڪڏهن پنهنجي حقن لاءِ مذهب جي خلاف ڳالهايو آهي؟

    سنڌ سلامت تي تمام معتبر شخصيت ۽ سنڌ پرست دوست آهن، مهرباني ڪري منهنجي عِلم ۾ واڌارو ڪرڻ فرمائيندا۔
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان به اوهان سان سهمت آهيان ۽ فيسبوڪ تي ته اسلام خلاف گهڻو ڪجهه لکن ٿا، جڏهن ته اسلام جهڙو آزادي پسند دين ڪوبه ناهي۔ باقي ڪنهن جي ذاتي ڪردار ڪري اسلام ۽ نبي ڪريم صه جي خلاف لکڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي حيدر

    علي حيدر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    71
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    298
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ميرس
    مان به توهان ٻنهي دوستن غلام مرتضي ۽ سليمان وساڻ سان متفق آهيان۔۔۔ فيس بوڪ تي مان انهن جي خلاف رهيو آهيان۔
    باقي ڀائو مرتضي جو چوڻ ته: ڇا بلوچ تحريڪ مذهب خلاف ڳالهايو آهي؟
    ته منهنجو جواب آهي ته بلوچ به بلڪل سنڌي قومپرستن وانگر ئي مذهب جا مخالف آهن خاص ڪري اسلام جا۔۔۔ اکبر بگٽي انهن منجهان هي۔
    وڏي ڳاله اها آهي ته اهي اهي قومپرست(سنڌي طالبان) اسلام کي سنڌ جي زوال جو ذميدار سمجهن ٿا!!!
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    لاحول و لا قوة الا بالله العلي العظيم۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسلام اهو مذهب آهي جيڪو گهڻن خدائن کان جان ڇڏائي ٿو، ۽ هڪ الله جي اڳيان جهڪڻ جو درس ڏئي ٿو۔ مگر افسوس جو اسان جا هي نام نهاد ماڻهون اسلام جي پويان پئجي ويا آهن، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته الله انهن کي به هدايت ڏئي، جيئن سابقه ڪجهه مذهب بيزارن کي هدايت ملي، مثلن، سابقه ڪميونسٽ اڳواڻ، جناب ڄام ساقي صاحب، مشهور ڪهاڻيڪار جمال ابڙو صاحب، سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز صاحب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس باقي الله انهن کي به هدايت ڏئي، جن انهن کي خراب ڪيو هو، مرڻ تي اچي پهتا آهن مگر پنهنجي حرڪتن کان نه ٿا مڙن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
  7. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    سائين سليمان وساڻ صاحب۔
    حقيقت به ائين آهي، اسلام هِڪ روشن مذهب آهي، ڪا اهڙي ٿيوري يا فلسفو ناهي جو اسان فقط اِن ڳالهه جي ڪري اِن کي ڇڏي ڏيون ته هِي عرب جي سرزمين تان دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين پُهتو۔
    اسلام الله جو دين آهي، جيڪو ايترو واضع آهي جو اُن کي ڇڏي ئي نٿو سگهجي، اسلام ۾ ڪٿي به ناهي ته توهان کي مُسلمان ٿيڻ لائي عرب قوم جو غلام ٿيڻو پوندو۔
    محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو، اُن مان مُراد اِها ته ناهي جو هي دين مُحمد بن قاسم جو آهي، جو اسان اُن جي حملي جي ڪري دين ڇڏيون؟ هي دين ته الله جو آهي، اسان عقل وارا ڪيئن ليکباسين ته محمد بن قاسم جي حملي جي ڪري سڄي دين کي گهٽ وڌ ڳالهايون۔
    لطيف سائين مُسلمان هو، سندس سڄو رسالو اسلامي تعليمات تي آهي، سندس رسالي ۾ قُرآن آهي نه ئي وري ڪنهن ٻي مذهب جو ڪِتاب، ائين سچل جي رسالي ۾ به قُرآن ئي آهي، پر عجيب فلسفو آهي ته لطيف ۽ سچل اسان جا رهبر آهن اڳواڻ آهن، جيڪي اُن دين تي قائم هُئا جيڪو الله جو دين آهي۔ اِها انتهائي حد درجي جي مُنافقي ئي چئبي جو هِڪ وقت ته اُن دين کي توهان انتهائي ڪِريل انداز ۾ تنز ڪريو ۽ ٻي وقت اُن دين جي عالمن، اُن دين تي هَلي ڪري دُنيا ۽ آخرت سنواريندڙ بُزرگ جهڙوڪ سچل ۽ شاه لطيف توهان جا رهبر آهن؟
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    ادا سمورا سنڌي اِن ڳالهه تي مُتفق ئي آهن، پر اسان الاجي ڇو اِنهن مان اڙجي ويا آهيون، اُن سنڌي مُسلمان لائي ڪاتي گِدري وارو ڪم آهي جيڪو اسلام سان به مُحبت ڪري ٿو ۽ سنڌ سان به۔
    ادا مهرباني اِها ڄاڻ ڏيڻ جي بلوچن جي باري ۾، اِن مُتعلق تحقيق ڪبي، پر جي توهان کي وڌيڪ ڄاڻ هُجي ته ونڊ ڪريو ته ڇا اُهي صرف اِهو چون ٿا ته اسان کي مذهب جي ڪري غلام ٿو بڻايو وڃي، يا اِنهن وانگر، الله پاڪ، ڪعبت الله، جنت وغيره جي خلاف اِنتهائي ڪِريل انداز ۾ ڳالهائيندا آهن؟ جيئن هي گهڻو ڪري فيسبُڪ ته ڳالهائيندا نظر ايندا آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    ها سائين موضوع ئي اهڙو آهي جو استغفار ئي پڙهي سگهجي ٿي، پر هِي موضوع بِلڪُل عين حالتن پٽاندر آهي، ڇاڪاڻ ته مذهب تمام احساس معاملو آهي، ڪو به ماڻهو اِهو هرگز پسند نه ڪندو ته سندس دين کي ائين بغير دليلن جي ڳالهايو وڃي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    ها ادا تمام بهترين ڳالهه ڪئي اٿوَ ته اسلام گهڻن خُدائن جي غلامي کان آجو ڪري صرف هِڪ الله جي عبادت جو درس ڏي ٿو۔
    توهان جيڪي نالا ڏنا آهن، جيڪي ماضي ۾ مذهب خلاف ڳالهائيندا هُئا الله پاڪ اُنهن کي هِدايت ڏني، شُڪر آهي الله پاڪ جو، ته ڪنهن انسان کي گُناهن جي بعد به سنئين دڳ لاتو۔
    پر اُنهن جي ۽ اِنهن ٻين جي اهڙن حرڪتن ڪري سنڌ کي ڇا مِليو آهي؟
    سنڌ هِڪ اجتماعي مسئلو آهي، نه هِي سنڌ صرف مون اڪيلي جي آهي نه ئي وري صرف توهان هِڪڙي جي آهي ۽ نه وري اِنهن دوستن جي انفرادي طور تي هُئي جِن جا توهان نالا لکيا آهن، انهن شخصيتن کي الله پاڪ هِدايت ڏني، رب جا احسان، پر سوال آهي ته سچ يعني اسلام جي خلاف ٿيڻ تي اِنهن سنڌ کي ڇا ڏِنو؟
    ڪالهه اِنهن کي هِدايت مِلي، سڀاڻ ٻيو ڪو هدايت وٺي، ائين اڪيلا اڪيلا جڏهن سڌي دِڳ تي ايندا، تيستائين ته سنڌ تباه ۽ برباد ٿي ويندي؟
    سنڌ تي هرطرف کان ڌارين جي يلغار آهي، اهڙين حالتن ۾ هِي دوست جڏهن سنئين دڳ تي ايندا اُن وقت ته سنڌي بِلڪُل اقليت ۾ اچي ويندا۔
    سنڌ جو جيڪو نُقصان ٿي رهيو آهي، اُهو اجتماعي آهي نه ڪه اِنفرادي، اُن نقصان جو ذميوار ڪير؟
    چوَن ته هِي ٿا مذهب ذاتي مسئلو آهي پر اِنهن جي ذاتي مسئلن جي ڪري سندن عقل ۾ اسلام نه اچڻ جي ڪري، سڄي سنڌ برباد ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي اُن جو ذميوار ڪير آهي؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اسان جي شهر واڻيا ڇوڪرا جيئي سنڌ جا ڪارڪڻ سڏرائي ان آڙ ۾ کلي عام شراب کپائيندا آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    سائين فيسبُڪ تي به کُلي عام شَراب جي پبلسٽي ٿيندي آهي، اسلام خلاف ڳالهائي ڳالهائي ٿَڪندا آهن، ته شراب جي واکاڻ شروع ٿيندي آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    حالانڪ خود انڊين فلمن ۾ شراب کي برو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي شرابي کي هندو به سٺي نگاهه سان نه ڏسندا آهن حيف آهي انهن نام خاطر مسلمانن تي جيڪي شراب پيئڻ تي فخر محسوس ٿا ڪن ۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن موضوع تي گهڻن پيارن دوستن جا رايا پڙهيا ، تفصيلي جواب ڏيڻ تي دل چوي ٿي پر هن وقت ، وقت ڪونهي ۔ ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چوان ، پنهن جي معلومات مطابق ، ٿي سگهي ٿو مان غلط به هجان ،پر پنهنجو رايو ٻڌائڻ حق ٿو سمجهان ۔
    دنيا ۾ ڪو به اهڙو شخص ناهي ،يا نه ٿي گذريو آهي ، جنهن قدرتي طاقت کي نه مڃيو هجي ۔ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هو ان طاقت يا قوت جو ڪائل رهيو آهي ۔ پو کڻي ان طاقت کي پنهنجي ڄاڻ مطابق ڪهڙو به نالو ڏنو هجي ۔ ڪنهن الله چيو ، ڪنهن خدا چيو ، ڪنهن گاڊ چيو ، ڪنهن ديوتا چيو ۽ ڪنهن ان کي پنهنجو پاڻ جو نالو ڏنو۔ مختلف دورن ۾، مختلف نالن سان پيغمبر ،رهبر، رسول ِيا نبي آيا ،جن مختلف نالن سان دين يا مّذهب وغيره متعارف ڪرايا ۔ جن مختلف وقتن تي قومن جي رهنمائي به ڪئي ته ٽڪرا به پيدا ڪرايا ۔ خرابي يا مّهذهبن کان بيزاري ان وقت پيدا ٿي جڏهين ڪن مفاد پرستن انهن کي پنهنجي ذاتي ، گروهي ، قبائلي يا قومي مفادن خاطر استعمال ڪري ، ٻين انسانن جو استحصال يا قتل عام ڪيو ۔ مّذهبن يا فرقن جي نالي تي جيڪي ظلم ڪيا ويا ،تاريخ پڙهي روح کي ڏڪڻي وٺيو وڃي ۔ ڪڏهين ڪڏهين ته ائين به ٿيو جو هڪ ئي ڏينهن ۾ لکين انسان قتل ڪيا ويا ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي ۔ تنهن ڪري گهڻا سنڌي مّذهب کان ان ڪري بيزاري ڏيکارين ٿا ،جو مذهب جو نالو وٺي سنڌين جا حق ڦريا ٿا وڃن ۔ اڳتي نه وڃو طالبان يا شيعان (علي ڪرمالله وجه) کڻي وٺو ته حق تي ڪير آهي ۔پتو پئجي ويندو ۔ انهن مان ڪهڙي شريعت تي هلجي ۔؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    عبدالڪريم چانڊيو جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي لکبو ته ڪُجهه اڻ ڄاڻ ڄاڻو ۽ بي سمجهه سمجهو اڄ به آهن جيڪي اهو سمجهن به ٿا ۽ اها تبليغ به ڪن ٿا ته قوم پرستن اڳواڻن جو سردار سائين جي ايم سيد مذهبن خلاف هو يا سندس ڪا اهڙي راءِ هئي۔ هُن پنهنجي انداز ۾ مذهب، سياست ۽ حق وٺڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن جي تشريح جنهن کي جيئن وڻيِ تنهن تيئن ڪئي۔
    منهنجي ذاتي راءِ موجب ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ سرحدون قوميت جي بنياد تي هونديون آهن۔ ثقافت جي بنياد تي هونديون۔ پر جڏهن به مذهب جي بُنياد تي اهو ٿيو آهي ته اختلاف ۽ انارڪي ٿي آهي۔ مذهب ته هڪ عقيدي جي بنياد تي ڪنهن جو به ڪهڙو به ٿي سگهي ٿو۔ زور جي مهندي جيان زوري ٿافيل عقيدا ڪڏهن به هلي نه سگهندا آهن۔ سڀ کان بهترين تبليغ ۽ دعوت آهي مذهب تي هلندي پنهنجو اعلى اخلاق ۽ مثالي سماج پيش ڪرڻ۔ جنهن کان متاثر ٿي ماڻهو پاڻ ان طرف اچن۔
    باقي اڄڪلهه جيڪو فيشن ٿي پيو آهي ته عيدالفطر تي اهي ميسيج ڪرڻ ته ”غلام قوم جي ڪهڙي عيد؟“ ۽ ڪرسمس/ هولي تي ٺونٺ جيڏو مُبارڪباد ميسيج ڪرڻ۔ ۔ ۔ ۔ ۔اهو سڀ هڪ غلط روايت کي پاڻي ڏيڻ آهي۔
    نبين جي دؤر جي تاريخ پڙهي ڏسجي ته سندن ائپروچ ڇا هُئي سڀ سمجهه ۾ اچي ويندو۔ اُن کان پوءِ اسلامي تاريخ جي مذهبي بُنياد تي ٺهيل سڀ کان وڏي سلطنتِ عُثمانيه رڳو انهيءَ ڪري ڊهي پَٽ پئي ته ان جي زيرِ اثر گهڻائي مُسلمانن جي هوندي به انهن جا رسم و رواج، رهڻي ڪهڻي، طور طريقا ۽ سوچون الڳ هُيون۔ اڄ سلطنتِ عُثمانيه جو والي مُلڪ به مسلمان مُلڪ آهي ۽ اسلام جي ساڳي پرچار آهي۔ ان هيٺ جيڪي مُلڪ هئا انهن مان به اسلام ڪيڏنهن ناهي ويو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو