ڊائيوڊ ڪهڙن قسمن جا ٿين ٿا شڪليون۽ نشانيون سمجهڻ لا

'اليڪٽرانڪس' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڊائيوڊ ڪهڙن قسمن جا ٿين ٿا شڪليون۽ نشانيون سمجهڻ لا
    دوستو! اليۡترانڪ دُنيا جو ٻن ٽنگن وارو پُرزو جنهن کي اسان ڊائيوڊ چئون ٿا انهن جا ڪي قسم ؤ انهن کي سمجهڻ لاِ نشانيون هيٺ ڏيون يا۔
    [​IMG]
    هي سڀ ڊائيوڊ آهن پر هنن جا ڪم ۽ خصوصيون مختلف آهن هن جون سرڪٽ ۾ نشانيون هن ريت ٿين ٿيون۔
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڊائيوڊ ڪرنٽ جو هڪ طرف وهڪري وارو پُرزو يعني (يوني ڊائريڪشنل ڪرنٽ پراپرٽي)آهي ، جنهن ۾ ڪرنٽ صرف هڪ پاسي کان وهائجي ٿو، اچو ته هاڻ ڪن ڊائيوڊس کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون تهي هي ڇا آهي۔
    بُنيادي طور تي ڊائيوڊ کي ويوفارم کي ريڪٽيفا ڪرڻ لا استعمال ڪبو آهي، هن کي پاور سپلائيز ۾يا ريڊيو ڊڪٽيٽر طور به استعمال ڪبو آهي ۔ هن کي ڪنهن به اهڙي سرڪٽ ۾ استعمال ڪبو آهي جنهن ۾ ڪنهن هڪ پاسي واري افيڪٽ (ون وي افيڪٽ) جي ضرورت هُجي، اڪثر ڊائيوڊ سيمي ڪنڊڪٽرس مان ٺهندا آهن جهڙوڪ سليڪان يا جرمينيم۔ ڪن قسمن جا ههڙا ڊائيوڊ به مختلف نالن سان مارڪيٽ ۾ سڏبا آهن۔
    1۔ ايل اي ڊي (لائيٽ ايمٽنگ ڊائيوڊ) : هن ۾ جڏنهن ٻن اليڪٽورڊ جي وچ مان ڪرنٽ کي پاس ڪرائبو آهي ته روشني پئدا ٿيندي آهي۔ ڪي ته وري اهڙا ڊائيوڊ ٿيندا آهن جنهن مان نڪرندڙ روشني يا لائيٽ (انفريرڊ) ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ايندي آهي۔ اهو ان ڪري جي انهن جي اهڙي فريڪنسي رکيل هوندي آهي جيڪا ناقابل ڏيک (انوزيبل) هجي ٿي۔ مطلب ته جڏنهن ڊائيوڊ کي سئچ آن (يعني فارورڊ بياس) ڪبو آهي ته اليڪٽران هولس ۾ جُڙي ويندا آهن، ۽ انهي عمل سان هڪ انرجي ٻاهر ڪڍندا آهن، جيڪا روشني جهڙي هوندي آهي (اليڪٽرو نيوميسينس) ، اهن ڊائيوڊ مان نڪرندڙ رنگن جو دارومدار انهي عمل ڪري سيمي ڪنڊڪٽر ماڳننڪرندڙ انرجي گيپ ڪري ٿيندو آهي ۔
    اويلنس ڊائيوڊ : هن قسم وارن ڊايوڊس جو آپريشن وري ابتڙ بياس (رورس بياسڊ) هوندو آهي جنهن سان اولينس افيڪٽ حاصل ڪبو آهي۔ اهو افيڪٽ، (اويلنس بريڪ ڊائون) پي ۽ اين جنڪشن جي وچ ۾ ٿيندو آهي جڏنهن وولٽيج ڊراپ ڪانسٽينٽ هُجي، ۽ دارومدار صرف ڪرنٽ تي هُجي، هي ڊائوڊ فوٽو ڊٽيڪسن ڪرڻ لا استعمال ٿيندا آهن۔ جنهن ۾ ها ليول سينسٽوٽي کي ايويلنس پروسيس مان ڪڍبو آهي۔
    3۔ ليزر ڊائيوڊ : هي ڊائيوڊ اي اي ڊي ڊائيوڊ کان مختلف هوندو آهي، ڇو جو هي وري ڪوهيرينٽ لائيٽ کي پروڊيوزڊ ڪندو اهي، هي ڊائيوڊ ڊي وي ڊي ۽ سي ڊي ڊرائو، ليزر پوائنٽرس وغيره ۾ قطب ايندا آهن ، هي قيمت ۾ ايل اي ڊي کان مهنگا هوندا آهن ، پر هي ٻين قسمن جي ليزر جنريٽرس کان خاصا سستا ٿين ، بهرحال هنن ڊائيوڊ جي لائيف تمام گهٽ هوندي اهي۔
    4۔ شاٽ ڪي ڊدائيوڊس : هي ڊائيوڊس عام پي اين جنڪشن ڊائيوڊس جي ڀيٽ ۾ لوئر فارورڊ وولٽيج ڊراپ آهن۔ هڪ سليڪان جي 6۔0 وولٽ جي ڀيٽ ۾، هيگهٽ يا لو ڪرنٽ تي هن جو وولٽيج ڊراپ ڏهائي هڪ پنج (15۔0) ۽ ڏهائي چار4۔0) وولٽيج وچ ۾ ٿئي ٿو۔ هن پرفارمنس کي حاصل ڪرڻ لا هنن ڊائيوڊس کي هڪ نارمل ڊائوڊ کان مختلف طريقي سان ٺاهبو (ڪنسٽرڪٽ) آهي۔ جنهن ۾ ڌات (ميٽل) کان سيمي ڪنڊڪٽر ڪنٽيڪٽ وٺبو اهي۔ هن ڊائيوڊس ڪي آر ايف (ريڊيو فريڪُئنسي) اپليڪيشن، ريڪٽيفائر اپليڪيشن ۽ ڪليمپنگ ڊائيوڊ ۾ استعمال ڪبو اهي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    5۔ زينر ڊائيوڊ : هن قسم جي ڊائيوڊس اسٽيبل رفرنس وولٽيج پرووائيڊ ڪن ٿا ، جنهنڪري تمام گهڻي استمال ۾ ايندا آهن ۽ گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيندا آهن هي ڊائيوڊس به رورس بياس آپريٽ ڪبا آهن ۽ مخصوص وولٽيج تي آڻي هن کي ٽوڙبو اهي (برڪ ڊائونس) جنهن سان اسٽيبل وولٽيج حاصل ٿيندو اهي، اسٽيبل وولٽيج تڏنهن ئي حاصل ڪري سگهبا جڏنهن ڪرنٽ کي ريزسٽر مان گُزاري گهٽائبو يا محدود ڪبو آهي هي ڊائيوڊس پاور سپلائي ۾ گهڻي ڀاڱي استعمال ڪبا آهن جنهن سان رفرنس يا مخصوس وولٽيج حاصل ڪبو اهي۔
    6۔ فوٽو ڊائيوڊ : هي ڊائيوڊ لائيٽ يعني روشني ، فيچر وائيڊ ۽ ترانسپرنٽسي کي ڳولڻ لا استعمال ڪبا آهن، جنرلي هي ڊائيوڊس به رورس بياس آپريٽ ٿيندا آهن پو ڀلي تما گهڻو معمولي ڪرنٽ ڇو نه ليڪ ٿيل هُجي جنهنڪري جتي به روشني هوندي ان کي لڀي وجهندو۔ فوٽو ڊائيوڊس اليڪٽرسٽي کي به جنريٽ ڪرڻ لا سولارسيل يا فوٽوميٽري ۾ به استعمال ٿين۔
    7۔ ويريڪيپ يا وريڪٽر ڊائيوڊ : هي ڊائيوڊ به رورس بياس اپلائي ڪري آن ڪبا آهن جنهن سان ڊپليشن ليئر جي وڊٿ مُختلف ڪئي ويندي آهي تڏنه جڏنه هن جي ٽرمينل اڪراس وولٽيج ڏبا آهن۔ هي ڊائوڊس ڪئپيسٽر وانگر ڪم ڪندا آهن ۔ جيئن ڪئپيسٽر پليٽون ڪنڊشن جي ايڪسٽينٽ ريجن طور ڪم ڪرائبون اهن ۽ ڊپليشن ريجن انسولييڊ ڊا اليڪترڪ ريجن طور۔ هن ڊائيوڊ جي بياس چين يا مختلف ڪرڻ سان ڊپليشن ريجن جي وڊٿ تبديل ٿيندي آهي جنهن ڪري ڪئپيسيٽنس پئدا ٿيندي آهي۔
    8۔ ريڪٽيفائر ڊائيوڊس : هن قام جا ڊائيوڊس الٽرنيٽ پاور انپٽس کي پاور سپلا ۾ ڇنڊڻ (ريڪٽيفڪيشن) لا استعمال ٿين ٿا۔ هي ڪرنٽ ليولس کي اپ ورڊ ۾ ريڪٽفائيڊ ڪن ٿا پر جي لو ريڪٽيفڪيشن گهرجي ته شاٽ ڪي ڊائيوڊس استعمال ٿيندا پر جنرلي هي پي اين جنڪشن وارا ئي ڊائيوڊس هوندا آهن۔
    9۔ سمال سگنل يا سمال ڪرنٽ ڊائيوڊس : هي ڊائيوڊ سمجهائين ٿا ته هن جي نالي ۾ آپريٽنگ پوائنٽ افيڪٽ ڪانه ڪندي جي سگنل تما ٿورڙو به کڻي ڇو نه هُجي۔
    10۔ لارج سگنل ڊائيوڊس : هن ۾ آپريٽنگ پوانٽ تڏنهن افيڪيٽ ٿيندي جڏنهن هن ۾سگنل وڏو هوندو۔
    11۔ ٽراسيئنٽ وولٽيگ سپرسيشن ڊائيوڊ : هي ڊائيوڊ اُتي استعمال ۾ اچن ٿا جتي اليڪٽرانڪس کي بچائڻو هوندو آهي وولٽيج اسپائيڪس جي ڪري سينسٽو ٿي ويندا آهن۔
    12۔ گولڊ ڊوپڊ ڊائيوڊس : هنن ۾ سون يا گولڊ کي ڊوپينڊ پروسيس ۾ استعمال ڪبو آهي ۽ اهڙي سگنل فريڪئنسي تي استعمال ٿيئي پو ڀلي ان جي فارورڊ وولٽيج ڊراپ وڌي وڃي۔
    13۔ سپر بيريئر ڊائيوڊس : هنن کي به ريڪٽيفائر ڊائيوڊس چئبو آهي هن ۾ جيڪا خاصيت هوندي آهي اُها لو رورس ليڪيج ڪرنٽ جي ٿئي، به ڀيٽ نارمل پي اين جنڪشن ڊائيوڊ جي ۽ لو وولٽيج ڊراپ جيئن شاٽ ڪي ڊائيوڊ سرج هينڊلنگ ايبلٽي سان۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    14۔ پوائنٽ ڪنٽيڪٽ ڊائيوڊس : هن جي ڪنسٽرڪشن آسان ترين آهي هي انالاگ اپليڪيشن ۾ استعمال ڪبا آهن ۽ هنن کي ريڊيو رسيورس ۾ وري ڊٽيڪٽر طور قطب آندو ويندو آهي هي اين ٽائيپ سيمي ڪنڊڪٽر بلڊ ۾ ٿيندو آهي سيمي ڪنڊڪٽر کي ڪن ڌاتي (ميٽالڪ)ڪنٽيڪٽ کي ملايو ويندو ڪي ڌاتون سيمي ڪنڊڪٽر کان يا ڏانهن موو ٿينديون ننڍڙي پي ٽائيپ کان يا ڏانهن سيمي ڪنڊڪٽر ويجهي ڪنٽيڪٽ ۾ ويندون آهن۔
    15۔ پيلٽيئر ڊائيوڊس : هي هيٽ انجن طور استعمال ايندا آهن ۽ ٿرمو يليڪٽرنگ ڪوولنگ طور ڪم ڪندا آهن۔
    16۔ گن ڊائيوڊ : هي ڊائيوڊ گيليم ارسينڪ (جي اي، اي ايس)يا (ان پي) اگزهبٽ ڪندو آهي جيڪو نگيٽو ڊفرنشل ريجن هوندو آهي۔
    17۔ ڪرسٽل ڊائيوڊس : هن کي ڪيٽ وسڪر ڊائيوڊ (ٻلي جي مُڇ وارو) ڊائيوڊ به چئبو آهي هي هڪ تمام سنهڙي تيزڌار وائر تي مشتمل هوندو آهي، جنهنکي سيمي ڪنڊڪٽر ڪرسٽل ۾ پريس ڪيل هوندو آهي، هن جي ڌاتي وائر اينوڊ هوندي آهي ۽ سيمي ڪنڊڪٽر ڪرسٽل ڪيٿوڊ هوندو اهي، هي هڪ قسم جا آبسليٽ ڊائيوڊ هوندا آهن۔
    18۔ ايوالانچ ڊائيوڊ : هي رورس بياس ڪنڊڪشن ۾ ڪنڊڪٽس ٿيندا آهن جنهن ۾ رورس بياس وولٽيجز کي پي اين جنڪشن جي ايڪراس جوڙبو آهي جنهن سان آئيونائيزيشن ويو پئدا ٿيندي آهي جيڪار گهڻي مقدار واري ڪرنٽ وهڪري ۾ واڌ ڪندي آهي۔ هي ڊائيوڊس اهڙي طرح ڊزائين ڪيا ويندا آهن جو هن جي بريڪ ڊائون هڪ خاص رورس وولٽيج تي ٿئي ۽ ڪنهن به ٽوڙ ڦوڙ کي بچائي سگهجي۔
    19۔ سليڪان ڪنٽرولڊ ريڪٽيفائر : جيئن ته هن جي نالي مان ظاهر آهي ته هي ڊائيوڊ ٽرگر ۽يا ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو جڏنهن آن ڪنڊيشن ۾ صرف ٿورڙي وولٽيج استعمال سان هي ٿائرسٽر جي ڪٽنب سان ملن ٿا ۽ هنن کي ڊي سي موٽر جي مختف فيلڊس ۾ استعمال ڪبو آهي يا جنريٽر جي فيلڊ ريگيوليشن لا، لائٽنگ سسٽم جي ڪنٽرول لا، ۽ ويريايبل فريڪُئنسي ڊرائيو ڪرڻ لا به۔ هي ٽه ٽنگي ڊوائيز (ٿري ٽرمينل ڊوائز) آهي جنهن ۾ اينوڊ، ڪيٿوڊ ۽ ٽي ٽنگ ڪنٽرول ليڊ يا گيٽ سڏبي آهي۔
    20۔ ويڪيوم ڊائيوڊ : هي ٻن اليۡڪٽروڊ وارو ويڪيوم ٽيوب ڊائيوڊ آهي جيڪو ها انورس وولٽيج کي ٽوليريٽ (نظر انداز) ڪري سگهي ٿو۔ هي پُراڻي زماني ۾ اليڪٽرانڪ انڊستري ۾ گهڻي انداز ۾ استعمال ٿيندا هُئي، چاهي اُها ڊزائين حوجي، پروڊڪشن هُجي يا رپيئرنگ جو ڪم ۔ هنن مٿي ڏسيل ڊائيوڊس کان علاوه هڪ پي اين ڊائيوڊ به اهي، پوانٽ ڪنتيڪٽ ڊائيوڊ، سگنل ڊائيوڊ، اسٽيپ ريڪوري ڊائيوڊ، ٽنل دائيوڊ يا گولڊ ڊوپڊ ڊائيوڊس۔ هي قسم اليڪٽرڪ ڪرنٽ کي ٽرانسفر ڪن ٿا جن جو دارو مدار ٽرانسميشن جي مقدار تي ٻڌل هوندو آهي جيڪي مخصوص اپليڪيشن ۾ قطب اچڻ وارا آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڊائيوڊ متعلق تمام زبردست معلومات آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو