ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو: لوڪ ادب ۽ لُغت جو ماهر
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

وِرهاڱي کان پوءِ جن عالمن سنڌي لوڪ ادب ۽ لُغت نويسيءَ تي ڪم ڪيو آهي اُنهن مڙني ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر مُرلي ڌر جيٽلي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي مٿانھان آهن. مقدار جي لحاظ کان ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. اهو سمُورو ڪم گهڻي ڀاڱي سھيڙ، ترتيب ۽ ڳولها تي ٻڌل آهي، جنھن جو ڪو مثال ناهي. سھيڙ ۽ ترتيب به تحقيق جا قسم آهن پر اصل تحقيق کان ڪُجهه گهٽ آهن. ڊاڪٽر سنديلي جو ڪم سھيڙ، ترتيب ۽ تحقيق تي ٻڌل آهي. هُن پي ايڇ _ ڊي به لوڪ ادب تي ڪئي ته مُختلف ٻيا ڪتاب به لوڪ ادب ۽ لُغت جا لکيائين جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
سنديلو صاحب مُڪمل طور لوڪ ادب جو ماڻهُون هو. هُو اڪيلي سِر لوڪ ادب تي ڪم ڪندو رهيو. هُن کي ڪا به ٽيم نصيب نه ٿي. جيڪڏهن کيس ٽيم ملي ها ته تمام گهڻو ڪم ڪري ها.
سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ۽ مُحققن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مُحقق ڀاڳ ڀريا آهن جن کي سرپرستي، سھولت ۽ سٿ مليو نه ته باقي سڀني اڪيلي سِر جاکوڙ ڪئي آهي. انهيءَ جاکوڙ ۾ هُنن تن من ۽ ڌن به لُٽائي ڇڏيو. نتيجي ۾ اسان جي سماج ۽ سرڪار کين جيڪو ڏنو آهي اُهو به پڌري پَٽ آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي به اڪيلي سِر هڙان وڙان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي مالا مال ڪيو. قدر ته پري رهيو پر ادارن سندس صلاحيتُون به استعمال نه ڪيون. ڪافي سالن پُڄاڻان اسان سندس ورسيءَ تي کيس ياد ڪريون پيا. اِن سلسلي ۾ سُگهڙن جي تنظيم سلات ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي شابس آهي جن سندس ۽ نالي واري سُگهڙ ٻِيڙي فقير ڪُنڀار جي ياد ۾ اڄ ٻي جنوري ٢٠١٧ع تي سنڌي لوڪ ادب ڪانفرنس ڪوٺائي آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جي مُختصر احوال کان اڳ سندس ڪُجهه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا ته جيئن سندس علمي ادبي خذمتن جو وَرجاءُ ۽ نئين نسل کي اندازو ٿي سگهي.
وينجهار _ لاڙڪاڻو _ ١٩٥١ع
سنڌ جو سينگار _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ ١٩٥٦ع
ڏَهس نامون _ اسلم منزل نزد پاور هائوس لاڙڪاڻو ١٩٦٩ع
پھاڪن جي پاڙ
ساميءَ سنديون سپون
سامي ڌاتو ڪوش
تحقيق لُغات سنڌي _ غُلام اڪبر شير محمد بلوچ سفيد بلڊنگ لاڙڪاڻو _ ١٩٥٥ع
سچل لُغات _ سنڌي ادبي بورڊ
ڪُليات حسن ديدڙ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ ١٩٧١ع
ڪليات شاهه محمد ديدڙ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ ١٩٧٧ع
ڪليات حاجي خان چنجڻي _ سنڌي ادبي بورڊ
لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو _ ١٩٨٦ع
سنديلو صاحب ٣١هين ڊسمبر ١٩٢٣ع تي ڳوٺ محراب خان سنديلي تعلقي ڏوڪريءَ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو محراب سنديلو هو.
سندس ادب سان دلچسپي شروع کان ئي هُئي. لوڪ ادب ۽ ثقافت سان لڳاءَ جو اندازو ١٩٥٦ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ لکيل مونوگراف مان به لڳائي سگهجي ٿو جنھن جو موضوع هو ”لاڙڪاڻي جي ثقافتي تاريخ.“ اهڙيءَ ريت اڳتي هلي پي ايڇ _ ڊيءَ جو موضوع ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ رکيائين. هُن پي ايڇ _ ڊي علامه غُلام مُصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي.
هُن تعليم کاتي ۾ پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو گهوري ڇڏيو. ابتدا پرائمري ماستريءَ کان ڪيائين. اُن کان پوءِ تعليم کاتي جو آفيسر، ليڪچرار، پروفيسر ۽ پرنسيپال ٿي رهيو.
هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ _ ڊيءَ جو ممتحن ۽ گائيڊ به رهيو.
ڊاڪٽر سنديلي جي علمي ادبي قد ڪاٺ جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ”ڊاڪٽر سنديلي سان ملڻ کان اڳ هڪ دفعو ١٩٦٦ع ۾ آءٌ لاڙڪاڻي ويو هُئس پر جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنديلي صاحب سان مليس ته سچ پچ ڄاتم لاڙڪاڻو هيءُ آهي. محسُوس ٿيو ته خانڻ چنجڻيءَ سچ چيو آهي ته مڪين ئي مڪان کي نشانبر ڪن ٿا. وڏيون عمارتون، سُھڻا سير، باغ باغيچا، تجارتي مرڪز ۽ عجائبات ته دُنيا ۾ گهڻا ئي موجُود آهن پر سُونھن سُڄاڻ ماڻهن سان آهي.“ (ڪتاب: ڪٺمال _ ص: ٢٤١ ۽ ٢٤٢)
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو همعصر هو. هُو سنڌ ۾ پھريون ماڻهو هو جنھن لوڪ ادب جي موضوع تي سڀ کان اڳ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب تي ڪم ته تمام گهڻو ڪيو آهي ۽ سندس اهو ڪم ٻه ٽي پي ايڇ ڊيون لھڻي پر ڊاڪٽر سنديلو پھريون مُحقق آهي جنھن پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري لوڪ ادب جي موضُوع تي حاصل ڪئي. ڊاڪٽر سنديلي جي لوڪ ادب سان دلچسپي شروع کان ئي هُئي. کيس اها سُتي سندس پاڙيسري سُگهڙ جلال ڀُٽي ڏني. اِن سلسلي ۾ سنديلو صاحب پاڻ لکي ٿو ”مُنھنجو پيچ پُنهونءَ سان ازل لاڪُون آهه جي مصداق لوڪ ادب سان مُنھنجو نينھن جو ناتو ننڍپڻ کان هو. لاڙڪاڻي جي تر ۾ مرحُوم جلال ڀُٽو نه رُڳو جهُونن جهُونجهارن ۽ سنوپرن سپورنجن مان هو پر وڏو سُگهڙ پڻ هو. جيتري ڪچھريءَ جي سُڌ ٻُڌ هُن کي هُئي اوتري شايد ئي ڪنھن کي هُئي. ڏور جو ته شھه ڪاريگر هو. وڏي ڳالهه اها ته جيڪي هن فن جا شاعر ۽ سُگهڙ ٿي گُذريا هُئا يا سندس وقت ۾ حال حيات هُئا تن سڀني جو ڏَس پَتو پئي ڏنائين. جلال رنگريز، جو ”لوڪ ادب“ جي فن ۾ بيمثال ۽ باڪمال شاعر ۽ سُگهڙ ٿي گُذريو آهي ۽ جنھن جي جاءِ رهائش هڪ معمو بڻجي چُڪي هُئي تنھن جو ڏَس پَتو ته هن ئي ڏاهي ڏنو هو.
جيئن ته جلال ڀُٽو پاڙيسري هو تنھن ڪري مُنھنجي ساڻس گھري ۽ گهاٽي واقفيت ٿي وئي. مُنھنجي شوق کي ڏِسي مُون کي وڌيڪ ڪيڙڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن به ڪچھريءَ تي ويندو هو ته مُون کي ضرُور وٺي ويندو هو. جڏهن ڪچھريءَ وارا ڪنھن مسئلي تي اختلاف راءِ رکندا هُئا ته مڙئي مُنھن سُگهڙ جلال ڏانھن ڦيرائيندا هُئا ته ڪھڙي ٿو فتويٰ ڏئي؟ مُون کي چِٽيءَ طرح ياد آهي ته غرهه جُون ١٩٤٧ع کان سندس صدري خزاني مان قيمتي موتي ميڙيندو رهيس. سندس سڄي ڏور مُون وٽ محفوظ آهي.
اهو ڪچھريءَ جو سلسلو ’سَلو انگُوران ڀلو‘ ته اڳي ئي اندر ۾ اُسريو هو جنھن کي وڌائڻ ۽ وِيجهائڻ لاءِ موقعا تاڙيندو رهيس ته جيئن وڌي وڻ ٿئي. جتي به ڪچھري ٿيندي هُئي اُتي ضرُور ويندو هُئس. اُتر سنڌ ۾ ڪاڪي پوٽا ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سُگهڙن جي ”دُڻي“ هُئي جتي پري پري جا سُگهڙ پکين جيان پرواز ڪري اچي پرگهٽ ٿيندا هُئا. اها ئي هڪڙي دُڻي هُئي جتان سينگار مليو. سنڌ جو وڏو سُگهڙ مرحُوم جانڻ کٽي خانپوري (شڪارپور) ڏور جو شھه مور هو. اهو ئي زندهه شاعر ڏٺم جنھن وٽان ڏور، هُنر، دوراهي ۽ سينگار جا پنھنجا ٻَڌل بيت مليا. اهڙيءَ ريت ١١هين نومبر ١٩٤٧ع کان اٺين سيپٽمبر ١٩٤٩ع تائين سانگهڙ ۽ سنجهوري تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر پڻ هُئس، جنھن ڪري وقتن فوقتن اسڪول جي مُعائني توڙي سالياني امتحان سانگي هر اسڪول ۾ وڃڻ ٿيندو هو جتي واندڪائيءَ جي وقت ڪوڏين سان ڪچھريون ڪندو هُئس. چوٽياري، واگهين جي ڀت، شيخ محمد وَساڻ، فقيرن جو ڳوٺ، پيرون مل، غُلام حُسين مريءَ جو ڳوٺ ۽ ڄام نندو مري تعلقي سانگهڙ ۾ مورن جي ڪچھريءَ جا مرڪز رهيا آهن. ساري سفر ۾ سُگهڙ رئيس جاڙو خان مري ڄام نندي وارو ساڻ هُوندو هو. کڏڙو، ڳاڙهو بنگلو، مير حسن شر، جهول، ڪُرڪُليون، مُريد هنڱورو، ڄام نواز علي ۽ جعفر لغاري تعلقي سنجهوري ۾ مرڪز رهيا. انهن مرڪزن کان سواءِ جتي به سُگهڙ جي ٻاڦوڙ پوَندي هُئي ته اُتي وڃڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو هُئس. سيد روشن علي شاهه ڪرم پوريءَ (ضلعي حيدرآباد) ۽ پير بخش پنھور مَلدسيءَ (تعلقي شھداد پور) جي تعريف ٻُڌي سندن ڳوٺ مارڪا ڪرڻ ويس. (ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو)
ڊاڪٽر سنديلي لوڪ ادب جي شوق ۾ مُختلف ڳوٺ گهُميا ۽ مواد هٿ ڪيو. اهو مواد هُن ١٩٥١ع ۾ ڪتاب وينجهار ۾ شايع ڪرايو. اُن کان پوءِ ان ئي موضوع تي سندس ڪتاب سنڌ سينگار ۽ ڏهس نامون آيا.
هُن جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ _ ڊي شروع ڪئي ته ٻيھر سنڌ جي مُختلف ڳوٺن، وَستين ۽ واهڻن ۾ وڃي موتي ميڙيائين. ڪتابن مان کيس ڪو ٿورو مواد مليو. کانئس اڳ سنڌيءَ ۾ جيڪي ڪتاب اچي چُڪا هُئا اُنهن جو ذڪر هِن ريت ڪيو اٿائين.
”لوڪ ادب جي مُختلف صنفن تي ڪيترن ئي اديبن قلم کنيو آهي. ڪوڙي مل چندن مل کِلڻاڻي ڳُجهارتن جو ڪتاب ١٩٠١ع ۾ شايع ڪرايو. ڊاڪٽر دائود پوٽي ١٩٣٦ع ”سُرها گُل“ ۾ ڪن صنفن جو ذڪر ڪيو آهي. ماستر الھبچائي سمين جو ١٩٤٢ع ۾ سيرِ ڪوهستان ظاهر ٿيو جنھن ڪافي مقبُوليت حاصل ڪئي. عبدالحُسين شاهه موسويءَ ۽ مسٽر محمد ابراهيم عباسيءَ ٻه ٺاهُوڪا ڪتاب سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ميدان تي آندا. جوان بخت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ٻيلاين جا ٻول“ ۽ ”لوڪ ادب“ اسڪيم تحت سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد کي ڪيترا ئي قيمتي ڪتاب لکي ڏنا آهن جن مان ڪي شايع ٿيا آهن ۽ ڪي اڃان زير طبع آهن. بندي به هِن ڏَس ۾ ڪي ڪتاب لکيا آهن جن جو ذڪر مٿي اچي چُڪو آهي. (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو)
ڊاڪٽر صاحب هنديءَ، انگريزيءَ، اُردوءَ ۽ سنسڪرت جي ڪتابن مان به مدد ورتي. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ تحقيقي مقالو تمام گهڻو شاندار آهي. هن ان ۾ سنڌي لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي ڏاڍي سُٺي روشني وڌي آهي. ڊاڪٽر صاحب لوڪ گيتن جي جن صنفن تي تفصيل سان لکيو آهي اُهي هِن ريت آهن لولي، سھرا، ڪوڏاڻا، ٻيلڻ، ڇلڙا، مورو ۽ جمالو.
ڊاڪٽر صاحب مولُودن کي به لوڪ ادب ۾ شامل ڪيو آهي. ان کان سواءِ هُن لوڪ ادب جي جن موضُوعن کي پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ شامل ڪيو آهي اُهي پرولي، ٻھڳڻن جا ٻول، هُنر، دراهو، سَت سُري، سينگار، ڏَهس، ڏور، جهيڙا يا مناظرا، معجزا، ٽيھه اکريون ۽ لوڪ ڪھاڻيون آهن. ڊاڪٽر صاحب جو پي ايڇ ڊي مقالو ١٩٨٦ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري شايع ڪرايو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ، ڪراچي يونيورسٽيءَ، وفاقي اُردو يونيورسٽيءَ ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن ۾ لوڪ ادب وارن نصابي ڪتابن ۾ شامل آهي. ايم اي توڙي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارا اهو ڪتاب لازمي پڙهندا آهن. تازو ان ڪتاب جو نئون ڇاپو پيڪاڪ پبلشر ڪراچيءَ وارن شايع ڪيو آهي. اهو هڪ اهم ڪتاب آهي. سنديلي صاحب کان پوءِ يا سندس حياتيءَ ۾ جن به ٻين مُحققن لوڪ ادب تي ڪم ڪيو آهي اُنهن سمُورن ان ڪتاب مان مدد ورتي آهي ڇا ڪاڻ ته اهو ڪتاب لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي ٻَڌل آهي.
ڊاڪٽر سنديلي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سنڌي لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشيءَ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻُگهئي جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ _ ڊي ڪئي آهي جيڪا سنڌ جو ثقافت کاتو ڪتابي صُورت ۾ شايع ڪري پيو. اهو ڪم به ساراهڻ جوڳو آهي پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُميد ته اسان جا علمي ادبي ادارا ۽ نئون نسل خاص ڪري مُحقق ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيندا.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب ٻي جنوري ١٩٩٠ع تي پنھنجي گهر اسلم منزل لڳ پاور هائوس لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر سنديلي صاحب کي ڪُجهه ايوارڊ به مليا جن ۾ پاڪستان سرڪار جو پرائيڊ آف پرفارمنس به شامل آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ شاندار لائبريري پڻ ٺاهي هُئي جيڪا سندس پونير خاص ڪري ڊاڪٽر اسلم سنديلو سنڀاليندا پيا اچن. اسلم صاحب پاڻ به هڪ ليکڪ آهي. لائبريريءَ ۾ رکيل ناياب نُسخن، ڪتابن ۽ سنديلي صاحب جي ڇڏيل ورثي تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان گڏجي ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪنداسين.